توهان ڀلي ڪيڏو به احتياط ڪريو، پر فون ڪِرڻ جو خطرو هميشه موجود هوندو آهي يا ان تي پاڻي ڪِري پوندو آهي.
سٺي خبر اها آهي ته پاڻي ڪِرڻ سان ڊيوائس فوري طور تي خراب ناهي ٿيندي، پر وقتائتا قدم کڻي توهان ان کي بچائي سگهو ٿا.
پر رڳو فون جي مٿاڇري کي خشڪ ڪرڻ ضروري ناهي، پر چارجنگ پورٽ مان پاڻي ڪڍڻ به ضروري آهي، نه ته چارجنگ جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا.
اهو چيو ويندو آهي ته سڪائڻ لاءِ چانورن ۾ رکڻ سان فون خشڪ ٿي ويندو آهي، پر اهو ضروري ناهي، ڇو ته چانورن ۾ موجود سنهي مٽي ۽ ٻيو ڪچرو فائدي بدران نقصان پهچائي سگهي ٿو.
اهو به خيال ڪيو ويندو آهي ته فون جي چارجنگ پورٽ کي ڪنهن هيئر ڊرائير سان خشڪ ڪري سگهجي ٿو، پر ائين ڪرڻ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو ڇو ته ڊرائير جي گرمي نقصان پهچائي سگهي ٿي.
ته پوءِ توهان کي فون جي چارجنگ پورٽ مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟، فون جي چارجنگ پورٽ مان پاڻي ڪڍڻ ڏکيو ناهي
هيٺ ڏنل نقطا ان حوالي سان توهان لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
هڪ ته جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته چارجنگ پورٽ ۾ پاڻي هليو ويو آهي ته سڀ کان پهريان پنهنجي فون کي بند ڪري ڇڏيو، هاڻي ته گهڻن نون فونز ۾ موئسچر ڊيٽڪشن وارننگ به ڪيبل لڳائڻ تي ظاهر ٿيندي آهي.
ٻيو فون کي صاف ڪريو، خاص طور تي چارجنگ پورٽ جي چوڌاري، ان لاءِ خشڪ ڪپڙو استعمال ڪريو، اِهو ڪم نهايت احتياط سان ڪريو ته جيئن پاڻي وڌيڪ اندر نه وڃي.
ٽيون آپشن اِهو آهي ته پنهنجي فون کي نرمي سان هلڪو جهٽڪو ڏيو ته جيئن پاڻي پورٽ مان ٻاهر نڪري سگهي، توهان هٿ سان فون کي هوريان هوريان لوڏي به سگهو ٿا.
چوٿين نمبر تي توهان لاءِ آپشن آهي ته فون کي ڪنهن اهڙي ڪمري ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رکو جتي هوا جي نيڪال جو بهتر نظام هجي.
پنجون ۽ آخري طريقو اِهو آهي توهان اهو عمل تيز ڪرڻ چاهيو ٿا ته پَکو استعمال ڪري سگهو ٿا، يا ڪنهن زِپ واري بيگ ۾ فون کي ڪجهه سليڪا جيل پيڪٽن سان رکي ڇڏيو جيڪي گهم کي جذب ڪري وٺن ٿا.
جڏهن فون جي چارجنگ پورٽ آلي محسوس نه ٿئي ته پوءِ ڊوائيس کي چارج ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو
جيڪڏهن خشڪ ٿيڻ باوجود فون چارج نه ٿئي ته پوءِ ڇا ڪجي؟
جيڪڏهن چارجنگ پورٽ مان پاڻي ڪڍڻ کان پوءِ به فون چارج نه ٿئي ته ڪجهه ٻيا طريقا آزمايا وڃن.
پهريون ته توهان ڪنهن مختلف چارجنگ ڪيبل کي استعمال ڪري ڏسو.
جيڪڏهن توهان اينڊرائيڊ فون استعمال ڪري رهيا آهيو ته يو ايس بي سيٽنگز ۾ وڃو.
ان لاءِ سيٽنگز، ايپس ۽ سسٽم ايپس ۾ وڃڻو پوندو.
اتي يو ايس بي سيٽنگز ۾ وڃي ڪليئر ڪيش تي ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ ڏسو ته ڇا فون چارج ٿي رهيو آهي يا نه.
آءِ فون ۾ يو ايس بي سيٽنگز جو آپشن موجود ناهي تنهنڪري انهن لاءِ اهو استعمال نٿو ٿي سگهي.
جيڪڏهن سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود چارجنگ جو مسئلو برقرار رهي ته اهو ممڪن آهي ته وڌيڪ سنگين هارڊويئر مسئلو هجي.
اهڙي صورت ۾ فون کي ڪنهن ماهر کي ڏيکارڻ گهرجي يا وائرليس چارجنگ (جيڪڏهن فون ۾ موجود آهي) کي به آزمائي سگهي ٿو.