مولانا محمد خان شيراني 92 ورهين جي عمر ۾ ٻي شادي ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري عالم ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين مولانا محمد خان شيراني 92 ورهين جي عمر ۾ ٻي شادي ڪري ڇڏي.
رپورٽن موجب مولانا محمد خان شيراني جو نڪاح گلگت بلتستان سان واسطو رکندڙ عورت سان ٿيو، جنهن جي تقريب اسلام آباد ۾ ٿي.
عالمن ۽ معزز شخصيتن طرفان مولانا محمد خان شيراني کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي.
مولانا محمد خان شيراني تصديق ڪندي چيو ته هي منهنجو ٻيو نڪاح آهي، پهرواري گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.