ڀارت جي هٺ ڌرمي جاري، سوريا ڪمار هڪ ڀيرو ٻيهر سلمان آغا سان هٿ نه ملايو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هٺ ڌرمي جاري آهي ۽ اڄ به ڀارتي ڪپتان ٽاس وقت پاڪستاني ڪپتان سان هٿ نه ملايو.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي جي ٻي ميچ دبئي ۾ کيڏي پئي وڃي، جنهن ۾ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ان موقعي تي سوريا ڪمار هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني ڪپتان سلمان علي آغا سان هٿ نه ملايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.