انسٽاگرام سڀني کان گوءِ هڻي وئي! لکت ڏيو، مرضي جي موسيقي چونڊيو، گانو تيار!

انسٽاگرام سڌن پيغامن ۾ هٿرادو ڏاهپ سان گيت ٺاهڻ وارو هڪ دلچسپ نئون اوزار متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي مدد سان واهپيدار ڪجهه لفظن، ڪنهن خيال يا پنهنجي لکيل ٻولن کي مڪمل گيت ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا.

هن اوزار ۾ واهپيدار پنهنجي پسند جو مختصر خيال يا ٻول لکڻ کان پوءِ موسيقيءَ جو انداز چونڊي سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ ميٽا جي هٿرادو ڏاهپ انهن لاءِ نئون گيت تيار ڪري ٿي. تيار ٿيل گيت کي سڌو سنئون انسٽاگرام جي ڳالهه ٻولهه واري خاني ۾ دوستن سان پڻ ونڊي سگهجي ٿو.

هي اوزار خاص طور وندر ۽ سماجي رابطن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. مثال طور، واهپيدار ڪنهن دوست جي سالگراهه، پاڻ ۾ هلندڙ ڪنهن مذاق يا اوچتو ذهن ۾ آيل خيال کي ڪجهه ئي لمحن ۾ مزاحيه يا نرالو گيت بڻائي سگهن ٿا.

جيڪڏهن اوهان جي کاتي تي هي اوزار موجود آهي ته ان کي استعمال ڪرڻ جو طريقو به ڪافي سولو آهي.

انسٽاگرام تي ڪنهن سان سڌي ڳالهه ٻولهه وارو خانو کوليو.

ڳالهه ٻولهه جي اوزارن مان هٿرادو ڏاهپ سان گيت ٺاهڻ وارو اختيار ڳوليو.

پنهنجو خيال، جملو يا گيت جا ٻول لکو.

موجود اختيارن مان موسيقيءَ جو انداز چونڊيو.

گيت تيار ڪريو ۽ ساڳئي ڳالهه ٻولهه واري خاني ۾ پنهنجي دوست سان ونڊي ڇڏيو.

بهرحال، هي اوزار هر واهپيدار لاءِ هڪ ئي وقت دستياب نه به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انسٽاگرام ان کي مرحليوار واهپيدارن تائين پهچائي رهيو آهي. جيڪڏهن اوهان کي اهو اختيار نظر نه اچي ته انسٽاگرام کي نئين سر اپڊيٽ ڪري، ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيهر جاچ ڪري سگهجي ٿي. اهڙي فيچر کانپوءِ انسٽاگرام سماجي رابطن واري ويب سائٽن کان گوءِ هڻي وئي آهي.

You might also like