پاڪستان ۾ توانائي جو بحران هڪ پراڻو مسئلو آهي، جنهن جو سڀ کان نمايان پاسو ڊگهي ۽ غير يقيني لوڊشيڊنگ آهي۔ هي مسئلو نه رڳو زندگي جو وھنوار متاثر ڪري ٿو، پر ماڻهن جي ذهني ۽ نفسياتي صحت تي به گهرا اثر ڇڏي پيو ،اڄوڪي تيز رفتار دور ۾، بجلي جي کوٽ هڪ عام شهري لاءِ سخت ذهني دٻاءُ جو سبب آهي.خاص طور تي ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جي صورتحال ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنگين نظر اچي ٿي،هتي نه صرف ڊگهي وقت تائين بجلي بند رهڻ عام ڳالهه ٿي وئي آهي، پر اوور بلنگ جو مسئلو به ماڻهن لاءِ هڪ الڳ تڪليف بڻيل آهي،غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو هڪ طرف گرمي ۽ اونداهي برداشت ڪن ٿا ۽ ٻي طرف ڳرا بجلي جا بل ڀرڻ تي مجبور آهن، جنهن سان انهن جي ذهني پريشاني وڌيڪ وڌي وڃي ٿي.
ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ڪار وھنوار سخت متاثر ٿين ٿا۔،گهر جا ڪم، آفيسن جو نظام، ڪاروبار ۽ تعليمي سرگرميون سڀ ُرڪجي وڃن ٿيون،ان غير يقيني صورتحال سبب ماڻهن ۾ مسلسل ذهني دٻاءُ ۽ بيچيني پيدا ٿئي ٿي، انسان کي لڳي ٿو ته هو پنهنجي وقت ۽ وسيلن تي مڪمل ڪنٽرول نٿو رکي، جيڪو نفسياتي دٻاءُ وڌائي ٿو.گرمين ۾ بجلي جي بندش صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ٿي، پکن ۽ ايئر ڪنڊيشن کان سواءِ سخت گرمي ماڻهن کي چيڙاڪ بڻائي ٿي ۽ اھي جلدي ڪاوڙجي پون ٿا۔ ننڍا مسئلا به وڏن جهيڙن ۾ تبديل ٿين ٿا، جنهن سان گهريلو ۽ سماجي لاڳاپا متاثر ٿين ٿا۔
رات جي وقت بجلي وڃڻ سان ننڊ خراب ٿئي ٿي جنھن سان پيدا ٿيندڙ بي آرامي ماحول جسماني ٿڪ وڌائي ٿو۔ جڏهن جسم مڪمل آرام حاصل نه ڪري، ته ذهن به صحيح نموني ڪم نٿو ڪري، جنهن سان ڪارڪردگي ۽ ڌيان ۾ گهٽتائي اچي ٿي۔شاگردن لاءِ لوڊشيڊنگ هڪ وڏو چيلينج آهي۔ پڙهائي، آن لائن ڪلاس ۽ امتحان جي تياري متاثر ٿئي ٿي. ساڳي طرح نوڪري ڪندڙ ماڻهن جي حاضري گهٽجي وڃي ٿي، جنهن جو اثر معيشت تي به پوي ٿو، مسلسل رڪاوٽن سبب ماڻهو مايوسي ۽ بي وسي محسوس ڪن ٿا۔جيڪڏهن اھا صورتحال ڊگهي عرصي تائين جاري رهي ته ڪجهه ماڻهن ۾ ڊپريشن ۽ ذهني ٿڪاوٽ جا آثار ظاهر ٿي سگهن ٿا۔ مستقبل بابت غير يقيني صورتحال ماڻهو کي ذهني طور ڪمزور ڪري ٿي.
اھو مسئلو صرف فرد تائين محدود ناهي، پر سماجي روين تي به اثرانداز ٿئي ٿو. جڏهن هڪ ئي علائقي جا ماڻهو بار بار لوڊشيڊنگ جو شڪار ٿين ٿا، ته انهن ۾ بي اعتمادي، شڪايت ۽ احتجاج جو رجحان وڌي وڃي ٿو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن سماجي بي چيني ۽ عوامي ڪاوڙ جي صورت اختيار ڪري ٿو۔
ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه به متاثر ٿئي ٿي۔ مسلسل گرمي، اونداهو ۽ تعليمي رڪاوٽون انهن جي ڌيان، سکڻ جي صلاحيت ۽ تخليقي سوچ کي ڪمزور ڪن ٿيون۔ اهڙي صورتحال ۾ اهي مثبت سرگرمين بدران بيچيني ۽ اوٻاسي طرف مائل ٿين ٿا، جيڪو سندن شخصيت تي ڊگهي عرصي تائين اثرانداز ٿي سگهي ٿو۔ ڳوٺاڻن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ هي مسئلو وڌيڪ سنگين آهي، جتي بنيادي سهولتن جي اڳ ئي کوٽ هوندي آهي۔ اتي لوڊشيڊنگ پاڻي، صحت ۽ ننڍن ڪاروبارن کي سخت متاثر ڪري ٿي، جنهن سان معاشي ۽ ذهني مسئلا وڌيڪ وڌن ٿا۔
ان صورتحال ۾ ضروري آهي ته حڪومت سان گڏ نجي شعبي ۽ سماجي ادارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔ متبادل توانائي جهڙوڪ شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ، بجلي جي استعمال ۾ اعتدال آڻڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي اپنائڻ وقت جي ضرورت آهي۔ گڏوگڏ ذهني صحت بابت آگاهي وڌائڻ به ضروري آهي،پاڻ کي اهو مڃڻو پوندو ته لوڊشيڊنگ رڳو فني مسئلو ناهي، پر هڪ سماجي ۽ نفسياتي مسئلو پڻ آهي. جيستائين ن کي جامع انداز ۾ حل نه ڪيو ويندو، ان جا اثر ختم ڪرڻ ممڪن نه ٿيندو ۽ عام ماڻھو تي نفسياتي اثت پوندا رھندا