حڪومت جو نوجوانن کي هٿرادو ڏاهپ ۽ ڊجيٽل مهارتن جي تربيت ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي نوجوان پروگرام تحت ڊجيٽل اسڪلز ٽريننگ آف ٽرينرز منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعاتي مرحلي ۾ 200 نوجوان ٽرينرز کي هٿرادو ڏاهپ، اي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ ڊيٽا ايناليٽڪس جي آن لائن تربيت ڏني ويندي.
پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهو قدم وزيراعظم جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن جي عملي صورت آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن کي عالمي معيار جون ٽيڪنيڪي مهارتون فراهم ڪرڻ آهي.
ان منصوبي تحت شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۽ چين جي ادارن مان گڏيل سندون ڏنيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.