رٽائرڊ ملازمن جي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن

تحرير:   شيخ محمد هاشم

نگران حڪومت جي ايجنڊا ”ملڪ مان  قبضا مافيا جو خاتمو“ هڪ سٺو فيصلو آهي. ”اسان جي پاليسي ڪمزورن کي سهارو ڏيڻ  هوندي.“ اسان نگران حڪومت جي انھن جملن کي اميد جو ڪرڻو سمجھون ٿا.جيڪي ھنن جي تقريرن ۾ عھد ۽ وعدن ڏانهن اشارو ڪندي نظر اچن ٿا. اسان ملڪ جي مختلف حصن  خاص ڪري  ڪراچي ۾ موجوده نگران حڪومت جي پاليسيءَ قبضن ۽رشوت خوري جي خاتمي تي زور شور سان ڪم ڪندي بھ ڏٺو آهي. انھي اميد جي ڪرڻي کي نظر ۾ رکندي نگران حڪومت جي اختيارين ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان جو ڌيان پاڪستان اسٽيل مل جي مظلوم ريٽائرڊ ملازمن جيڪي گلشن حديد فيز 3 جا الاٽيز پڻ آھن انھن جي زمينن  تي قبضن ڏانھن ڇڪائڻ چاھيان ٿو.

پاڪستان اسٽيل پنهنجي ملازمن لاءِ ٻه رهائشي منصوبا گلشن حديد فيز 1 ۽ فيز 2 جوڙيا ھئا.جيڪي ھن وقت ڳتيل آبادي جي صورت اختيار ڪري چڪا آھن.

2006ع ۾ پاڪستان اسٽيل جي چيف ايگزيڪيوٽو ريٽائرڊ  جنرل عبدالقيوم صاحب گلشن حديد فيز 3 ۾ باقي ملازمن کي پلاٽ ڏيڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي ان اسڪيم مان هزارين ملازمن لاٽري ذريعي فائدو ورتو.

2008ع  ۾ جڏهن جمهوريت جو سج اڀريو ته بدقستمي سان  ملازمن جي مستقبل جي سج کي گرھڻ لڳڻ شروع ٿي ويو. جيئن اسٽيل مل جي سمورن  اڪائونٽس ۾ ڌاڙا ھنيا ويا، اھري طرح  گلشن حديد فيز ٿري جي الاٽيز کان ترقياتي ڪمن لاءِ مختص ڪيل رقم لڳ ڀڳ هڪ ارب ۽ 16 ڪروڙ رپيا به، علي بابا ۽ چاليھه چورن جي ھٿن ۾ اچي وئي. جنهن سبب بدقسمتي سان گلشن حديد فيز 3 جي زمين تي ترقياتي ڪم شروع نه ٿي سگهيو.بي يارومددگار بدنصيب ملازمن جو پلاٽ تي تعمير ڪرڻ ۽ اتي رھڻ جو خواب بھ ٽٽي ويو. ڦرلٽ جي ان ماحول ۾ هڪ طاقتور قبضي مافيا ظاهر ٿي ۽ گلشن حديد فيز 3 ۾ اڳ ۾ ئي الاٽ ٿيل پلاٽن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.

هڪ پاسي پاڪستان اسٽيل مل گذريل 8 سالن کان بند پيل آهي ۽ ملازمن جي پنھنجي جمع پونجي ”پراويڊنٽ فنڊ“ جي رقم بھ ،واڳوئن جي پيٽ جي نذر ٿي وئي.تھ ٻئي طرف طاقتور قبضي مافيا ٽي سئو کان وڌيڪ ملازمن جي پلاٽن تي قبضو ڪري ورتو، قبضا مافيا گروپ ۽ پاڪستان اسٽيل انتظاميه جي ملي ڀڳت سان  گلشن حديد فيز 3 جي منصوبي تي ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو ، جنهن جو مالي ۽ ذھني نقصان گذريل  سترنھن  سالن کان گلشن حديد فيز 3 جا سمورا الاٽيز ڀوڳي رھيا آھن.بدحالي جي ڪمزور انتظاميھ بظاھر ڏيکاءَ جي لاءِ عدالت کان رجوع ڪري ڇڏيو آھي.

جڏهن ملازم پنھنجي  الاٽمينٽ ۽ قسطن جي ادائيگي جا دستاويز کڻي پلاٽن تي پھچن ٿا ته قبضا مافيا جا ماڻھو انھن کي مارڪٽ ڪري ٻيھر ھن پاسي نھ اچڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا.

صورتحال ھي آھي تھ بي يارومددگار الاٽيز جي زمينن تي گھرن جي ناجائز تعمير ڪئي پئي وڃي. ڪيترا ئي الاٽيز ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي شڪايتي سيل  انٽري بھ ڪرائي چڪا آھن.

گلشن حديد فيز 3 جا ڪمزور ترين  الاٽيز ، درخواست ڪن ٿا تھ ڪمزور طبقن کي طاقت بخشڻ جو واعدو ڪندڙ موجوده نگران حڪومت، سنڌ جو نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صاحب پنهنجا اختيار استعمال ڪن ۽ گلشن حديد فيز 3 جي  پلاٽن تان قبضو  ختم ڪرائين  ۽ پاڪ اسٽيل مل جي انتظاميه کي ڊيولپمينٽ ڪرائڻ جو حڪم فرمائين.جهڙي طرح ڪراچي مان غير قانوني حددخلين جو خاتمو زور شور سان جاري آھي ۽ غير قانوني قبضن ڪندڙن کي سختي سان منھن ڏنو پيو وڃي.اھڙي طرح  گلشن حديدد فيز 3 ۾ پڻ قبضا مافيا جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

هڪ پاسي پاڪستان اسٽيل مل گذريل 8 سالن کان بند پيل آهي ۽ ملازمن جي پنھنجي جمع پونجي ”پراويڊنٽ فنڊ“ جي رقم بھ واڳوئن جي پيٽ جي نذر ٿي وئي.تھ ٻئي طرف طاقتور قبضي مافيا ٽي سئو کان وڌيڪ ملازمن جي پلاٽن تي قبضو ڪري ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.