فلسطين ۽ اسرائيل جي جنگ کي اڪثر ڪري مسلمان مذھبي جنگ سان تشبيهه ڏئي رهيا آھن.پر حقيقت ۾ اها ويڙھ مذھبي ناهي بلڪ استعماري ۽ سامراجيت جي ويڙھ آھي.مسلمان اهو به سمجهن ٿا ته حماس اسرائيل تي 7آڪٽوبر تي جيڪو حملو ڪيو.ان حملي جو مقصد مسجد الاقصي جي ڪا آزادي آهي پر حقيقت ۾ ان جي پٺيان جيڪي وڏيون طاقتون راند کيڏي رهيون آھن، سي پنهنجي اجارا داري جي ويڙھ وڙھي رهيون آھن.پر جنگ ۾ ڪنهن به معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي قتل ڪرڻ انساني بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آھي.پر اهو سدائين کان ٿيندو رهيو آھي ۽ ٿيندو رهندو.ڇاڪاڻ ته جنگ ۾ بربادي ۽ جنگ کانسواءِ ڪجهه به حاصل ناهي ٿيندو.ڳالهه ٽيبل تي ويهي ڪري به ٿيندي آھي.
اسرائيل 7آڪٽوبر جي حماس جي حملي کانپوءِ غزه ۾َ گڏيل قتل ڪري رهيو آھي.پر ان قتل عام کي روڪرائڻ جي لاءِ دنيا ناڪام ٿي چڪي آھي.جڏهن ته اسرائيل جو قيام 1948ع ۾ بالفورڊ منصوبي جي ٿحت مذھب جي بنياد تي ئي ٿيو هو.پر اصل ۾ ان ريت جو قتل عام ان وقت جي سامراجي طاقتن امريڪا ۽ مغربي ملڪن دنيا جي هر خطي ۾َ پنهنجن مفادن ۽ پنهنجي موجودگي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي تاتيل هڪ ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ھو ته جيئن دنيا جي ان خطي کي انهن جي ضرورت محسوس ٿيندي رهي.
ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا ٻن حصن ۾َورهائجي ويئي هئي.وچ اوڀر ۾ اڻ جٽاداري رهي ان ڪري مذھب جي بنياد تي اسرائيل ٺاهيو ويو ۽ مغربي يورپ جي ملڪن هن کي هر قسم.سان مضبوط ڪيو.جھڙيءَ ريت چين 1948ع ۾ آزاد ٿيو ۽ آزادي کانپوءِ گهرو ويڙھ ۾ مائوزي تنگ ان گهرو ويڙھ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.۽ چين جو اقتدار پنهنجي هٿ ۾ ورتو ته چين جي ٻيئي وڏي اڳواڻ چانگ ڪائي ٽيڪ جو تنگ سان گهرو ويڙھ ۾ مصروف هو.ڊوڙي ڪري تائيوان هليو ويو.جنهن کي چين اڄ به پنهنجي ملڪ جو حصو ٻڌائي رهيو آھي.اتي چانگ ڪائيءَ جي حڪومت کي امريڪا ۽ يورپي ملڪن هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان قبول ڪري ورتو .
اهڙي ريت ڀارت جي هڪ حصي کي مذھب جي نالي تي الڳ ڪيو ويو ۽ دنيا جي نقشي تي اسلامي ملڪ پاڪستان نروار ٿيو.ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اڄ تائين ڇڪتاڻ ھلي رهي آھي.امريڪا ۽ يورپي ملڪ ٻنهي کي پنهنجا هٿيار وڪرو ڪري رهيا آھن پر ڪڏھن به امريڪا ۽ يورپي ملڪن ٻنهيءَ ملڪن جي وچ ۾ دشمني ختم ڪرڻ جو ڪم ناهي ڪيو بلڪ جيترو ممڪن ٿيو انهن جي دشمني کي واڌ ڏني.جڏهن ته ان وقت جي سوويت يونين امريڪا جي آڏو ڪيوبا ۾ ڪميونسٽ حڪومت جي حمايت ڪئي۽ ڪيوبا جي حڪومت سدائين امريڪا سان اکين ۾ اکيون ملائيندي رهي.جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪڏھن ڪا جنگ نه ٿي.سامراجي طاقتون خوف ۽ ڊپ ڏيکاري ڪري امن پسند ملڪن ۾ به سازشون ڪري ملڪن جي اندر عدم استحڪام پيدا ڪنديون رهيون آھن ۽ اهائي اندرين ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام جي خوف سبب خليجي ملڪ اسرائيل ۽ ايران سان الڳ الڳ معاهدو ڪرڻ چاهين ٿا. ته جيئن وچ اوڀر ۾ طاقت جو توازن برقرار رهي.جيستائين وچ اوڀر ۾ تيل آھي.امريڪا ۽ يورپي ملڪ ان خطي کان پنهنجي نظر ٻئي پاسي نٿا ڪري سگهن.تيل جي طاقت ته خليجي ملڪن وٽ آھي.
پر ان طاقت کان خليجي ملڪ سائنس.ٽيڪنالوجي ۽ هٿيارن جي مامري ۾ پاڻ ڀرا نه ٿيڻ جي ڪري ان جو نتيجو ڀوڳي رهيا آھن بلڪ مغربي ملڪن جي سامهون بيوس ٿي ڪري برداشت به ڪن ٿا.پر 7 آڪٽوبر تي حماس اسرائيل جي حفاظتي نظام کي مفلوج ڪري اسرائيل جي اندر گهڙي ويو.جنهن نه صرف اسرائيل کي بلڪ سموري عرب سميت ٻين خليجي ملڪن کي به ڊيڄاري ڇڏيو آھي.پر جڏھن ڪنهن قوم ڪنهن وٽ وڃائڻ جي لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته اهو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو. حماس واري حملي اسرائيل جي حفاظتي طاقت جون ڌڄيون ئي اڏائي ڇڏيون.جنهن کان سڄي اسرائيل ۾ خوف وهراس پکڙجي ويو.ايستائين ته اسرائيلي فوج وڙھڻ جي لاءِ به تيار نه هئي.تڏھن چيو وڃي ٿو ته امريڪي فوجين کي اسرائيل سان گڏ مورچو بڻايو پيو وڃي.فلسطين خاص ڪري غزه جا رهواسي ڄاڻين ٿا ته حماس اسرائيل سان ڪجهه به ڪندو.جنهن جو ڪفارو انهيءَ کي ئي ادا ڪرڻو پوندو.
اڄ غزه ۾ وحشياڻي بمباري کي ڪافي ڏينهن ٿي چڪا آھن، ھزارين فلسطيني شھيد ٿيا آھن ۽ ھزارين زخمي ٿي چڪا آھن.ان باوجود اسرائيل غزه جي اسپتالن ۽ پناهگيرن جي ڪيمپن تي حملا ڪيا پيا وڃن.اسرائيل کي مضبوط ڏيکارڻ جي لاءِ امريڪا اسرائيل جي جنگي ڏوھن کان اکٻوٽ ڪري رهيو آھي.فلسطين جي اڃا ڪيتري تباهي ٿيندي اهو چوڻ مشڪل آھي.پر اسرائيل جا بنياد ڌڏي چڪا آھن.۽ ھو پنهنجي وجود کي بچائڻ جي لاءِ آخري ويڙھ وڙھي رهيو آھي.ان ويڙھ ۾ غزه ۾ اسرائيلي فوج ڪنٽرول نه ڪري سگهي ته مستقبل ۾ غزه جي جانبازن سان ٽڪرائڻ اسرائيل جي لاءِ مشڪل ٿي ويندو.ان جنگ جي خاتمي کانپوءِ وچ اوڀر جي سياست الڳ ٿي ويندي۽ اسرائيل سان ٻه ٻه هٿ ڪرڻ جي لاءِ اهي پاڙيسري ملڪ به تيار ٿي ويندا.جيڪي اسرائيل سان گڏ امن معاهدي ۾ آھن .اسرائيل امريڪا جي خلاف وڇ اوڀر ۾َهڪ وڏو محاذ تيار ٿي وڃي ۽ امريڪا جي لاءِ خطي ۾ پنهنجا اڏا قائم رکڻ مشڪل ئي نه بلڪ ناممڪن ٿي ويندا.ايران خطي جو وڏو پليئر بڻجي ڪري اڀري چڪو آھي.چين ۽ روس خطي ۾ انٽري ڪري چڪا آھن.
امريڪا ۽ يورپ جي لاءِ وچ اوڀر هڪ کليل ميدان هو.هينئر انهن ٻنهي سان شديد مقابلو ڪرڻو پوندس.اسرائيل جي جنگ مذھب جي جنگ ناهي بلڪ اها ٻن لڏين طاقتن جي خطي ۾ اجارا داري قائم ڪرڻ واري ويڙھ آھي.ان جنگ ۾َڪير کٽندو ۽ ڪير هارائيندو .اهو ته ايندڙ وقت ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو.پر ان جنگ ۾ انسانيت هاري رهي آھي.جنهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي..
آمريڪا ۽ يورپ جي لاءِ وچ اوڀر هڪ کليل ميدان هو.هينئر انهن ٻنهي سان شديد مقابلو ڪرڻو پوندس.اسرائيل جي جنگ مذھب جي جنگ ناهي بلڪ اها ٻن لڏين طاقتن جي خطي ۾ اجارا داري قائم ڪرڻ واري ويڙھ آھي.ان جنگ ۾َڪير کٽندو ۽ ڪير هارائيندو .اهو ته ايندڙ وقت ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو.پر ان جنگ ۾ انسانيت هاري رهي آھي.جنهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي