ٽي ايل پي جي مالي مددگارن خلاف دهشت گردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا\پنجاب حڪومت

لاهور(م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري  چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان (جي مالي مدد ڪندڙن خلاف دهشت گردي جا ڪيس داخل ڪيا ويندا، ۽ انهن ۾ 3800 معاونن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن ۾ ڪيترا اهم نالا ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو پڻ شامل آهن. هن واضح ڪيو ته خادم حسين رضوي جي قبر جتي آهي، اها ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل نه ڪئي پئي وڃي، پر قبر کي استعمال ڪندي چندو گڏ ڪرڻ ۽ اشتعال انگيزي لاءِ ڪنهن به مجمع کي اڪٺا ڪرڻ جي اجازت ناهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران عظميٰ بخاري چيو ته ٽي ايل پي جي احتجاج دوران لاش ظاهر ڪرڻ جو واويلا ڪئي وئي. مريدڪي واقعي ۾ 3 شهري شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 45 ماڻهو زخمي ٿيا، ان کان علاوه 110 پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا. احتجاج دوران پوليس جي موبائيل گاڏين ۽ ريسڪيو گاڏين کي جلايو ويو، ۽ اينٽون سان ڀريل ٽراليون انهن سان گڏ هلندڙ هيون. سعد رضوي جي گهر مان هڪ ڪلو 920 گرام سون، 898 گرام چاندي، 69 برانڊڊ گھڙيون، سون جا ڪنگڻ، 12 بريسلٽ، سون جا هار، چاندي جا تاج، منڊيون ۽ 50 هزار ڀارتي رپيا مليا. سعد رضوي جا 91 بينڪ اڪائونٽس هئا، جيڪي منجمد ڪيا ويا آهن.عظميٰ بخاري چيو ته، "ڪوبه مسلمان ڪنهن مسجد کي شهيد ڪرڻ جو سوچڻ به نٿو چاهي، پر انهن مساجد جو انتظام اهل سنت جا معتدل علما سنڀالي وٺندا  هن وضاحت ڪئي ته خادم حسين رضوي جي قبر کي منتقل ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، پر ان قبر جو استعمال ڪندي چندو گڏ ڪرڻ ۽ اشتعال انگيزي لاءِ ڪو ميڙاڪو گڏ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.