محسن نقويءَ جو پختونخوا حڪومت کان واپس ورتل گاڏيون بلوچستان کي ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخوا حڪومت طرفان واپس ڪيل گاڏيون بلوچستان کي ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير بلوچستان سرفراز بگٽي سوشل ميڊيا تي وفاقي گهرو وزير کي گذارش ڪئي هئي ته خيبرپختونخوا حڪومت طرفان واپس ڪيل بلٽ پروف گاڏيون بلوچستان کي فراهم ڪيون وڃن.
وڏي وزير جي درخواست تي محسن نقوي ترت ردعمل ڏيندي اعلان ڪيو ته خيبرپختونخوا کان واپس ايندڙ بلٽ پروف گاڏيون هاڻي بلوچستان کي ڏنيون وينديون.
واضح رهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي وفاقي گهرو وزير طرفان پوليس کي ڏنل بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته وفاقي گهرو وزير پوليس کي جيڪي بلٽ پروف گاڏيون فراهم ڪيون آهن، اهي ناقص ۽ پراڻيون آهن، جيڪا خيبرپختونخوا پوليس جي تذليل آهي، گاڏيون واپس ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.