فسلطينين تي ٿيندڙ ظلم ۾ اسرائيل سان گڏ آمريڪا ۽ ڀارت به شامل آهن: پرڪاش راج

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار پرڪاش راج غزا ۾ ٿيندڙ ظلمن تي اسرائيلي ۽ ڀارتي حڪومت تي ڏمرجي پيو.
غزا جي مظلوم فلسطينين جي حق ۾ ٿيندڙ هڪ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پرڪاش راج چيو ته غزا ۾ ٿيندڙ ظلمن تي خاموشي اختيار ڪرڻ تي ڀارتي وزيراعظم به ان جو ذميوار آهي.
هن چيو ته غزا ۾ ظلم ڪندڙن ۾ اسرائيل اڪيلو ناهي، ان ۾ آمريڪا به شامل آهي، جڏهن ته ان معاملي تي سندس ملڪ جو وزيراعظم به ذميوار آهي، ڇو ته هو ظلمن تي خاموش بڻيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.