پاڪستان ۽ ايران ۾ واپاري سهڪار جا نوان امڪان روشن

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايراني قونصل جنرل مهران موحدفر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران هن وقت معاشي سهڪار وڌائڻ لاءِ بهترين پوزيشن ۾ آهن ۽ ٻنهي ملڪن کي موجوده حالتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي.
لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ خطاب ڪندي ايراني قونصل جنرل چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپا مثالي آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ٻن ايراني صدرن پاڪستان جو دورو ڪيو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون.
هن ٻڌايو ته تازي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ پاڪستاني اختيارين وچ ۾ 12 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، جن مان 11 معاهدا واپار ۽ معيشت بابت هئا.
سندس چوڻ هو ته گذريل سال ايران پاڪستان مان 400 ٽن چانور، 30 هزار ٽن گوشت، 2 لک ٽن مڪئي ۽ جانورن جي چاري سميت مختلف زرعي جنسون درآمد ڪيون، ايران ٻه طرفي واپار کي 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جو خواهشمند آهي ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ايل سي سي آءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
مهران موحدفر ايل سي سي آءِ جي صدر فهيم الرحمان سيگل کي جنوري ۾ تهران ايڪسپو ۾ بزنس وفد سان گڏ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا سيگل قبولي ورتي.
ان موقعي تي فهيم الرحمان سيگل چيو ته پاڪستان ۽ ايران نه رڳو سٺا پاڙيسري پر مذهبي، تاريخي ۽ ثقافتي رشتن ۾ به ٻڌل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.