دبئي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ پاڪ – ڀارت ميچ دوران اوپنر فخر زمان کي آئوٽ ڏيڻ جي فيصلي تي سوال اٿاريا پيا وڃن.
اوپنر فخر زمان 15 رنسون ٺاهي هارديڪ پانڊيا جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو، کيس آئوٽ ڏيڻ جي فيصلي کي سوشل ميڊيا تي غلط ۽ تڪراري قرار ڏنو پيو وڃي.
هارديڪ پانڊيا جي بال تي آئوٽ ٿيڻ جو فيصلو فيلڊ امپائرن ٿرڊ امپائر کي موڪليو، ايڪشن ري پلي ۾ اهو واضح نظر آيو ته بال زمين تي لڳڻ کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر جي هٿ ۾ ويو پر ٿرڊ امپائر فخر زمان کي آئوٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
ٿرڊ امپائر جي فيصلي تي فخر زمان به حيرت جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ڪمينٽريٽر به حيراني جو اظهار ڪندا رهيا.
قومي ٽيم جي اڳوڻن رانديگرن به فخر زمان جي حق ۾ راءِ ڏيندي کيس ناٽ آئوٽ قرار ڏنو، فاسٽ بالر محمد عامر ايڪس تي لکيو ته فخر زمان آئوٽ نه هو.
اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ به ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان کي ڀارت ۽ آن فيلڊ امپائرن سان مقابلي لاءِ بهترين راند پيش ڪرڻي پوندي.
ايڪس تي پوسٽ ڪندي فواد عالم لکيو ته ڄڻ اسان 11 بدران 14 رانديگرن خلاف کيڏي رهيا آهيون، فخر زمان واضح طور ناٽ آئوٽ هو.
پاڪستان کي ڀارت ۽ امپائرن خلاف بهترين راند کيڏڻي پوندي: فخر جي آئوٽ ٿيڻ تي اڳوڻا ڪرڪيٽر ڪاوڙجي پيا
You might also like