اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر ججز ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ترميمن ۽ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي شموليت تي اعتراض اٿاري ڇڏيا.
جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر 11 صفحن تي ٻڌل خط ۾ چيو آهي ته ڪائونسل ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر جي شموليت نامناسب آهي، ان بابت اپيل ٻڌڻي هيٺ آهي، چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري خلاف به ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، ٻنهي ججن کي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جوڙيندڙ اجلاس جو حصو نه هجڻ گهرجي.
خط ۾ ٻنهي ججن لکيو آهي ته چيف جسٽس اسان جي ڳالهه سان متفق هو ته آرٽيڪل 209 تحت رڳو سپريم جڊيشل ڪائونسل ئي ضابطا جوڙي سگهي ٿي پر هن ڀيري ڪجهه ٻيو ٿيو، سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ شامل 3 چيف جسٽسز نيشنل جڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي ميمبر طور اڳ ۾ ضابطن جي منظوري ڏني، پوءِ انهن کي جڊيشل ڪائونسل ۾ به ويهي منظور ڪيو، اها آئين جي ڀڃڪڙي آهي، انهن ميمبرن کي سپريم جڊيشل ڪائونسل مان ڪڍي ترميم ڏسڻ گهرجي ها.
جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر خط ۾ چيو آهي ته ترميمن سان عدليا جي آزادي کي ڪمزور، شفافيت کي محدود ۽ اختيارن کي هڪ شخص تائين محدود ڪيو پيو وڃي، تجويز ڪيل ترميمون خطرناڪ ۽ عالمي قدرن جي به خلاف آهن، اهي مخصوص ججن جو آواز دٻائڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿيون.
خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان هڪ آزمائشي دور مان گذري رهيا آهيون، جمهوريت دٻاءَ جو شڪار آهي ۽ آئيني ادارن جو امتحان آهي، اهڙي ماحول ۾ بي خوف، مضبوط ۽ آزاد عدليا ئي عوام جي آخري اميد آهي.
جسٽس منصور ۽ جسٽس منيب جو سپريم جڊيشل ڪائونسل نالي خط، چيف جسٽس ۽ جسٽس سرفراز تي اعتراض
You might also like