پاڪستان ڀارت خلاف وڏو ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي ميچ ۾ ڀارت خلاف پاڪستان پاور پلي ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهي ورتيون.
پاڪستان ڀارت خلاف پاور پلي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 55 رنسون ٺاهيون، جيڪو پاڪستان طرفان هيل تائين ڀارت خلاف پاور پلي ۾ سڀ کان وڏو اسڪور آهي.
ڀارتي بالر جسپريت بمرا 3 اوورن ۾ 34 رنسون ڏنيون، جيڪي ان طرفان پاور پلي ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.