پنهنجي پٽن کي آر ايس ايس ۽ ڌيئرن کي بي جي پي کان بچايو: پرڪاش راج

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ناليواري بالي ووڊ اداڪار پرڪاش راج هڪ ڀيرو ٻيهر حڪمران جماعت بي جي پي ۽ انتها پسند تنظيم آر ايس ايس خلاف سخت موقف اختيار ڪندي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي ٻارن کي انهن کان محفوظ رکن.
پرڪاش راج ايڪس تي هٿرادو ڏاهپ سان ٺاهيل هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري نظر اچي رهيا آهن، انهن جي ٽي شرٽس تي لکيل هو ته ”پٽ کي آر ايس ايس کان بچايو، ڌيءُ کي بي جي پي کان بچايو“.
اداڪار پنهنجي پوسٽ ذريعي والدين کي خبردار ڪيو ته اهي پنهنجي ٻارن کي اهڙي سياست کان پري رکن، جيڪا نفرت ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏئي ٿي.
رپورٽن موجب پرڪاش راج اهو بيان پنهنجو هڪ ويجهو دوست مبينا طور بي جي پي جي غنڊن هٿان مارجڻ کانپوءِ ڏنو آهي.
هو وڏي عرصي کان بي جي پي جي مذهبي نفرت تي ٻڌل سياست خلاف آواز اٿاريندو رهندو آهي ۽ سدائين انسانيت، امن ۽ رواداري جو پيغام ڏيندو آهي، گذريل مهيني هن مظلوم فلسطينين جي حق ۾ به آواز اٿاريو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.