سدرا امين طرفان سينچري کانپوءِ 6 جو اشارو ڪرڻ تي ڀارتين کي مرچ لڳي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ٽيم جي بيٽر سدرا امين ڏکڻ آفريقا خلاف ٻن ون ڊي ميچن ۾ مسلسل ٻه سينچريون ٺاهي جتي رڪارڊ قائم ڪيو آهي، اتي ئي سندس اشاري ڀارتين کي چيڙائي وڌو آهي.
سدرا امين ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين ون ڊي ۾ 121 ۽ ٻي ون ڊي ۾ 122 رنسون ٺاهيون ۽ پنهنجي ڇهين سينچري مڪمل ڪئي.
هوءَ لڳاتار ٻه ون ڊي سينچريون هڻندڙ پاڪستان جي پهرين ۽ ايشيا جي ٻي رانديگرياڻي بڻجي وئي آهي.
پاڪستان وومين طرفان ون ڊي ۾ هيل تائين ڪُل 10 سينچريون ٺاهيون ويون آهن، جن مان 6 سدرا امين ٺاهيون آهن.
پنهنجي ڇهين سينچري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سدرا امين آڱرين جي اشاري سان 6 جو نشان ٺاهيو ته ڀارتين کي معرڪه حق ۾ پاڪ فضائيا طرفان ڪيرايل پنهنجا 6 جهاز ياد اچي ويا ۽ انهن سوشل ميڊيا تي چيو پاڪستاني ڪرڪيٽر راند ۾ سياست کي گهلي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.