ڪراچي: گارڊن ۾ گٽر جي صفائي دوران ساهه منجهڻ سبب پيءُ ۽ پٽ سميت 3 ٻالا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گارڊن ۾ گٽر جي صفائي دوران پيءُ ۽ پٽ سميت 3 ٻالا فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب ٻالا گارڊن ۾ گٽر جي صفائي ڪري رهيا هئا، سندن موت ساهه منجهڻ سبب ٿيو.
فوتين ۾ 22 ورهين جو وشال، سندس پيءُ 42 ورهين جو جارج ۽ 19 ورهين جو شاهد شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته ٽنهي ڄڻن کي گٽر مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندڙ 26 ورهين جي فيصل کي اڌ بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.