ڀوتارڪو رويو: ھڪ خطرناڪ نشو

تحرير: غلام مهدي بلوچ

جيڪڏھن ڪنھن کان سوال ڪجي ته ڀوتاري ڇا آھي ۽ ڀوتار ڪير آھي ته يقين سان ٿو چوان 70 سيڪڙو ماڻھو اھو ئي جواب ڏيندا جيڪو توھان ۽ اسان جي ذھن ۾ به پھرين اچي ويندو آھي ته ڳوٺ جو بااثر وڏيرو، سردار، رئيس وغيره پر ايئن ناھي. منھنجي ۽ ٻين ڪيترن ئي سمجهدار ماڻھن جي نظر ۾ اھو ماڻھو ڀوتاري نظام ۾ ملوث آھي جيڪو انھن کي پاڻ کان گهٽ سمجهي جيڪي مالدار نه ھجن ۽ مالدار يا ڪنھن پوسٽ واري کي وڌيڪ سمجهي. ڪنھن کي جيڪڏهن ڳالھه بُري لڳي يا ڀلي پر خاص ڪري منھنجي انھن ماڻھن تي جڏھن نظر پوندي آھي جيڪي چوندا آھن ته اسان ڀوتاري نظام ۽ ڀوتارن کي رد ڪيون ٿا، انھن جي دماغ ۾ به ھڪ ڀوتار ويٺل ھوندو آھي جيڪو ان کي ھر ھر اھو چوندو آھي تون ھنن کان وڌيڪ آھين.

پاڪستان اندر خاص ڪري سنڌ ۾ اڪثر ھر سرڪاري آفيس، فيڪٽري، ھوٽل، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا مالڪ به ڀوتاري نظام جي ور چڙھيل آھن جيڪي پنھنجي ورڪر کي ٽيم جو حصو نه پر ملازم ئي سمجهندا آھن ۽ انھن کي ملازم سمجهڻ به ھڪ سٺي ڳالھه ھجي ٿي پر ھو نوڪر سمجهندا آھن. رستي تي موٽرسائيڪل بيھاريندڙ ٽريفڪ اھلڪار، رات جو سنيپ چيڪنگ ڪندڙ پوليس اھلڪار، موٽروي تي گاڏي بيھاريندڙ موٽروي پوليس اھلڪار، سرڪاري ھر آفيس ۾ وڏي عھدي وارو ڪامورو ته پنھنجي جڳهھ تي پر گهٽ ۾ گهٽ پگهار کڻندڙ پٽيوالو، ڪورٽن ۾ ڪيس وڙھندڙ وڪيل، اسپتالن اندر ڊاڪٽر، جج جي ڪمري تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ بيلف کان وٺي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۽ بينڪن جي ٻاھران بيٺل سڪيورٽي گارڊ به پاڻ کي ڀوتار سمجهندا آھن، انھن کان علاوه ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي نجي ادارا آھن جن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ھر سرڪاري توڙي نجي ملازم پاڻ کي ڀوتار ئي سمجهي ٿو. دنيا جي وڏن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سرڪاري توڙي نجي نوڪري ڪندڙ ملازم ھر شھريءَ کي سائين (سر) ڪري سڏيندو آھي ۽ پاڪستان ۾ ھر شھري سرڪاري ملازم کي سائين ڪري سڏيندو آھي، مطلب دنيا ۾ جيڪو به سڌو آھي پاڪستان ۾ ان جو سڀ ابتو ئي ڪيو ويندو آھي.

ياد رھي ته مٿي ذڪر ڪيل ھر سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ ويٺل سرڪاري ملازم پاڻ کي ڀوتار ۽ عوام کي نوڪر سمجهندا آھن جڏھن ته ٻين ملڪن ۾ عوام کي سرڪاري توڙي نجي ملازم مالڪ سمجهندا آھن ۽ اھو ئي سبب آھي جو ڏينھون ڏينھن پاڪستان اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ٿيندو پيو وڃي. مٿي ته سرڪاري ۽ نجي جي ڳالھه ڪئي پر سياسي پارٽين ۾ به ڀوتار، وڏيري، رئيس ۽ سردار جي ڪيٽيگيري الڳ ۽ ڪارڪن جي الڳ ھوندي آھي، اھڙي طرح صحافين ۾ ھڪڙا سينيئر ته ٻيا موسٽ سينيئر ۽ ٽيان ته وري بغير مسڪراھٽ وارو چھرو کڻي پاڻ کي مغل اعظم سمجهندا آھن، جيڪڏھن ڳالھه ڪجي مذھبي جماعتن جي ته انھن ۾ به طالب جي ڪيٽيگيري الڳ ته امام، حافظ، ذاڪر، علامه وغيره وغيره جون ڪيٽيگيريز الڳ ھونديون آھن.

مزي جي ڳالھه ته اھا آھي جو اسان پنھنجي درخواست ۾ لکندا آھيون ”جناب اعليٰ عرض آھي ته“ ھاڻي ڳالھه اتي ئي سمجهه کان ٻاھر آھي ته جمھوريت وارو اھڙو ڪھڙو ملڪ آھي جتي عوام پنھنجي خدمتگار کي عرض ڪري ؟ يا ته سڌو چئو ته ھي ملڪ سڪندر اعظم، محمد بن قاسم، چنگيز خان يا ڪنھن وليم جي مائٽ انگريز فتح ڪيو آھي يا اھو ڊرامو ختم ٿيڻ گهرجي ته جناب اعليٰ عرض آھي. ان جناب اعليٰ واري لفظ ۾ ئي اسان ھڙني جي ذھنن ۾ ھڪ ڀوتاري آھي پوءِ ھڪ پاڻ ڀوتار ته ٻيا ڀوتارن جا غلام، اھو سسٽم ختم ٿيڻو ئي ناھي ڇاڪاڻ ته ڀوتاري نظام خلاف ڳالھائيندڙ ۽ احتجاج ڪندڙن جا رويا ۽ روب جڏھن اوھان ڏسي ورتو ته توھان کان اصل ڀوتار به وسري ويندا. جھڙي طرح ھيرون ھڪ اھڙو نشو ھجي ٿو جيڪو نه ڇڏي سگهجي اھڙي طرح ڀوتاري به ھڪ اھڙو ئي خطرناڪ نشو آھي جيڪو نه رڳو اھو انسان پران جو نسل به تباھ ڪري ڇڏيندو.

پاڪستان ۾ ھر شھري سرڪاري ملازم کي سائين ڪري سڏيندو آھي، مطلب دنيا ۾ جيڪو به سڌو آھي پاڪستان ۾ ان جو سڀ ابتو ئي ڪيو ويندو آھي.  ياد رھي ته مٿي ذڪر ڪيل ھر سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ ويٺل سرڪاري ملازم پاڻ کي ڀوتار ۽ عوام کي نوڪر سمجهندا آھن جڏھن ته ٻين ملڪن ۾ عوام کي سرڪاري توڙي نجي ملازم مالڪ سمجهندا آھن ۽ اھو ئي سبب آھي جو ڏينھون ڏينھن پاڪستان اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ٿيندو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.