بلوچستان مسئلي جو سياسي حل ڳوليو وڃي

تحرير: مبصر

ھٿين خالي ۽ پرامن بلوچ مائرن ۽ ڀينرن مٿان  لٺ بازي ڪرڻ رياست جي کوکلائپ جو ثبوت آھي.رياست  ياد رکي اسان گرفتارين ۽ تشدد سان نھ ڪمزور ٿينداسين  ۽ نھ ئي جدوجھد تان پوئتي ھٽنداسين “ اها ڳالهه بلوچستان سان تعلق رکندڙ انساني حقن جي ڪارڪن ماه رنگ بلوچ چئي آھي.  جنهن کي اسلام آباد پوليس اربع جي رات دير سان 226 ڄڻن سان  سان گڏ  تحويل ۾ ورتو آھي. ماه رنگ بلوچ 6 ڊسمبر تي تربت کان رواني ٿيل احتجاجي لانگ مارچ ،جنهن کي بلوچ يڪجھتي مارچ  جو نالو ڏنو ويو آھي، جو حصو آھي.جيڪو اربع رات وفاقي راڄڌاني اسلام آباد پھتو ھو.

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي، عدالت کان مٿاھين  ڪارروائي جي خاتمي ۽ بالاچ بلوچ جي قتل تي جوڊيشنل انڪوائري جا مطالبا کڻي وفاقي راڄڌاني پهچندڙ بلوچ يڪجھتي مارچ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي رات دير سان اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. مارچ ۾ شريڪ ٿيندڙن پاران  پوليس تي ’پرامن مظاهرين‘ تي تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آھي، پر پوليس دعويٰ ڪئي ته مظاهرين طرفان پٿراءُ ڪرڻ بعد گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون آھن.

اسلام آباد پوليس جي هڪ آفيسر موجب چونگي نمبر 26 ۽  نيشنل پريس ڪلب ٻاهر ٿيندڙ  پوليس ڪاررواين دوران هن وقت تائين عورتن سميت 226 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار ٿيلن کي آبپارا، ڪوهسار، سيڪريٽريٽ ۽ مارگلا ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورتن کي ويمن ٿاڻي  منتقل ڪيو ويو آهي.

اربع جي رات ماهه رنگ بلوچ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي گرفتاري جي خبر ڏيندي چيو ته هن سميت ڪيترين ئي عورتن کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.  اسلام آباد ۾ داخل ٿيندي ئي انتظاميا طرفان مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي پهرين اسلام آباد ٽول پلازه ۽ پوءِ چونگي نمبر 26 تي روڪيو ويو. چونگي نمبر 26 تي روڪڻ  وقت  ماه  رنگ بلوچ جو چوڻ هو ته ”اسان پنهنجي حقن ۽ مطالبن لاءِ ھتي آيا آهيون پر اسان کي وقت جي حڪومت ۽ رياست اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي بھ جازت نھ ڏئي رھيا آھن، مطالبا تسليم ڪرڻ تي پري جي ڳالھھ آھي“

بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جو مارچ اسلام آباد پهتو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس مظاھرو ڪندڙن کي چونگي نمبر 26 وٽ روڪي ڇڏيو. جنهن بعد احتجاجي مارچ ۾ شريڪ ماڻهن اتي ئي احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. هن دعويٰ ڪئي ته ”گذريل 20 ڏينهن کان هلندڙ تحريڪ نه رڪي آهي ۽ نه رڪجندي ۽ جتان جتان بھ ھي تحريڪ گذري آهي اتي گرفتاريون ڪيون ويون آهن. اسان هن رياست تي واضح ڪريون ٿا ته نھ  اسان گرفتارين کان  ڊڄون ٿا  ۽ نه ئي تشدد سان پوئتي هٽنداسين، بلڪھ  توهان جو راھڙو  قدم اسان کي وڌيڪ حوصلو ڏيندو ۽ اسين رياست جي ھر اهڙي عمل خلاف وڌيڪ مضبوطيءَ سان اُڀرنداسين“.

ماه رنگ بلوچ اسلام آباد پوليس جي هٿان گرفتاري کان اڳ هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ھو ته هن جو مطالبو آھي ته  گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي صدارت ۾ ھڪ فيڪت فائينڊنگ گروپ جوڙيو وڃي جيڪا بلوچستان ۾ٿيندڙ  انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي رپورٽ پيش ڪري. صوبي ۾ موجود ڊيٿ اسڪواڊز کي غير فعال ڪيو وڃي ۽ سمورن گم ٿيل ماڻهن ۽ يڪجهتي مارچ جي گرفتار ساٿين کي آزاد ڪيو وڃي.

ياد رهي ته بلوچ يڪجھتي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي اسلام آباد پريس ڪلب آڏو پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ هو پر اسلام آباد انتظاميا کين شهر ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.

ماه رنگ بلوچ 2020 ۾ ان وقت ڌيان جو مرڪز بڻي جڏهن بلوچستان صوبي جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ شاگردن جي آن لائن ڪلاسز خلاف احتجاج دوران بولان ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو ھو. ان احتجاج ۾ ماه رنگ بلوچ کي به پوليس گرفتار ڪيو ھو ۽ هوءَ  پوليس وين ۾ ويھارڻ تائين مطالبن جي حق ۾ آواز  بلند ڪندي رهي ھئي.بعد ۾ ساڳئي ڏينهن تي کيس آزاد ڪيو ويو ۽ بلوچستان جي ان وقت جي وڏي وزير ڄام ڪمال بيان جاري ڪيو ھو ته ”حڪومت ڪنهن به شاگرد جي گرفتاري جو حڪم نه ڏنو هو“

ماه رنگ بلوچ موجب سندس اباڻو ضلعو قلات آهي. اھي پنج ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ آهي ۽ سڀئي پڙهي رھيا آهن. ھن ٻڌايو تھ  سندس والد عبدالغفار واپڊا ۾ مزدور، قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڪندو هو.ماه رنگ جو چوڻ آهي ته سندس پيءُ کي پهريون ڀيرو 2006ع ۾ گم ڪيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ اھو واپس اچي ويو ھو. پوءِ هو 2009 ۾ گم ڪيو ويو ۽ 2011 ۾ سندس چچريل لاش مليو ھو“

ماه رنگ بلوچ موجب ”ان کان پوءِ اسين سڀ ڪراچيءَ هليا وياسين، جتي خاموشيءَ سان پڙهندا رهياسين. ڪافي عرصي کان پوءِ جڏهن مون بولان ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته منهنجو بلوچستان سان وري رابطو بحال ٿيو.

ڪوئيٽا جي بولان ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا دوران مان نقاب ڪندي ھيس ۽ خاموشي سان پڙهائي ڪري رھي ھيس. سوچيم ته پهرين پڙهائي پوري ڪري پوءِ سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪنديس. پر خبر ناهي ته ڇا ٿيو 2016 ۾ منهنجو ڀاءَ گم ڪيو ويو. جنهن تي مون نقاب لاهي احتجاج شروع ڪيو“

سندس موجب  ان وقت کان وٺي شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهيان. ماه رنگ بلوچ جو چوڻ آهي ته ”2006ع ۾ جڏهن منهنجو والد لاپتا ڪيو ويو ته مان پنجين درجي ۾ پڙهندي هيس. ان وقت به مان پنهنجي والد جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا پريس ڪلب آڏو احتجاج ۾ شامل هئس.“

ان احتجاج ۾ منهنجي والد جي دوست ذاڪر مجيد بلوچ مون کي چيو ته، تقرير ڪريان، منهنجي پهرين تقرير لاءِ جڏهن  اٿيس ته مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. مان پنهنجي پيءُ کي ياد ڪري زور زور سان روئڻ لڳيس. ان موقعي تي رڳو اھو ئي چئي سگهيس ته منهنجي پيءُ کي ڇڏي ڏيو.

هوءَ ٻڌائي ٿي ته ان بعد ذاڪر مجيد بلوچ تقرير ڪئي ،جيڪو پڻ  گم ٿي ويو ۽ اھو اڃا تائين گم آهي.

ماه رنگ بلوچ موجب سندس سياسي تربيت سندس والد ننڍپڻ کان ئي ڪئي. ”جڏهن منهنجو ڀاءُ 2017ع ۾ گم ٿيو ته منھنجي اندر جو سياسي ڪارڪن  جاڳي پيو“

جڏهن ھن نقاب لاهي پنهنجي ڀاءُ جي گرفتاري خلاف روڊن تي  نڪتي ته ’ٽن مهينن کان پوءِ سندس ڀاءُ واپس آيو.

”مون وري  پردو ڪيو ڇو ته مون کي  تعليم مڪمل ڪرڻي هئي. ڊاڪٽر ٿيڻو هو، پر بلوچستان ۾ شاگرد  وڊيو اسڪينڊل سامهون آيو، جنهن تي مان خاموش نه رهي سگهيس ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. ان ڀيري وري ساڳيو سلوڪ ٿيو“.

ان کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته جڏھن  حق لاءِ احتجاج دوران پوتيون ڇڪيون وينديون آھن ۽ نقاب لاٿا ويندا آھن، ته پوءِ ھاڻي برقعي پائڻ جي ضرورت ناهي. ان کان پوءِ شاگرد سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي.

ماه رنگ بلوچ چيو ته سندس والد باشعور سياسي ورڪر هو. ”مون کي ياد آهي ته هو اڪثر اسان سڀني  کي گڏ ڪندو ھو ۽ سڀني سان بحث ڪرائيندو هو.

اهي بحث سياسي هوندا هئا، جنهن کانپوءِ هو اڪثر مون کي وقت ڏيندو هو. مون سان ڳالهائيندو ھو، مون کي هاڻي احساس ٿيو ته هو مون کي سياسي طور تي ڪهڙي تربيت ڏيندو هو. مون کي چوندو ھو ته جڏهن حق گهربو آهي ته ان جي موٽ ۾ گھڻو ڪري  ظلم ٿيندو آهي ۽ اهو ظلم برداشت ڪرڻو پوندو آهي پر فتح حق جي ٿيندي آهي.

ماه رنگ بلوچ چيو ته ”منهنجو والد چوندو هو ته مون کي پهريان ڊاڪٽر ٿيڻو آهي ۽ ان سان گڏ سياست به ڪرڻي آهي. ڊاڪٽر بڻجي  عوام جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ انهن لاءِ مثال بڻجڻو آهي ۽ سياست ڪري پنهنجو حق گهرڻو آهي.

”منهنجي  پيءُ مون کي سيکاريو آهي ته ظلم کي  ظلم چوڻو آهي ۽ مان ظلم کي ظلم چونديس چاھي ڪجھه بھ ٿي پئي “

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.