مشڪور ڦلڪاري جي ڪتاب ”سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه“ جو مختصر اڀياس

تحرير: امين جويو

مشڪور ڦلڪاري جو هي ڪتاب سن 2016ع ۾ ” ريڊيو وائيس آف لنڊن“  ۽ ” ورلڊ سنڌي ڪانگريس“  وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي . هن ڪتاب ۾ ليکڪ سنڌي ٻوليءَ جي پهرئين ٻاونجاهه اکري – سنڌو حرفي شاعري ۽ ٻيو ڪلام پيش ڪيو آهي. ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب ۾ سنڌي الفابيٽ ۾ موجود نِج سنڌي اکرن ( ڃ ، ڙ ، ڻ ، ء ، ڱ ) سان شروع ٿيندڙ ٺيٺ سنڌي لفظ به ڏنا آهن ۽ ان سان گڏ هن انهن اکرن جو استعمال پنهنجي شاعريءَ ۾ به ڪيو آهي . ان حوالي سان هي هڪ نئون ۽ منفرد ڪم آهي ، جنهن جي ڪَٿ تاريخ پنهنجي سِر پاڻ ڪندي!.

ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛ ”شهيد مخدوم بِلاول ، سيد شاهه حيدر سنائي ، صوفي شاهه عنايت شهيد ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي ، سائين جي ايم سيد ، شيخ اياز ۽ عبدالواحد آريسر جي نانءِ“.

هن ڪتاب بابت لکندي امداد اوٺي صاحب لکيو آهي ته ؛ ” هن ڪتاب جو مواد مشڪور ڦلڪاري صاحب جي آواز ۾ ئي، ( ريڊيو وائيس آف سنڌ ، لنڊن ) تان نشر ڪيو ويو آهي ، ان ڪري مون هن مواد کي چڱي ڌيان سان ٻڌو آهي ، هن موقعي تي مان اهو به ٻڌائيندو هلان ته مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي تاريخ بابت پنجويهه عدد ليڪچرن جو مواد پڻ ريڊيو وائيس آف لنڊن تان هڪ سيريز جي حيثيت ۾ نشر ڪيو ويو آهي، جيڪو خود هڪ تاريخي اثاثو آهي. آئون مشڪور ڦلڪاري کي جَس ڏيندس ، جنهن ريڊيو وائيس آف لنڊن سان سهڪار ڪيو آهي ۽ مان اميد ٿو رکان ته هي سلسلو باقائدگيءَ سان جاري رهندو.“

ان کان سواءِ مشڪور ڦلڪاري جي هن ڪتاب تي ، ڊاڪٽر هدايت ڀُٽي ، عبدالواحد آريسر ، تاج جويي ، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ۽ اعظم ڀٽي پنهنجا وِيچارَ ونڊيا آهن ۽ مجموعي طور تي سڀني ليکڪ جي هن ڪاوش کي ساراهيو آهي.

ليکڪ پنهنجي پاران لکيل حصي ۾ پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي ڪم جو تفصيل سان ذڪر ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي تحقيقي سفر ۽ هڪ نئين سوچ بابت آگاهه ڪيو آهي. جنهن ۾ ليکڪ جو موقف آهي ته ؛ ”ٺيٺ سنڌي اکرن ( ڱ ، ڙ ، ڃ ، ء ۽ ڻ ) سان ڪجهه لفظ شروع ٿين ٿا.

انهن لفظن جا مثال؛ (ڙ) سان ”ڙاڪون“ ، (ڃ) سان ”ڃُونڃڻ“ ، ( ء ) سان ” ئوئان “ ۽ ( ڻ ) سان ” ڻڻو“ آهن .

ليکڪ پنهنجي هن موقف کي هَٿي ڏيڻ لاءِ مٿي بيان ڪيل لفظن سان ڪجهه شعر پنهنجي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيا آهن ته جيئن اهي لفظ ماڻهن ۾ عام ٿين.

انهن شعرن منجهان پنج عدد چونڊ شعر هتي ڏجن ٿا ؛

ڃوڃڻ ڇني آءُ تون ، ڪهڙي ڪرين ڪٿ،

آهن سڀ ڪجهه هٿ ، هلائين ته هاجَ ٿئي .

ڃونڃڻ معنيٰ اها رسي جيڪا مينهن يا ڍڳيءَ کي ڏهڻ مهل ٽنگن ۾ ٻڌي ويندي آهي.

ڙاڪون سنڌوءَ پيٽ ۾ ، ڏسي روئي روح ،

ٿر جيان ٽُوههَ ، ڇا ٿيندا سنڌوءَ پيٽ ۾.

ڙاڪون ؛ درياهه جي پيٽ ۾ سُڪي وڃڻ کان پوءِ پيل ڦُوٽن يا ڏارن کي چئبو آهي

ڱڱا ڳڀرو گهوٽ ، آتا سِر ڏيڻ لئه ،

مِهڻو تنين موٽَ ، وِک اڳيان اڳري.

ڱڱو معنيٰ ڳاڙهه سُرو رنگ ، ڳڀرو ۽ ڱڱو هڪ سنڌي نالو به آهي ، جيڪو قديم زماني کان وٺي سنڌين ۾ رائج آهي.

ڻڻو چَڻو جيئن ، رڌجي نه ڪاڙهڻ سان ،

اسان سڄڻ تيئن ، پيار لڪايو لوڪَ کان.

ڻڻو ؛ ان چَڻي کي چئبو آهي ، جيڪو ڪيترو به ڪاڙهڻ سان نه ڳري نه ڪڙهي

ئوئان ئوئان ، روئندي ڄائو ننڍڙو ٻار ،

امڙ سندو آر ، دارون ان جي درد جو .

ئوئان ؛ اهي فطري دانهون آهن ، جيڪي ننڍڙا ٻار ڪندا آهن .

هن ڪتاب ۾ ليکڪ سنڌي ٻاونجاهه اکرن سان شاعري ڪئي آهي جنهن ۾ هن خوبصورت ؛ ڪافيون ، وايون، بيت، ڀَڄن ۽ گيت رَچيا آهن.

ليکڪ جي دعويٰ آهي ته هي سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڪتاب آهي ، جنهن ۾ هن ٻاونجاهه ئي اکرن کي استعمال ڪندي  هي شاعري رَچائي آهي. ان سان گڏ سندس خيال آهي ته سموري سنڌ ۾ موجود اسڪولن ۾ مٿي بيان ڪيل ٺيٺ سنڌي لفظ ( ڃوڃڻ ، ڙاڪون ، ڱڱو ، ئوئان ۽ ڻڻو ) جهڙا ٺيٺ سنڌي لفظ پرائمري سطح کان ٻارن کي سيکاريا ۽ پڙهايا وڃن.

منهنجي خيال ۾ هي هڪ نئين ۽ اصولي ڳالهه آهي ، جيڪا اسڪولن ۾ لازمي طور تي لاڳو ٿيڻ گهرجي. پر جيئن ته هي هڪ نئون ۽ جديد خيال آهي ، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ماڻهن کي نه آئڙي ، پر آئون ليکڪ جي ان راءِ سان متفق آهيان ۽ سمجهان ٿو ته اسان جي ايندڙ نئين نسل کي اهي ٺيٺ سنڌي اکر ۽ لفظ سکڻ ۽ پڙهڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.