امريڪا جي جديد تاريخ ۾ جين زي عورتون سڀ کان وڌيڪ کاٻي ڌر طور سامهون اچي رهيون آهن، جڏهن ته ان ۾ واضح طور صنفي ورهاست به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ايملي گارڊنر جڏهن سياست ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو، تڏهن اها صرف 15 ورهين جي هئي ۽ 2016ع ۾ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿي رهي هئي ــ اهو ئي وقت هو، جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت جي شروعات ٿي ۽ ڪيترن ئي نوجوان آمريڪين جي سياسي شعور کي جنم مليو.
هاڻي 23 ورهين جي عمر ۾ ايملي اوڀر ڪنڪٽيڪٽ جي هڪ لائبريري ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪري ٿي ۽ پنهنجي بالغ فئنٽسي ناول جو ٻيو مسودو لکي رهي آهي. هوءَ پاڻ کي واضع طور کاٻي ڌر واري، نه لبرل سڏائي ٿي. ايملي ٻڌائي ٿي: منهنجا والدين سياست ۾ سرگرم هئا، پر منهنجا گهڻا خيال منهنجي اصل يعني آدي واسي (Indigenous) پسمنظر مان اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته اسان جي ڪميونٽي لاءِ خودمختياري سڀ کان وڏي قدر آهي. هوءَ وڌيڪ چوندي آهي: اسان مان جيڪي پاڻ کي کاٻي ڌر واري (Leftist) چوندا آهيون، اهي محسوس ڪندا آهيون ته ڊيموڪريٽ ۽ ريپبلڪن ٻنهي ڪنهن نه ڪنهن طرح آمرانه سوچ سان ٺهڪندڙ ٿي ويا آهن. اسان سمجهون ٿا ته ارب پتي ماڻهو ڊيموڪريٽڪ پارٽي تي تمام گهڻو اثرانداز آهن ۽ لبرل ماڻهو مرڪزي رجحان ڏانهن مائل ٿي پنهنجا بنيادي قدر قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. ايملي جا اهي خيال هڪ وڏي نسل جي احساس کي ظاهر ڪن ٿا، خاص طور تي نوجوان عورتن ۾، جن لاءِ سياست ۾ اعتدال پسندي، موجوده دور ۾ هٿيار ڦٽڪائڻ جي برابر لڳي ٿي.
سڄي ملڪ ۾ جين زي عورتون، آمريڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ کاٻي ڌر واري سياسي سوچ رکندڙ طبقي جي نمائندگي ڪن ٿيون. پر اهو ساڳيو حال جين زي مردن جو نه آهي. هڪ تازو سروي (19th News/SurveyMonkey) موجب جين زي مردن جا خيال قومي اوسط سان وڌيڪ مطابقت رکن ٿا. ان ۾ ڄاڻايو ويو ته صرف 26 سيڪڙو جين زي عورتون صدر ٽرمپ جي ڪارڪردگي کان مطمئن آهن، جڏهن ته جين زي مردن ۾ اها شرح 47 سيڪڙو آهي، ۽ قومي اوسط 43 سيڪڙو آهي. 24 ورهين جي ليلي، جيڪا اتر ڪيرولائنا ۾ قانوني خدمتن ۾ ڪم ڪري ٿي، چوي ٿي: ها، يقيناً صنفي فرق موجود آهي. مون محسوس ڪيو آهي ته منهنجي عمر جا گهڻا مرد ساڄي ڌر ڏانهن مائل آهن.
هوءَ سمجهي ٿي ته ان جو سبب اهو آهي جو کاٻي ڌر جا اڪثر مسئلا عورتن جي زندگي تي سڌو اثر ڇڏين ٿا، تنهنڪري عورتون سياست بابت وڌيڪ فڪر مند ٿين ٿيون، ڇو ته انهن جي صحت ۽ حفاظت ان سان جڙيل آهي.
ليلي چيو: افسوس، گهڻا ماڻهو صرف انهن مسئلن تي ڌيان ڏين ٿا جيڪي انهن کي ذاتي طور متاثر ڪن ٿا.واشنگٽن ڊي سي جي 26 ورهين جي ريبيڪا لاءِ به سياست کان لاتعلقي ممڪن نه هئي. هوءَ ٽرانس عورت آهي ۽ چوندي آهي: سياست سدائين منهنجي زندگيءَ جو حصو رهي آهي. هوءَ پاڻ کي سوشلسٽ پر وڌيڪ سماجي جمهوري سڏائي ٿي، يعني يورپي معيار موجب کاٻي ڌر واري. ريبيڪا لاءِ سڀ کان اهم معاملو معاشي حالتون آهن. معاشي مسئلا بنيادي حيثيت رکن ٿا. جيڪي سماجي مسئلا جهڙوڪ روڪٿام حمل (Abortion)، ٽرانس ۽ ڪوئير (Queer) حقن بابت بحث ٿي رهيو آهي، اهي سڀ معاشي مسئلن جا نتيجا آهن.
هوءَ اڳ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ ڪم ڪندي هئي پر هاڻي ڊليوري سروس ۾ آهي. هوءَ چوندي آهي ته عدم استحڪام هر شيءَ کي متاثر ڪري ٿو. ماڻهو صرف روزي روٽي لاءِ جدوجهد ۾ ايترا مصروف آهن جو ارب پتي ماڻهو سک سان ڪلچرل جنگين ۾ ماڻهن کي ڦاسائي ڇڏين ٿا، جيئن ڪو به نٿو پڇي ته ڪرائي ايترو مهانگو ڇو آهي ريبيڪا جي نظر ۾ ڊيموڪريٽ ۽ ريپبلڪن ٻنهي پارٽيون هڪ بند نظام جو حصو آهن، ٻئي ناڪام آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي حڪمت عملي ئي اها آهي ته ڪجهه به نه بدلي.
تحقيق ڏيکاري ٿي ته جين زي نسل اڳوڻين نسلن جي ڀيٽ ۾ ان ڳالهه تي گهٽ يقين رکي ٿو ته محنت سان ئي ترقي ممڪن آهي. اهي سخت محنت جي Meritocracy واري نظريي تي شڪ ڪن ٿا. ڪيتريون ئي جين زي عورتون ۽ مرد پاڻ کي ڊيموڪريٽ يا لبرل سڏائڻ بدران انهن ليبلن کي رد ڪري رهيا آهن، ڇو ته انهن جي نظر ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي هاڻي انهن جي اصولن جي نمائندگي نٿي ڪري. ميشيگن جي 26 ورهين جي ريچل به اهوئي احساس رکي ٿي. مان پاڻ کي کاٻي ڌر واري چوان ٿي، لبرل نه. لبرل لفظ هاڻي ڊيموڪريٽس لاءِ استعمال ٿئي ٿو، ۽ مان انهن کان ڪافي اڳتي چئي سگهجي ٿي. لبرلزم اڃا به سرمائيداريءَ جو فڪر آهي، جڏهن ته مان پاڻ کي اينٽي ڪيپيٽلسٽ سمجهان ٿي. ليلي لاءِ سڀ کان اهم مسئلا پيدائشي حق (Reproductive Rights) ۽ معاشي نابرابري آهن. هوءَ چوي ٿي: صحت جي سنڀال، خاص طور تي عورتن جي صحت، غزه ۾ صورتحال، ۽ اسان جي روزگار تي معاشي اثر ــ اهي سڀ مسئلا اسان لاءِ اهم آهن. اسان جذباتي طور سياسي شعور رکون ٿا، پر پنهنجي پارٽيءَ کان مايوس آهيون. گهڻا ماڻهو چاهين ٿا ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي وڌيڪ کاٻي ڌر ڏانهن وڃي. انٽرنيٽ الگورٿم به ماڻهن جي سوچ کي گهڻو متاثر ڪن ٿا. نوجوان ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام ۽ ريڊٽ جهڙن پليٽ فارمن تي خبرن جا باقاعده استعمال ڪندڙ آهن، جتي تحقيق موجب اهڙا الگورٿم وڌي رهيا آهن، جيڪي خاص طور نوجوان مردن لاءِ عورت مخالف مواد کي وڌيڪ نمايان ڪن ٿا.
اڄ جي جين زي مردن ۾ بيبي بومرز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته فيمينزم سماج کي نقصان پهچايو آهي. ماهر چون ٿا ته ان روَيي جي تبديلي ۾ آن لائين شخصيتون جهڙوڪ اينڊريو ٽيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي ورهايل مواد جو وڏو ڪردار آهي. پر جين زي عورتن لاءِ کاٻي ڌر ڏانهن مائل ٿيڻ جي جڙ سندن خطري جي ويجهڙائي ۾ آهي. اهي اهڙي دور ۾ جوان ٿيون آهن جتي موسمياتي تباهي، قرض، روزگار جي غير يقيني صورتحال ۽ آمرانه خطرن ۾ واڌ ٿي آهي. انهن لاءِ مصالحت ڪنهن شرافت نه، پر خطري جي برابر آهي. جيئن ايملي چوي ٿي: ٻئي پارٽيون ارب پتين جي هٿ ۾ آهن. ليلي جو چوڻ آهي: اسان پاڻ کي نمائندگي ٿيل محسوس نٿا ڪريون. اڄ به اقتدار ۾ گهڻا ماڻهو مرد آهن، ۽ عمر ۾ ڪافي وڏا آهن، شايد انهن کي خبر ئي ناهي ته هڪ نوجوان عورت جي زندگيءَ جو دٻاءُ ڪهڙو هوندو آهي.