رڳو پنجاب کي ٽوڙي وڌيڪ صوبن ۾ ورهايو

تحرير: اعجاز ممنائي

1947ع واري آزادي کان پوءِ، هندستان ۽ پاڪستان ٻه الڳ ملڪ بڻجي ويا. هندستان عوامي مطالبن جي بنياد تي نوان صوبا ٺاهڻ جو عمل شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. آزاديءِ جي وقت، يوپي (اتر پرديش) هندستان جو سڀ کان وڏو علائقو هو، ان کي وڌيڪ صوبن ۾ ورهائڻ جي ضرورت هئي، وقت گذرندي سڀئي قياس آرائيون ختم ٿي ويون. هندستان جو وفاق ڪمزور ٿيڻ بدران مضبوط ٿي ويو آهي. ٻئي طرف، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا 28 صوبن جي اضافي سان هندستان ٽٽي ويو آهي؟ هي هندستان جي مثال آهي، جيڪو رقبي ۾ اسان کان ڪيترائي ڀيرا وڏو آهي ۽ جتي 15 کان وڌيڪ مذهبن (اقليتن) جا پيروڪار آهن. دنيا جي گهٽ آبادي وارن ملڪن ۾ صوبن جو تعداد پڻ وڌيڪ آهي. اسان جو ويجهي پاڙيسري، افغانستان، جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ 36 ملين آهي؛ افغانستان ۾ به 34 صوبا آهن هاڻي انهن کان پڇجي ته ڇا افغانستان گهڻن صوبن جي ڪري ترقي ڪئي نه ڪئي آهي؟ سوماليا ۾ 14 صوبا آهن ڇا سوماليا پاڪستان کان وڌيڪ ترقي نه ڪئي آهي۔ پاڪستان جي ٺهڻ وقت هندستان ۾ 14 صوبا هئا، جڏهن ته هاڻي اهو انگ 34 کان وڌي ويو آهي. نون صوبن جي قيام سان انتظامي مسئلن کي حل ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو آهي ۽ مقامي سياستدانن کي انتظاميه ۾ حصو وٺڻ جا موقعا ملندا آهن.

 پاڪستان ۾ مختلف وقتن تي نوان صوبا قائم ڪرڻ جا مطالبا ٿيندا رهيا آهن، پر انهن مطالبن کي ڇو دٻايو ويو آهي؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي. اسان جي پياري ملڪ جي چئن صوبن مان پنجاب تمام وڏو صوبو آهي۔ ان جي آبادي ٻين ٽن صوبن کان به وڌيڪ آهي۔اهو ايترو وڏو آهي جو ڪوبه صوبي جو وڏو وزير پنهنجي پنج ساله حڪومت جي دور ۾ هڪ ڀيرو به ان پنهنجي سڄي صوبي جو دورو ڪري ۽ پنهنجي ماڻهن جي اصل صورتحال کان واقف نه ٿو ٿي سگهي.انڪري ڏکڻ پنجاب صوبي بابت بل جلد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ انتظامي سيڪريٽريٽ بهاولپور ۾ قائم ڪئي وڃي. ان سان پارليامينٽ ۾  ڏکڻ پنجاب جي الڳ  نمائندگي به ٿي ويندي ۽ سمورا مسئلا به حل ٿي ويندا.پر سياسي پارٽين جا پنهنجا پنهنجا مفاد آهن جيئن پنجاب اندر (ن) ليگ جي سينٽرل پنجاب جي مضبوط پارٽي آهي، جيڪا سينٽرل پنجاب کٽيندي آهي ته اها ئي سڄي پنجاب تي حڪومت ڪندي آهي تنهنڪري ڏکڻ پنجاب کي پاڻ وٽ رکڻ لاءِ سينٽرل پنجاب هٿ ۾ هجڻ ضروري سمجهي ٿي ائين جيڪا پارٽي سڄو پنجاب کٽي ايندي اها ئي وفاقي حڪومت ٺاهيندي رهي آهي، ڇوته هڪڙي پنجاب صوبي وٽ ٽنهي صوبن کان وڌيڪ قومي اسيمبليءِ جون سيٽون آهن. ان ڪري (ن) ليگ ڪڏهن به پنجاب اندر ٻه يا ٽي صوبا ٺاهي پنهنجي پوزيشن ڪمزور ڪرڻ نه ٿي چاهيندي.جڏهن ته هڪ صوبي مان وڌيڪ صوبا ٺاهڻ عوام جي ضرورت آهي۔

 پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 239 ۾ واضح لکيل آهي ته جيستائين صوبائي اسيمبلي 2/3 اڪثريت سان نون صوبن جي گهُر نه ڪندي تيستائين ڪوبه نئون صوبو نه ٺهي سگهندو. نه رڳو صوبائي اسيمبلي 2/3 اڪثريت سان بل منظور ڪري پر اهو ساڳيو بل وري سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان به ساڳي اڪثريت يعني 2/3 ميمبرن جي ووٽن سان پاس ٿئي تڏهن وڃي نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا ته پوءِ پنجاب اسيمبلي ڏکڻ پنجاب جي عوام جي مطالبي کي اهميت ڇو نه ٿي ڏئي هي بل وقت جي اهم ضرورت آهي ڏکڻ پنجاب جي وزيرن کي ان پنهنجي جائز حق لاءِ ڀرپور آواز اٿارڻ گهرجي ۽ پيپلز پارٽيءِ کي ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي. ماضيءِ ۾، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي ۾ ملتان، بهاولپور ۽ ڊي جي خان ڊويزن کي شامل ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو، جنهن ڪجهه وضاحت ڏني هئي ته حڪمران پارٽي جي ذهنن ۾ ڏکڻ پنجاب بابت ڇا ٿي رهيو آهي؟ اهي ڪهڙا علائقا ان ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا، پر ڪجهه حلقا اهو تجويز ڪري رهيا آهن ته ملتان، بهاولپور ۽ ڊي جي خان ڊويزن سان گڏ، سرگوڌا ڊويزن جا ٻه ضلعا، ڀڪر ۽ ميانوالي، کي به ڏکڻ پنجاب صوبي ۾ شامل ڪيو وڃي. ساڳئي طرح، فيصل آباد ڊويزن مان جهنگ ضلعي کي الڳ ڪرڻ ۽ ان کي تجويز ڪيل نئين صوبي ۾ شامل ڪرڻ بابت پڻ راءِ ڏني ويئي آهي. هن وقت پنجاب ۾ نو ڊويزنون آهن (پنڊي، لاهور،فيصل آباد، گجرانوالا، سرگوڌا، ساهيوال، ملتان، بهاولپور، ڊي جي خان) شامل آهن.

 هن وقت پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جي ڪل 272 سيٽن مان 141 سيٽون (88.51) آهن. جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب کي الڳ ڪيو وڃي ته پنجاب ۾ پنجانوي سيٽون (95.34) هونديون. اهڙي طرح ننڍن صوبن جي محرومي جو احساس ختم ٿي ويندو، ڇاڪاڻ ته مرڪز ۾ حڪومت صرف پنجاب مان سيٽون حاصل ڪري ئي ٺاهي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ اتر پنجاب (پنڊي ڊويزن 13 سيٽون) جي هڪ سياسي ورڇ پڻ آهي، جنهن جي سياست ضروري ناهي ته مرڪزي پنجاب، يعني لاهور، گجرانوالا وغيره جي ساڳئي نموني تي هلي. ننڍن صوبن کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏيو ڇوته اهي صوبا آباديءِ يا پکيڙ جي لحاظ کان پڻ ننڍا آهن. ملڪ ۽ قوم جي بهتري ان ۾ آهي،ته پنجاب کي ٽن کان چئن صوبن ۾ ورهائي الڳ اسيمبليون قائم ڪيون وڃن ان سان وفاق جي حيثيت متاثر نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.