هو، امرڪوٽ جي واريءَ مان اڀرندڙ اُن سُڳنڌ جهڙو انسان هو، جنهن جي وجود ۾ ڌرتيءَ جو درد، تاريخ جو ساهه، ۽ قوم جي بيچيني گڏ ٿي هڪ زندهه احساس بڻجي ويا هئا. سائين عبدالواحد آريسر رڳو هڪ فرد نه، پر هڪ فڪر، هڪ تحريڪ، ۽ هڪ اهڙو آئينو هو، جنهن ۾ سنڌ پَنهنجو چهرو ڏسي سگهندي هئي. هِن جي ساهه ۾ واريءَ جي گرمي، هِن جي لفظن ۾ درياهه جي گجگوڙ، ۽ هِن جي اکين ۾ آزاديءَ جا اڻپورا خواب ترندا هئا. هو اُن ڌرتيءَ جو عاشق هو، جتي هر ذرڙي ۾ تاريخ سُتل آهي، جتي هر وڻ، هر جبل، هر رڻ هڪ داستان بڻجي بيٺو آهي. امرڪوٽ جي مٽيءَ کيس رُڳو جنم نه ڏنو، پر کيس هڪ اهڙو شعور ڏنو، جيڪو هِن کي عام انسانن کان الڳ ڪري بيهاريو. هِن جي سوچ ۾ ڪارونجھر جبل جي اوچائي هئي، ۽ هِن جي ارادن ۾ ٿر جي رڻ جي وسعت هئي. هو جڏهن پَنهنجي ڌرتيءَ جو ذڪر ڪندو هو، ته لفظن مان خوشبوءِ ايندي هئي، ائين لڳندو هو ڄڻ واريءَ مان گل ڦٽي پيا هجن.
سائين جي ايم سيد جو فڪري جانشين سائين عبدالواحد آريسر سنڌ جي عاشقي جي سفر کي پوري ۽ ايمانداري ذميواري قبول ڪيو، پنهنجي ساهه سان نڀايو. هُن جي اندر ۾ اُهو ئي بغاوت جو ٻج پوکيل هو، جيڪو سيد جي سوچ ۾ ڦٽي نڪتو هو. هِن پَنهنجي قلم سان، پَنهنجي تقريرن ۽ تحريرن سان، ۽ پَنهنجي وجود سان سنڌ جي حقن جي ڳالهه کي جيئرو رکيو. هو ڪنهن به مصلحت جو قائل نه هو، هو سچ کي سچ چوڻ وارو انسان هو، ڀلي اُن جي قيمت کيس اڪيلائي يا ڏُکن جي صُورت ۾ ادا ڪرڻي پوي. هِن جون اُجاڳيل اکيون صرف ننڊ کان خالي نه هيون، پر اُنهن ۾ هڪ قوم جا خواب سمايل هئا. هو راتين جو جاڳي پَنهنجي ڌرتيءَ جي مستقبل بابت سوچيندو هو، ۽ ماڻهن کي سنڌ ڌرتي جي خوابن سان روشناس ڪرائيندو هو. هِن جي نگاهه ۾ هڪ اهڙي سنڌ جو تصور هو، جيڪا آزاد هجي، خودمختيار هجي، ۽ پَنهنجي سڃاڻپ سان جيئندي هجي. هِن جي اکين ۾ جيڪو خواب هو، اُهو رُڳو سندس ذاتي خواهش نه هو، پر هڪ اجتماعي آرزو هئي، جيڪا هِن پَنهنجي ماڻهن سان ڪئي، هو جڏهن به اسٽيج تي بيهندو هو، ته اُهو منظر صرف هڪ تقرير جو نه هوندو هو، پر هڪ جذبي جي اٿل پٿل هوندي هئي. هِن جا لفظ سادا نه هوندا هئا، پر اُنهن ۾ هڪ باهه هوندي هئي، جيڪا ٻڌندڙن جي دلين کي ڇُهي ويندي هئي. هو ماڻهن کي صرف معلومات نه ڏيندو هو، پر اُنهن جي اندر ۾ سوال پيدا ڪندو هو، شعور جا در کوليندو هو. هو تقرير نه ڪندو هو، هو تاريخ کي ڳالهائڻ ڏيندو هو، ۽ پاڻ رُڳو اُن جو ترجمان بڻجي بيهندو هو. هو جنگ جا منظر بيان ڪري ماڻهن کي جوش ۾ آڻڻ وارو نه هو، پر هو شعور جو سپاهي هو، جيڪو ماڻهن کي سندن ماضي سان ملائيندو هو.
هو سنڌ جي وڃايل تاريخ کي ڳوليندو هو، اُن کي لفظن ۾ آڻيندو هو، ۽ ماڻهن کي اُهو احساس ڏياريندو هو، هِن جي ڳالهين ۾ درياهه جي گجگوڙ هوندي هئي، ڪارونجھر جي خاموشيءَ ۾ لڪل مزاحمت هوندي هئي، ۽ روپلي ڪولهي جي تلوار جي چمڪ هوندي هئي . هو جڏهن روپلي ڪولهي جو ذڪر ڪندو هو، ته لڳندو هو ڄڻ تلوار جا ڪڙڪاٽ اَڃا تائين فضا ۾ گونجي رهيا آهن. جڏهن هو حمله آورن جي هلائن جو احوال ٻڌائيندو هو، ته لڳندو هو ڄڻ تاريخ جي زخم اَڃا تازا آهن. هو ماڻهن کي اُهو ٻُڌائيندو هو ته سندن ڌرتي ڪيئن جدوجهدن مان گذري آهي، ۽ ڪيئن هر دور ۾ ڪنهن نه ڪنهن پَنهنجي جان قربان ڪري هِن مٽيءَ کي زندهه رکيو آهي.
هو پاڻ به هڪ اهڙو مسافر هو، جيڪو رُڳو لفظن جو نه، پر عمل جو به انسان هو. هو هڪ هنڌ ويهڻ وارو نه هو، پر هڪ ڦرندڙ، گھمندڙ، ماڻهن ۾ رهندڙ انسان هو. هو ڳوٺن، شهرن، ميلن، ۽ محفلن ۾ وڃي ماڻهن سان مليو، اُنهن جا درد ٻُڌا، ۽ اُنهن کي پَنهنجو درد ٻُڌايو. هِن لاءِ سياست ڪا ڪرسي نه هئي، پر هڪ ذميواري هئي، هڪ جدوجهد هئي، جنهن کي هِن پَنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. هو ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهيندڙ انسان هو. هِن وٽ ڪو به ڏيکاءُ نه هو، ڪا به وڏائي نه هئي، هو سادو، سچو، ۽ ڌرتيءَ سان جڙيل انسان هو. ماڻهو هِن سان ملي پاڻ کي پَنهنجو سمجهندا هئا، ڇو ته هو اُنهن مان ئي هڪ هو. اُنهن جي زبان ڳالهائيندڙ، اُنهن جي درد کي سمجهندڙ ھئا. ھو، هوشو شيدي جي بهادري، هيمون ڪالاڻي جي قرباني، دولهه درياهه جي للڪار، ۽ وارث دودي جي دانهن، اُهي سڀ رُڳو تاريخي ڪردار نه هئا، پر سائين عبدالواحد آريسر جي سوچ جا جزا هئا. هو اُنهن سڀني جي روايت کي اڳتي وڌائيندڙ هو، اُنهن جي جدوجهد کي نئين نسل تائين پُهچائيندڙ هو. هِن جي وجود ۾ اُهي سَڀ آواز گڏجي هڪ نئين صدا بڻجي اُڀرندا هئا. هو ماڻهن کي اُهو سيکاريندو هو ته آزادي ڪا تحفو نه آهي، پر هڪ جدوجهد آهي، جنهن لاءِ قرباني ڏيڻي پوي ٿي. هو ماڻهن کي اُهو ٻُڌائيندو هو ته جيڪڏهن هو پَنهنجي تاريخ کي وساري ويهندا، ته سندن مستقبل به اوندهه ۾ گم ٿي ويندو.
هِن پَنهنجي قلم سان، پَنهنجي تقريرن سان، ۽ پنهنجي عمل سان ماڻهن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس زندگي ڪا آسانيءَ سان گذرندڙ ڪهاڻي نه هئي. هِن ڏُک ڏٺا، تڪليفون سٺيون، ۽ ڪيترن ئي آزمائشن مان گذريو، پر هِن ڪڏهن به پَنهنجي اصولن تان هٿ نه کنيو. ھُن ڍوڍو پاڻي ڍُڪ ۾ ٻُوڙي کاڌو ٿو، پر سائين جي ايم سيد جي فڪر کي لڄايو ڪونه لڄايو هو هر حال ۾ پَنهنجي موقف تي قائم رهيو، ڇو ته هِن کي يقين هو ته سچ جي راهه ڏُکي ضرور آهي، پر اُن جو انجام روشن آهي. اهڙا انسان وقت جي وهڪري ۾ گم نه ٿيندا آهن، پر هو تاريخ جي سيني تي پَنهنجو نالو لکي ويندا آهن. سائين عبدالواحد آريسر به اهڙو ئي انسان هو، جنهن پَنهنجي زندگيءَ کي هڪ مقصد بڻايو، ۽ اُن مقصد لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. هو اڄ به زندهه آهي. لفظن ۾، سوچن ۾، ۽ اُنهن دلين ۾، جيڪي سنڌ سان محبت ڪن ٿيون. جڏهن به سنڌ جو ذڪر ٿيندو، جڏهن به ان جي حقن جي ڳالهه ٿيندي، جڏهن به تاريخ جي ورق کوليا ويندا، تڏهن سائين عبدالواحد آريسر جو نالو ضرور ايندو آهي هو رُڳو ماضي جو ڪردار نه آهي، پر حال جو به حصو آهي، ۽ مستقبل لاءِ به هڪ راهه آهي. هو اسان کي اُهو سيکاري ويو آهي ته ڌرتيءَ سان محبت صرف لفظن ۾ نه، پر عمل ۾ هجڻ گهرجي. هو اسان کي اُهو ٻُڌائي ويو آهي ته جيڪڏهن اسان پَنهنجي سڃاڻپ کي بچائڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي پَنهنجي تاريخ کي سمجهڻو پوندو، پَنهنجي حقن لاءِ بيهڻو پوندو، ۽ پَنهنجي ڌرتيءَ سان وفادار رهڻو پوندو.
هو آخري دم تائين پَنهنجي فڪر سان وفادار رهيو. هِن جي لکڻين ۾ به ساڳيو سچ هو، سندس تقريرن ۾ به ساڳيو شعور هو، ۽ سندس وجود ۾ به ساڳيو پيغام هو. هِن جو سَڄو فڪري سفر ڪتابن ۾ محفوظ ٿي ويو، جيڪي اڄ به سنڌ جي نوجوانن کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. هِن جا ڪتاب صرف لفظ نه آهن، پر هڪ فڪري انقلاب آهن: ھِن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا جن ۾ ”پرھه جو پيغام“، ”صدين جون صدائون“، ”وريا واھرو“، ”ٽھڪي نڪتا ٽوھه“، ”سر ۾ سانجھي وير“، ”ماڻهو ميگهه ملهار“، ”وطن پرستي“، ”قومي تحريڪ“، ”ماڙين ماريس ڪينڪي“، ”اسان جيئن جيئي ڪو“، ”سچ وڏو ڏوهاري“، ”روح جا ريلا“ ”ڇا ته شخص ھو” اُهي سڀ سندس سوچ جا مختلف رنگ آهن هو هٿيارن سان نفرت ڪندڙ ۽ ڪتابن سان محبت ڪندڙ انسان هو. هِن لاءِ قلم ئي سڀ کان وڏو انقلاب هو. هو ڄاڻندو هو ته بندوقون قومن کي غلام نٿيون بڻائين، پر شعور جي کوٽ غلاميءَ کي جنم ڏئي ٿي. ۽ اُهو ئي سبب هو جو هِن پَنهنجي سَموري زندگي لفظن جي روشنيءَ سان اونداهين کي چيرڻ ۾ گذاري، ڇو ته هِن لاءِ جنگ ميدان ۾ نه، پر ذهنن ۾ وڙهبي هئي. جتي هر جاڳيل سوچ هڪ نئون انقلاب جنم ڏئي ٿي.
اڄ 3 مئي 2026ع تي سندس 11هين ورسي جي موقعي تي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، سائين عبدالواحد آريسر جيڪو اڄ هاسيسر ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ ڳوٺ وائوڙ انڙ آباد امرڪوٽ جي مٽيءَ جي چادر اوڍي آرامي آهي. سندس خاموشي ڪا خاموشي ناهي، اُها ته ڌرتيءَ جي زخمن مان اُٿندڙ هڪ مسلسل صدا آهي، هو جسماني طور ڌرتيءَ ۾ سمهي ويو آهي، پر فڪر جي صُورت ۾ اڄ به دلين ۾ جاڳي رهيو آهي، ۽ جڏهن به سنڌ جو درد جاڳي ٿو، تڏهن لڳي ٿو هو اَڃا به ساڳي پڪار سان جيئرو آهي.