زال کي دَر تي بيهاري موٽرسائيڪل پارڪ ڪندڙ مڙس موٽيو ته ڪاري وارا ڪَک، نئين ڪنوار ٻئي همراهه سان هلي وئي

ڀارت ۾ هڪ مڙس پنهنجي نئين ڪنوار کي چڙيا گهر گهمائڻ وٺي ويو، پر موٽر سائيڪل بيهاري واپس آيو ته زال اتي موجود نه هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو انوکو واقعو مڌيا پرديش رياست جي گواليار شهر ۾ پيش آيو، جتي 21 ورهين جو نوجوان پنهنجي 18 ورهين جي زال سان گڏ چڙيا گهر پهتو هو.

مڙس زال کي مُک دروازي تي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ موٽر سائيڪل بيهارڻ لاءِ هليو ويو، ٿوري دير کانپوءِ همراهه واپس آيو ته زال اتي موجود ئي نه هئي.

رپورٽن موجب عورت مبينا طور هڪ ٻئي شخص سان موٽر سائيڪل تي رواني ٿي وئي، جڏهن ته واقعي جي نگراني ڪندڙ ڪئميرا جي وڊيو پڻ سامهون اچي وئي آهي.

مڙس پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائيندي ارمان خان نالي شخص تي الزام لڳايو آهي ته هو سندس زال کي ورغلائي پاڻ سان گڏ وٺي ويو.

پوليس موجب عورت جي ڳولا جاري آهي، عورت جي هٿ اچڻ کان پوءِ ئي اهو واضح ٿيندو ته هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان وئي يا کيس ورغلائي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو واقعو پيش آيو.

You might also like