پاڪستان ۾ بريسٽ ڪينسر – وڌندڙ خطرو ۽ بچاءَ جي اميد

تحرير: ماريا اسماعيل

 پاڪستان ۾ عورتن جي صحت سان لاڳاپيل سڀ کان وڏو ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ مرض "بريسٽ ڪينسر” يا ڇاتي جو سرطان آهي۔ هر سال لڳ ڀڳ 92 هزار عورتون هن مرض جو شڪار ٿين ٿيون، جن مان لڳ ڀڳ 40 هزار عورتون حياتي وڃائي ويهن ٿيون۔ ماهرن موجب پاڪستان ۾ هر نَو مان هڪ عورت کي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي ۾ بريسٽ ڪينسر ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن. جيڪا شرح ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي۔بريسٽ ڪينسر تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڇاتي جا سيلز (cells) غيرمعمولي نموني وڌڻ شروع ڪن ٿا ۽ اهي جسم جي ٻين حصن تائين به پکڙجي سگهن ٿا۔ اهو گهڻو ڪري دودھ پيدا ڪندڙ نالن (ducts) يا غدودن (lobules) مان شروع ٿئي ٿو۔ابتدائي مرحلي ۾ گهڻيون عورتون ڪا علامت محسوس نه ڪنديون آهن، تنهنڪري عورتن کي گهرجي ته هو پاڻ جو جائزو (self-examination) باقاعدي ڪن ۽ هر سال ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائن۔علامتون ڪيريون هونديون آهن جنهن ۾ ڇاتي ۾ گلٽي يا سختي محسوس ٿيڻ آهي .ڇاتي جي چمڙي يا نپل ۾ تبديلي اچڻ،نپل مان رت يا مادو خارج ٿيڻ،بغل ۾ سوجن يا سور ٿيڻ ۽ ڇاتي جي سائيز يا شڪل ۾ اوچتو تبديلي اچڻ شامل آهي .اهي سڀ علامتون لازمي طور ڪينسر نه هونديون آهن، پر ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ضروري آهي۔

بريسٽ ڪينسر جو سبب هڪ نه پر ڪيترائي آهن۔ جيڪڏهن خاندان ۾ ڪنهن ويجهي عورت کي اهو مرض ٿيو هجي ته خطرو وڌي وڃي ٿو۔ BRCA1 ۽ BRCA2 جينز ۾ تبديليون پڻ اهم سبب آهن۔ عمر ۾ واڌ، دير سان شادي يا ٻار نه ٿيڻ به اثرانداز ٿين ٿا۔غيرمتوازن خوراڪ، موٽاپو، ورزش جي کوٽ، تمباکو نوشي ۽ ذهني دٻاءُ خطري کي وڌائين ٿا۔ آلودگي، مصنوعي هارمونز يا غيرصحت مند تيلن جو استعمال به ڪينسر جا امڪان وڌائي سگهي ٿو۔پاڪستان ۾ سرڪاري ۽ خانگي  ادارن جي انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ بريسٽ ڪينسر جا ڪيس وڌي رهيا آهن۔ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (PIMS) موجب هر سال لڳ ڀڳ 90 هزار کان 92 هزار نيون مريضون رپورٽ ٿين ٿيون۔حيدرآباد ڪينسر رجسٽري (2020–2023) موجب سنڌ ۾ رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر سڀ کان وڌيڪ هو۔ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ان جي شرح تمام گهڻي آهي۔ماهرن موجب، شهري علائقن ۾ آگاهي مهمون هجن باوجود، ديهي سنڌ ۾ اڃا به عورتون بيماري لڪائن ٿيون يا علاج جي خرچ کان ڊڄن ٿيون، جنهن سبب تشخيص دير سان ٿئي ٿي ۽ علاج مشڪل بڻجي وڃي ٿو۔

۔ڊاڪٽر صدف حفيظ چوهاڻ، سربراهه شعبه نفسيات، سليم حبيب يونيورسٽي، چيو ته بريسٽ ڪينسر جا مريض نه رڳو جسمي پر ذهني سهڪار جا به محتاج هوندا آهن ته جيئن علاج دوران حوصلا برقرار رکن۔ڊاڪٽر بلقيس شيخ، معروف هربلسٽ، عورتن کي صلاح ڏني ته هو پروسيسڊ ۽ جنڪ فوڊ گهٽ ڪن، ورزش کي معمول بڻائن ۽ قدرتي خوراڪ وڌائين، جيئن قوتِ مدافعت مضبوط ٿئي۔

بريسٽ ڪينسر کان بچاءُ ممڪن آهي جيڪڏهن عورتون پنهنجي صحت تي ڌيان ڏين .هر مهيني هڪ ڀيرو پاڻ جو معائنو (Self Examination) ڪن۔40سالن کان پوءِ هر سال ميموگرافي ڪرائن۔وزن تي ڪنٽرول رکن، روزانو هلڪي ورزش ڪن، تريل ۽ ميٺي خوراڪ گهٽ ڪن۔

ٻارن کي کير پيارڻ، بريسٽ ڪينسر جو خطرو گھٽ ڪري ٿو۔سماجي، تعليمي ۽ گھريلو سطح تي عورتن کي آگاهي ڏيڻ سڀ کان اهم آهي۔سنڌ جي خاص طور تي ديهي علائقن ۾ تعليم ۽ آگاهي جي کوٽ سبب ڪيس دير سان سامهون اچن ٿا۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ مقامي ادارا گڏجي ڳوٺ ڳوٺ آگاهي مهمون هلائن، عورت هيلٿ ورڪرز کي تربيت ڏين ۽ مفت ميموگرافي سينٽر قائم ڪن ته هزارين زندگيون بچائي سگهجن ٿيون۔رتھ ضياءَ، پرنسپل نرسنگ ڪاليج، ۽ شڪيل خان (آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي) چيو ته صحتمند طرزِ زندگي ۽ خانداني سهڪار عورتن کي بيماريءَ خلاف مضبوط بڻائي ٿو۔بريسٽ ڪينسر کان متاثر عورتون جنهن ۾ سينيئر صحافي ۽ بريسٽ ڪينسر سروائيور عافيه سلام چيو ته عوامي سطح تي آگاهي مهمون تمام ضروري آهن ته جيئن ماڻهو حفاظتي قدم اختيار ڪن۔ هن ڪراچي ۾ ايڇ پي وي ويڪسين مهم جي ناڪاميءَ جو حوالو ڏيندي چيو ته بغير آگاهي جي ڪو به صحت پروگرام ڪامياب نٿو ٿي سگهي۔اين ايف ايڇ اي جي سيڪريٽري جنرل، رقيه نعيم، پنهنجي اٺ سال اڳ واري ڪامياب جدوجهد شيئر ڪندي ٻڌايو ته هن بيماري کي اسٽيچ ٽو تي شڪست ڏني۔ هن پنهنجي فيملي جي سهڪار ۽ حوصلي کي پنهنجي صحت يابي جو وڏو سبب قرار ڏنو۔بريسٽ ڪينسر هڪ خطرناڪ پر قابلِ علاج بيماري آهي، بشرطيڪه وقت تي سڃاتي وڃي۔ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتون اعتماد سان پنهنجي صحت جو خيال رکن، سماج هن موضوع کي شرم يا خوف بدران ذميواري سان وٺي، ۽ حڪومت آگاهيءَ سان گڏ مفت علاج جون سهولتون وڌائي۔زندگي بچي سگهي ٿي . جيڪڏهن وقت تي تشخيص ٿئي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.