پير پٺو: تاريخي ماڳ کي بچائڻ جي ضرورت

تحرير: ابراهيم آزاد خشڪ

ننگر پير پٺو جنهن نه ڏٺو تنهن ڪجهھ به ناهي ڏٺو، اها چوڻي ٺٽي جي ماڻھڻ خوب ٻڌي هوندي پر اها ٻڌڻي ماضي جي پيرپٺي جي شاهڪار هجڻ جي عڪاسي ڪري ٿي.پير پٺو جيڪو گهوڙاٻاڙي تعلقي جي ور شھر کان ٽي ڪلوميٽر گهوڙاٻاڙي شھر طرف ويندڙ هڪ  رستي تي هڪ جابلو ٽڪري تي مشتمل هڪ قديم قبرستان آھي جنهن ۾ ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شھيد مالڪ خشڪ جي قبر پڻ آهي، ان سان گڏ سنڌ تي ڪاه ڪري آيل محمد بن قاسم جي ٻن محرابن واري هڪ بهترين مسجد ۽ هڪ وڏو ٽاور جيڪو ڊهي پٽ ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ٺاهيو ويو آھي.پيرپٺي تي هڪ قديم عاليشان عار جو شھر پڻ آباد ٿيل هو جتي هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻھن جي اڪثريت آباد ٿيل هئي عار جي شھر کان هيٺ سمنڊ ئي سمنڊ هوندو انهي سمنڊ وسيلي پري پري کان واپاري پنهنجن ٻيڙن وسيلي عار جي شهر واپاري سانگي ايندا رهندا هئا پيرپٺي تي ٺھيل ٽاور ٻيڙن لاءِ لائيٽ هائوس طور ڪتب ايندو هو جنهن کي ڏسي رات جي اُنڌاهي ۾ ڀٽڪيل واپاري ٻيڙا آڻي لنگر انداز ٿيندا هئا.ائين کڻي چئجي ته تاريخ دانن کان ديبل بندر گاه بابت ڪجھه غلطيون ٿي ويون ڇو جو ماضي جو ديبل بندرگاه پيرپٺو ئي هوندو هو. جتان محمد بن قاسم هن شھر تي حملي آور ٿي  وڏي ڦرلٽ ڪري باهيون ڏئي ساڙي سڄو شھر برباد ڪري ڇڏيو. اڄ به پيرپٺي تي ساڙي تباه ڪيل عار جي شهر جا نشان موجود آھن بس ضرورٿ آھي ته هن تباه ٿيل عار جي شھر بابت تاريخ دانن ۽ کوجنا ڪندڙ جي هڪ نظر جي ضرورت آھي جتان کين ديبل بندر گاه بابت سڄو مواد ملي ويندو.ماضي جي حملي آوارن جا ستم سهي سينو ساهي بيهندڙ پير پٺي جي پيٽ کي چيري ذوالفقار آباد ڪوسٽل هاءِ وي لاءِ پٿر ۽ مٽي ڪڍي هن قديم ٽڪري کي تباه ڪري آثار قديمه ۽ قبرستان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر انهي طرف ڪنهن جو به ڌيان ناهي.جيڪڏهن جلد ئي هن طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته هي قديم قبرستان ۽ پيرپٺو پنهنجو وجود وڃائي ويهندا…

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.