شُوٽ نه ٿي سگهندڙ جيڪب آباد شو ۽ ”ٿر رنگ“

ياسر قاضي

اڄ مختصر ذڪر ڪرڻ لڳو آهيان پنھنجن اهڙن ٻن ٽيليويزن پروگرامن جو، جن جِي شُوٽنگ (ريڪارڊنگ) لاءِ اسان وڏا پنڌَ ڪري، ڪشالا ڪٽي ۽ سفرَ ڪري وياسين ته سھي، پر اهي سفرَ انڪري اجايا ويا، جو اهي پروگرامَ ڪن سببن جي ڪري ٿي ئي ڪونه سگهيا. انهن پروگرامن ۾ سڀني کان پھرين ذڪر ڪندس ان دؤرَ جو، جڏھن سنڌيءَ جي پھرين سيٽلائيٽ چئنل ’ڪي ٽي اين‘ جي شروعاتي ڏينھن ۾ اسان مختلف شھرن (خاص ڪري ضلعي هيڊ ڪوارٽرن) ۾ وڃي ميگا ميوزيڪل شوز منعقد ڪندا هئاسين. جنھن سلسلي جو پھريون شو لاڙڪاڻي ميونسپل اسٽيڊيم، ٻيون ميگا شو واپڊا گرائونڊ حيدرآباد ۾ ۽ ٽيون شو سکر اسٽيڊيم ۾ منعقد ڪيو ويو هو. ان ئي سلسلي ۾ ’ڪي ٽي اين‘ جي شروع وارن ڏينھن ۾ جيڪب آباد ۾ هڪ وڏو ميوزيڪل شو رِٿيو ويو، جيڪو اوتري وڏي سطح جو ته نه هو، جيتري وڏيءَ سطح جا مٿي ذڪر ڪيل شوز هئا، پر ڪنھن ڪمپنيءَ پاران ’برانڊ‘ ڪيل هڪ چڱو خاصو وڏو موسيقيءَ جو ميڙاڪو هو، جيڪو ڪرڻ لاءِ اسان فنڪارن جون ٻه وئگنُون ڀري رات جو ڪراچيءَ مان نڪتاسين، جنھن ۾ ان زماني جي مقبول توڙي اڀرندڙ راڳين سميت ’ڪي ٽي اين‘ جي ڪئميرامين ’ڪريُو‘ جا فردَ به شامل هئا ۽ آءٌ پروگرام جي ڪمپئر طور ان فنڪارن جي سٿَ ۾ شامل هئس. اهو شايد 2003ع جو سال هو. سخت گرميءَ ۾ هَڻ هڻان کانپوءِ پوري رات جو سفر طئي ڪري جڏھن اسان صبح جو بلڪه ڪچڙيءَ منجهند ويل جيڪب آباد ان ارادي سان پھتاسين ته شام جو اھو سنگيت شو ٿيندو ۽ اسان ان ۾ پرفارم ڪنداسين ته اتي پھچڻ شرط خبر پئي ته اتي ان صبح ئي جيڪب آباد جي ڪنھن درگاهه ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي، جنھنڪري سڄيءَ جيڪب آباد ۾ سوڳ جي صورتحال هئي ۽ ڪرفيوءَ جو ماحول لڳو پيو هو. تڏھن سوشل ميڊيا جو زمانو نه هو، انڪري خبرون اڄڪلهه وانگر جهنگ جِي باھه وانگر ڪونه ڦھلبيون هيون. پر گهٽ ۾ گهٽ جيڪب آباد جي نمائندي (جنھن تي ان ميگا ميوزيڪل شو کي آرگنائيز ڪرڻ جي حوالي سان انتظامن جِي به ذميواري هئي) کي اسانکي رستي ۾ ئي بروقت خبر ڏيڻ گهربي هئي، ته جيئن اسان ان واقعي ٿيڻ تائين جتي به پھتا هئاسين، اتان ئي پويان پير ڪريون ها، پر اسان جيڪب آباد پھچي چڪاسين ته پوءِ ان سانحي بابت خبر پئِي. مونکي ياد آهي ته اسان سخت گرميءَ ۾ وڃي ان هوٽل ۾ پناھه ورتي، جتي اسانجي رھائش جو انتظام ٿيل هو. هڪ هڪ ڪمري ۾ پنجن پنجن ڇھن ڇھن فنڪارن کي رڳو هٿ منھن ڌوئڻ جو موقعو ڏنو ويو. فيصلو اهو ٿيو ته مختصر قيام کانپوءِ اسانکي ان وقت ئي ڪراچيءَ ڏانھن واپسي ڪرڻي آهي. سو سڄي رات جي ڪراچيءَ کان جيڪب آباد جي وئگن جي سفر سبب چٻِي ٿيل چيلهه اڃا سڌي ئي نه ٿي هئي ۽ جهٽ سوا سمهڻ ۽ اوجاڳي کي پاڻي ڏيڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو ته وري واپسيءَ جي سفر جو سانباھو شروع ٿيو ۽ هوٽل جي ان ڪمري ۾ ڪلاڪ سوا فريش ٿي نيرن پاڻي ڪري وري ڪراچيءَ جي واپسيءَ جي سفر تي روانا ٿياسين ۽ جھڙوڪر ڏاڍي ٿي! جو جنھن ڪم لاءِ ويا هياسين، اهو ٿيو به ڪونه ۽ مفت ۾ سنڌ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين جو اچ وڃ جو سفر ڳچيءَ ۾ پيو!

اهڙي ٻي ڏاڍي ٿي هئي ٿر جي هڪ سفر ۾… پروگرام هو ’ڪي ٽي اين‘ جو ئي: ”ٿر رنگ“… ٿر جي لوڪ سنگيت تي آڌاريل هن پروگرام جِي اسان ٿرَ جي مختلف شھرن ۾ وڃي شُوٽنگ ڪندا هئاسين ۽ هر ريڪارڊنگ تي ٿر جي ڪنھن نه ڪنھن شھر ۾ وڃي ڊاٻو ڪبو هو. جتان جا مڪاني ٿري ڪلاڪارَ اڳواٽ ئي اتان جي لوڪل نمائندي معرفت ڪانڍيل هوندا هئا. جتي وڃي ”ٿر رنگ“ جُون هڪ رات ۾ 8 کان 10 محفلون ريڪارڊ ڪري، 8 کان 10 هفتن جو سافٽ ويئر کڻي واپس ڪراچيءَ پھچبو هو ۽ وري اهڙي شُوٽنگ ٻن اڍائي مھينن جي وِٿيءَ کانپوءِ رکبي هئي. ”ٿر رنگ“ ٿر ۾ ئي ريڪارڊ ڪرڻ جو سبب اهو هوندو هو جو ايڏي جهجهي تعداد ۾ ٿر جي فنڪارن کي ڪراچيءَ يا حيدرآباد گُهرائڻ اداري کي مھانگو پوندو هو، پر پنھنجي ريڪارڊنگ ٽيم موڪلي ٿر جي مختلف شھرن (خاص طور: مٺيءَ، سلام ڪوٽ، نئين ڪوٽ ۽ عمر ڪوٽ وغيره) ۾ شُوٽ ڪرڻ ان کان سستو پوندو هو. انڪري اسان ”ٿر رنگ“ کي ٿر ۾ ئي وڃي ريڪارڊ ڪندا هئاسين. جنھن تي منھنجو پھريون اعتراض اهو هوندو هو ته پويان پئنافليڪس جو ’بئڪ ڊراپ‘ لڳائڻ سان ٿر سيڙجِي اچڻ جي افاديت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ٿر جي اصل سُونھن ڪئميرا ۾ نٿي اچي. پويان پئنافليڪس لڳائي پروگرام ريڪارڊ ڪرڻو آهي ته اهو ته ڪراچيءَ يا حيدرآباد ۾ به ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ پنڌ ڪري ٿر وڃڻ جي ضرورت ڪھڙي آهي! جيڪڏھن ٿر ۾ اهو پروگرام ريڪارڊ ڪرڻو آهي ته سياري ۾ يا ٿڌن مھينن ۾ ڏينھن جو ريڪارڊ ڪجي ۽ اسٽيج جي پويان پسمنظر ۾ ٿر جُون اصل ڀِٽُون هجن يا ڪنھن پاسي ڪو چؤنرو هجي. سامھون ويٺل لوڪ به ڀِٽُن يا ڀِٽُن تي رکيل کٽُن تي ويھي روايتي ٿري انداز ۾ پروگرام ڏسي ۽ ٻڌي، تڏهن ئي ان پروگرام ۾ اصل ”ٿر رنگ“ ايندو ۽ ٿر ڪشالا ڪٽي اچڻ جو مَصرف به سمجهه ۾ ايندو.

”ٿر رنگ“ جِي پھرين پھرين ريڪارڊنگ اسان سلام ڪوٽ ۾ رکيسين. جتان لاءِ ڪراچيءَ مان صبح جو 11:00 لڳي ڌاري نڪري وڃي شام ڌاري پھتاسين. سج لٿي کانپوءِ هڪ اسڪول جي ڪمپائونڊ اندر ان جي اڱڻ ۾ ريڪارڊنگ شروع ڪرڻ جا سانباھا ڪياسين. ان شام انهن فنڪارن کي ميڙڻ ۾ اسانجي دوست ۽ سنڌ جي سرموڙ راڳيءَ شفيع فقير اسان سان سھڪار ڪيو هو، جنھن نه رڳو جهجهي تعداد ۾ مڪاني لوڪ راڳي ميڙيا هئا، بلڪه اسانجي لوڪل نمائندي جي مدد سان ٻڌندڙن ۽ حاضرين جو به گهڻو تعداد جمع ڪيو هئائين. اها چؤماسيءَ جي مُند هئي ۽ اسان شاندار ’بئڪ ڊراپ‘ سان هڪ پاسي سينگاريل اسٽيج تي سيٽ اپ لڳائي ريڪارڊنگ شروع ڪئي سين. سامهون ٻن ٽن سَوَن جي تعداد ۾ ٿري عام لوڪ حاضرين طور موجود هئا. پھرين پروگرام طور شفيع فقير جي پنھنجي محفل ريڪارڊ ڪرڻ شروع ڪئي سين. اها ريڪارڊنگ سندس پرفارمنس توڙي ريڪارڊنگ جي لحاظ کان بھترين ٿي رھي هئي ۽ حاضرين به ڀرپور داد سان بھترين شاٽس ڏئي رھيا هئا. 4 گيتن تي مشتمل ان محفل جي ريڪارڊنگ واھه جِي هلي رھي هئي ۽ اسانجو اڌ ڪلاڪ 40 منٽن جو ”ٿر رنگ“ جو پھريون پروگرام شُوٽ ٿيڻ وارو ئي مسَ هو، ۽ مون اڃا ميزبان طور پروگرام جي ٽئين گيت کان اڳ واري، شفيع فقير سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه شروع ئي مسَ ڪئي ته اوچتو ٽاڪوڙا ڪري سانوڻيءَ جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ ٿڏي تي بجلي بند ٿي وڃڻ سبب روشنين جو اھو منچ گُهگُهه اوندھه ۾ تبديل ٿي ويو. مِينھَن جو اهو لامارو ايڏو تڪڙو، اوچتو ۽ غير متوقع هو، جو مون سميت کوڙ سارا ساٿي ته برسات جي پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ اسڪول جي بلڊنگ جي اندر وڃي لڪا، حاضرين جي حيثيت ۾ آيلَ ٿر جا معصوم ڍاٽي ته ڪڻو ڪڻو ٿي اوندھه ۾ ٿاڦوڙا هڻندا پنھنجن گهرن ڏانھن هليا ويا، ڪن اسان سان گڏ اسڪول جي ڪلاس رُومس اندر پناھه ورتي، پر اسانجو ٽيڪنيڪل عملو هن اوچتي مِينھَن ۽ اُوندھه ۾ ڪئميرائن، لائيٽن، ڪئبلن (تارُن) توڙي ٻين ريڪارڊنگ جي آلن کي پُسڻَ کان بچائڻ لاءِ ڄڻ ته چريو ٿي ويو. سائونڊ وارن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته ڇپَ جيڏا اسپيڪر وسڪاري کان بچائن، مڪسر کي ڍَڪِين يا اسٽيج تي لڳل مائڪروفون ۽ انهن جون ڪئبلون ڀِڄڻ کان بچائين. اسان ان انتظار ۾ هئاسين ته وسڪارو ڪُجهه جَهڪو ٿئي ته ان فيصلي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچجي ته ان رات وڌيڪ پروگرامن جي ريڪارڊنگ ڪري سگهبي يا نه! پر مِينھن بيھڻ جو نالو وٺي ته ڪجهه سوچجي نه! مِينھَن چيو: ”اڄ نه وسان ته باقي ڪڏھن وَسان!“ سو لاڳيتو ڏيڍ ٻه ڪلاڪ شديد وسڪاري ۾ اسان اسڪول جي ڪلاس رُومس ۾ اوندھه ۾ (فقط ان دؤر ۾ رائج ننڍين موبائيل فونين جي ٽارچن جي سوجهري تي) ويٺا وسڪاري بند ٿيڻ جو انتظار ڪندا رھياسين ته اسان توبھه ڪئي ريڪارڊنگ کان! رڳو مِينھُن بيھي! ان وچ ۾ اهو نه چاھيندي به طئي ٿي چُڪو ته ان رات وڌيڪ پروگرامن جي ريڪارڊنگ ڪرڻ ممڪن ڪونه ٿيندو. نيٺ برسات بند ٿيندي ئي اسان ٽپڙَ ويڙهي، انهن ئي گاڏين تي وايا مٺي ۽ بدين، حيدرآباد آياسين. جتان پوءِ ڪراچيءَ آياسين. ان رات اهو شديد برسات جو سلسلو حيدرآباد تائين وَسيل مليو. بدين مان سڌو ڪراچيءَ نه اچڻ جو سبب اهو هو ته ڪئميرا ٽيم جا ڪجهه ساٿي حيدرآباد مان آيا هئا، جيڪي آيا ته پنھنجي مُنھن سِڌا حيدرآباد مان هئا، پر مِينھوڳيءَ واري صورتحال جي ڪري کين واپس حيدرآباد ڇڏڻ ضروري هو. انڪري انھن کي لڳ ڀڳ 11:00 لڳي رات جو حيدرآباد ڇڏي، حيدرآباد ۾ ئي رات جِي ماني کائي، پوءِ ڪراچيءَ لاءِ نڪتاسين. ان ٽه وَڪڙي پنڌ سبب وقت به گهڻو لڳو ۽ تڪليف به ڏاڍي آئي، پر بھرحال فجر مھل اچي ڪراچيءَ گهر پھتاسين ۽ سلام ڪوٽ جو اهو چڪر به پُورو بيڪار گذريو ۽ ايئن لڳو ڄڻ شفيع فقير جي ان اڌ پروگرام جي ريڪارڊنگ لاءِ سِيڙجِي سلام ڪوٽ وياسين.

You might also like