ڇوڪرين جون خودڪشيون ۽ اصل حقيقتون

تحرير: زارا نواز شيخ

مرڪ جان جي موت واري تازي پراسرار خبر جنهن جي جاچ هلندڙ آهي  تنهن هر لحاظ کان ڇرڪائي وڌو آهي. سندس موت، خودڪشي سان ٿيو، يا قتل ڪيو ويو.سو سواليه نشان بڻيل آهي. باقي هڪ باهمت ڇوڪري قومپرست پارٽي سان لاڳاپيل مرڪزي ايڪٽو ورڪر هجي.   حالتن کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي اها ڳالهه سمجهڻ کان ٻاهر آهي. عام مشاهدو اهو آهي ته ڇوڪرين جون اُهي خودڪشيون ناهن هونديون پر خون لڪائڻ لاءِ انهن واقعن کي خودڪشين جو رنگ ڏنو ويندو آهي.

بهرحال ڪجهه به هجي، اسان جي ڇوڪرين کي بردبار ٿيڻو پوندو زندگي ۾ ڪيترا ئي مشڪل مرحلا ايندا آهن انهن کي ڏسي اهڙيءَ ريت همت نه هارڻ گهرجي. جنهن مقصد سان وڃو ته ان تي فوڪس ڪريو بنا ڪنهن سبب جي  گھڻين شين ۾ الجهڻ بجاءِ پنهنجي مقصد تي فوڪس ڪريو. زندگي ۾ لاها چاڙها ته ايندا رھندا آھن. ظاهر آهي جتي محبت آهي اتي بيوفائي به آهي  جتي پيار آھي اتي تڪرار به  پر توهان پنهنجي مقصد کي ٽارگيٽ ڪريو.

هي معاشرو عورت جي آزادي ۽ خودمختياري کي سٺو ناهي سمجهندو، تنهن ڪري عورتن کي ڄاڻي واڻي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.پر اسان عورتن خاص ڪري شاگردياڻين کي انهن تلخ تجربن ۽ واقعن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪي هاسٽلن کان ڪاليج اسڪول تائين ٿيندا رھيا آھن.  اسان کي پنهنجي سماج جي ڪامياب عورتن جي ڪردار مان سکڻ ۽ اتساهه وٺڻ گهرجي.ڪامياب عورتن کي ايڏو هلڪو نه وٺو، اهي الائي ڪيترين ڪڙين آزمائشن مان گذري اتي پهتيون آهن، فرق رڳو ايترو آھي ته هر ڪنهن جا مسئلا مختلف نوعيت جا ٿيندا  آھن.

بهرحال مڪافات عمل به ٿيندو آهي. ڪير ڪيترو به طاقتور با اثر هجي پر اهو  نه سمجهي ته ساڻس حساب نه ٿيندو رسوائي سندن مقدر بڻبي. توهان فاطما ڦرڙو جي ڪيس ۾ ميرن پيرن سردارن جو حشر ڏٺو هوندو.

اسان کي همت ۽ حوصلي سان زندگي گذارڻ جو درس ڏيڻ گهرجي، انهن خودڪشين وارين حرڪتن سان ٻين ڇوڪرين جي اڳتي وڌڻ تي برو اثر پئجي سگهي ٿو اوهان جا اهي عمل ڇوڪرين لاءِ اعليٰ تعليم واري رستي جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجندا ٿا وڃن عام طور تي ڇوڪريون پنهنجا مسئلا والدين سان ان ڪري ناهن شيئر ڪنديون ته متان اهي کين گهر ويهاري ڇڏين سو ڇوڪرين کي پنهنجي والدين تي ڀروسو ناهي ته بااعتماد مثبت ماڻهن سان پنهنجا ڏک سور اورڻ گهرجن ته جيئن ڪو به اهڙو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي. اوهان کي هن دنيا اندر هر قسم جا ماڻهون ملندا. اوهان سٺن ۽ مثبت ماڻهن جي ويجهو رهو ته اوهان کي اتساهيندڙ ۽ مثبت ماحول ملندو.

 

هي معاشرو عورت جي آزادي ۽ خودمختياري کي سٺو ناهي سمجهندو، تنهن ڪري عورتن کي ڄاڻي واڻي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.پر اسان عورتن خاص ڪري شاگردياڻين کي انهن تلخ تجربن ۽ واقعن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪي هاسٽلن کان ڪاليج اسڪول تائين ٿيندا رھيا آھن.  اسان کي پنهنجي سماج جي ڪامياب عورتن جي ڪردار مان سکڻ ۽ اتساهه وٺڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.