جنگ جي ڏند ڪٿائن مان نڪرندڙ قومون جڏهن امن ڏانهن موٽنديون آهن، تڏهن دنيا ۾ اميدن جا نوان ڏيئا بلب جيئان روشن ٿيندا آهن. اهڙي هڪ جھلڪ دوحا جي هوا ۾ پڻ روشن ٿي آهي، جتي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڪجهه ڏينھن جي جنگ ۽ ڪيترن ئي سالن تائين جاري رهندڙ سرحدي دهشتگردي ۽ رت رُولائيندڙ واقعن کان پوءِ آخرڪار جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
قطر ۽ ترڪي جي ٽياڪڙي هيٺ ٿيل ڳالهيون ٻنهي ملڪن لاءِ هڪ نئين باب جي شروعات بڻجي سگهن ٿيون، جيڪڏهن لفظن کي عمل جو لباس پاتو وڃي. قطر جي وزارتِ خارجہ موجب، ٻنهي ڌرين اهو طئي ڪيو آهي ته سندن سرزمين ڪنهن به صورت ۾ هڪ ٻئي خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿيندي ۽ گڏيل حڪمت عملي ذريعي جنگ بندي کي پائيدار بڻايو ويندو.پر افغانستان تي ڪيترو اعتبار ڪري سگھجي ٿو اھو به ھڪ سوال آھي؟ ڇوته تاريخ شاھد آھي آھي گذريل ڪيترن سالن کان پاڪستان مسلسل طالبان حڪومت تي زور ڏيندو رهيو آهي ته هو تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) خلاف ڪارروائي ڪري،جيڪي افغانستان کان پاڪستان تي حملا ڪن ٿا ۽ اتي سندن اڏا افغان حڪومت ۽ انڊيا جي مدد سان ھلن ٿا پر ڪابل ان کي هر ڀيري "اندروني معاملو” چئي ٽاري ڇڏيندو رھيو آھي پر دنيا کي خبر آھي افغانستان انڊيا جي پراسڪي جنگ وڙھي ٿو پاڪستان جي ڌرتي تي ٿيل هر حملي جي پٺيان جيڪي پاڇا ملن ٿا جيڪي پاڪستان جي خلاف سرگرميون ٿي رهيون آهن، سي سرحد جي ٻئي طرف کان ئي ٿينديون رهيون آھن. پر جڏھن تازو پاڪستان تي حملن جي موٽ ۾7 ۽ 8 آڪٽوبر جي رات اورڪزئي ۾ پاڪستاني فوج جي هڪ بهادر آپريشن ۾ 19 دهشتگرد مارجي ويا، پر تيئن پاڪستان جو هڪ ليفٽننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 اهلڪار به شهيد ٿيا رت جي اها لال ڇنڊ، جنهن سان وطن جي سرحدن جي حفاظت جو عهد ٻيهر تازو ٿيو. ان لمحي تي وزيرِ دفاع خواجـہ آصف چيو ته صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي، جيڪي دهشتگردن کي پناهه ڏين ٿا، سي هاڻي نتيجا ڀوڳيندا.تيئن پاڪستان به وڌيڪ حملا جاري ڪندي دشمن کي سبق سيکاريو اھو انڪري جو صاف ظاھر ٿيو افغان اختياريون پاڪستان خلاف دھشت گردي ۾ سڌو سئون ملوث آھن. انڪري عسڪري قيادت کي به جواب ڏيڻو پيو، دوحه ٺاھ ٿيڻ دوران، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪاڪل اڪيڊمي ۾ پنهنجي خطاب دوران خبردار ڪيو ته جيڪڏهن طالبان عملي قدم نه کنيا ته ڇڪتاڻ خطي لاءِ تباهيءِ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. هن واضع ڪيو ته "افغان سرزمين ڀارتي پراسڪي طور پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، جيڪو هڪ بزدلانو عمل آهي. ھن ڀارت ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته دشمن کي ڄاڻڻ کپي ته پاڪ فوج هر وقت ھر محاذ تي جهنڊو بلند ڪري مقابلي لاءِ تيار آهي.”وري اچون ٿا دوحه ڳالهين تي دوحه ۾ ٿيل ڳالهيون 13 ڪلاڪن تائين جاري رهيون، جتي افغان وفد جي اڳواڻي وزيرِ دفاع ملا محمد يعقوب ۽ انٽيليجنس سربراه مولوي عبدالحق ڪئي. ڳالهين ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿيو ۽ ايندڙ ملاقات 25 آڪٽوبر تي استنبول ۾ طئي ٿي آھي، پاڪستاني وزيرِ دفاع موجب، ٻنهي ملڪن جي خودمختياريءِ جو احترام ڪيو ويندو ۽ افغانستان مان پاڪستان خلاف دهشتگردي فوري بند ڪئي ويندي
،ڏٺو وڃي ته افغانستان جي حڪمرانن جا رويا تاريخي بي وفائيءِ جا استعارا بڻجي چڪا آهن. پاڪستان، جنهن پنهنجي وسيلن، فوجي، ۽ اخلاقي سهڪار سان افغانستان کي بچايو، اڄ به سندن زبان تي انڊيا جا گيت ٻڌڻا پون ٿا. حامد ڪرزئي هجي يا اشرف غني،يا پراڻو ڪٽر ملو امرالله صالح هجي يا هاڻوڪا حڪمران سڀني هندستاني پراسڪي حڪمت عمليءِ کي پنهنجي پاليسيءِ جو حصو بڻايو آھي.
ڪابل ۾ ڀارتي وفد جي آمد ۽ ملا محمد يعقوب سان جي پي سنگھ جي ملاقات اها ڳالهـ واضع ڪري ٿي ته ڀارت افغانستان ۾ پنهنجو پراڻو اثر ٻيهر بحال ڪري افغانين کي پاڪستان خلاف استعمال ڪرڻ چاهي ٿو. ملا يعقوب، جنهن جي والد ملا عمر کي پاڪستان ئي روس جي خلاف سپورٽ ڏني هئي، اڄ ڀارت سان هٿ ملائي رهيو آهي اها ئي افغان سياست جي بي وفائيءِ جي علامت آهي
سٺي ڳالهه آھي ڪنھن حد تائين ٺاھ لاءِ آمادگي ٿي آھي 25 آڪٽوبر تي ترڪي جي ميزباني ۾ گھڻو ڪري مڪمل ٺاھ ٿي ويندو پر تاريخ جو هي ورق وسري نه ٿو سگهي ته جڏهن 2001ع ۾ طالبان آمريڪي حملي آڏو صرف 35 ڏينهن ۾ هٿيار ڦٽو ڪري ڀڳا اتي سندن ملڪ ۾ رھندڙ را ۽ موساد جي ايجنٽن به بگرام ايئر بيس تان امريڪين جي پويان ڀڄي نڪتا ،پاڪستان نه رڳو نيٽو فوجين کي افغانستان ڇڏڻ تي راضي ڪيو پر ان کانپوءِ موجودہ طالبان جي شوريٰ جاڪيترائي ميمبر، ـ گورنر، ۽ سئو کان وڌيڪ ڪمانڊر پاڪستان ۾ رھيل ھئا پر اڄ اهي ئي هٿ پراسڪي حڪمت عمليءِ جا هٿ بڻجي چڪا آهن.
پاڪستان جيڪو افغانستان لاءِ پنهنجي نوجوانن جو رت ڏنو، پنهنجي وسيلن جي قرباني ڪئي، ۽ پنهنجي بين الاقوامي حيثيت کي خطري ۾ وڌو، اڄ ان ملڪ کان فقط “احترام” ۽ “اعتراف” جي اميد رکي ٿو. پر افسوس، افغان حڪمران پنهنجن حقيقتن کان وڌيڪ پراسڪي وار جي آڙ ۾ پنهنجي مسلمان ڀاءِ ملڪ جي مھربانين کي وساري ويٺا آهن
قطر، ترڪي ۽ عمان هن معاهدي کي “امن ۽ استحڪام ڏانهن اهم قدم” قرار ڏنو آهي سٺي ڳالهه آھي افغاني باشندا 40 سالن کان پاڪستان رھيل آھن اھي ھتان واپس پنھنجي ملڪ ڏانھن وڃن جيڪو اسانجي معيشت تي بار آھن ٻي ڳالهه ھاڻ افغان حڪومت فيصلي تي حقيقي عمل ڪري ڇوته امن فقط لفظن سان نه ايندو، پر نيت ۽ عمل جي خلوص سان ايندو آھي ساڳي طرح خطي ۾ امن خاطر ٻنهي ملڪن لاءِ اهو موقعو آهي هو ماضيءِ جي تلخين کي دفن ڪن ۽ گڏيل احترام، ڀائيچاري ۽ ڀروسو بحال ڪن. جيڪڏهن دوحه معاهدو عملي قدم ڏانهن وڌي ٿو ته اها خطي لاءِ اميد جي نئين سحر هوندي. پر جيڪڏهن پراسڪي هٿ اڃان به حڪمراني ڪندا رهيا، پوءِ امن جي هر ڳالهه صرف هڪ خواب بڻجي رهندي. افغان حڪمرانن کي ڄاڻڻ کپي ته پاڪستان سندن دشمن نه آهي پر اهو ئي ملڪ آهي جنهن هر دور ۾ سندن لاءِ پنهنجو گهر، پنهنجو رت، ۽ پنهنجو ناڻو قربان ڪيو. هاڻي وقت آهي ته ڪابل پنهنجو فيصلو پاڻ ڪر ڇا هو امن جا وارث بڻجندا، يا پراسڪي وار جا اوزار؟
جيڪڏهن دوحه معاهدو عملي قدم ڏانهن وڌي ٿو ته اها خطي لاءِ اميد جي نئين سحر هوندي. پر جيڪڏهن پراسڪي هٿ اڃان به حڪمراني ڪندا رهيا، پوءِ امن جي هر ڳالهه صرف هڪ خواب بڻجي رهندي. افغان حڪمرانن کي ڄاڻڻ کپي ته پاڪستان سندن دشمن نه آهي پر اهو ئي ملڪ آهي جنهن هر دور ۾ سندن لاءِ پنهنجو گهر، پنهنجو رت، ۽ پنهنجو ناڻو قربان ڪيو. هاڻي وقت آهي ته ڪابل پنهنجو فيصلو پاڻ ڪر ڇا هو امن جا وارث بڻجندا، يا پراسڪي وار جا اوزار؟