پوليس کاتي ۾ موجود ڏوھارين جو صفايو ڪيو وڃي

ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ پوليس اھلڪارن پاران ھڪ واپاري جي گھر تي ڇاپو ھڻي تلاشي ورتي وئي، جتان ڪو به غير قانوني سامان يا غير ملڪي ڪرنسي وغيره ته ھٿ ڪانه آئي، پر ان گھر مان لڳ ڀڳ ستر تولا سون ۽ ٻه ڪروڙ رپيا روڪ  رقم ڦر ڪئي وئي. جڏھن ته واپاري جي گھر تي ھنيل ڇاپو پڻ غير قانوني ھو، جنھن جي لاڳاپيل آفيسرن نه ته زباني ۽ نه ئي وري لکت ۾ اجازت ڏني ھئي. ان غير قانوني عمل ۾ ڊي ايس پي عمير باجاري، شاھين فورس جي ٽن اھلڪارن ۽ پنجن خانگي ماڻھن حصو ورتو ھو،  جڏھن ته انڪوائري ۾  ايس ايس پي ڏکڻ پڻ ملوث نڪتو آھي.

پوليس ۽ ڏوھارين جو ڳٺ جوڙ ڪو نئون ناھي،  ماضي قريب ۽ ماضي بعيد ۾ اسان کي ان جا ڪيترائي مثال ملن ٿا. ڇا ڌاڙيلن جو جيل جون مضبوط ۽ بلند ترين ديوارون ٽوڙي فرار ٿيڻ جيل پوليس  جي ساٿ کان سواءِ ممڪن آھي؟ ان کان سواءِ اڪثر اسان کي اھڙا الزام پڻ ٻڌڻ ۾ ايندا رھندا آھن،  ته پوليس ڏوھارين جي سرپرستي ڪري رھي آھي.  اھي الزام محض الزام ناھن ھوندا اھي الزام گھڻي حد تائين حقيقت تي ٻڌل ھوندا آھن.

سچ ته اھو آھي ته پوليس جي ملي ڀڳت کان سواءِ ڏوھارين لاءِ ڪچي جو ليڪو لنگھي شھرن طرف اچڻ به ڏکيو ھوندو آھي، ڌاڙا ھڻي ڦرون ڪرڻ ۽ ماڻھو اغوا ڪري وڃڻ ته رھي پري جي ڳالهھ، پر ڌاڙيل ڏينھن ڏٺي جو ڌاڙا به ھڻي ٿا وڃن ۽ ماڻھو به اغوا ڪري کڻي ٿا وڃن. جڏھن ته پوليس ھميشه پھچڻ ۾ دير ئي ڪري ڇڏيندي آھي ۽ ان دير جي سبب کي ھر ماڻھو بخوبي سمجھي ٿو،  ته دير پٺيان ڪھڙو راز لڪيل ھوندو آھي.

حقيقت اھا آھي ته پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرمنل سرگرميون رکندڙ اھلڪارن جي موجودگي ھر ھنڌ ڏسڻ ۾ ايندي آھي، جيڪي پنھنجي عمل مان پري کان ئي پڌرا ھوندا آھن. جيڪي اڪثر روڊن رستن تي ناڪابندي ڪري چيڪنگ جي بھاني تي ڀتا خوري ڪندي نظر ايندا آھن. ماڻھن کي مختلف طريقن سان ھراسان ڪري کانئن پئسا ۽ قيمتي سامان به ڦري وٺندا آھن. ڪراچي ۾ اڪثر ڦورو پاڻ کي قانون لاڳو ڪندڙ ۽ حساس اداري جا اھلڪار ظاھر ڪري ماڻھن جي تلاشي وٺي موبائل فون، پئسا ۽ ٻيو سامان کسي وٺندا آھن، ان قسم جون وارداتون ڪراچي ۾ روز جو معمول بڻجي ويون آھن،  لاڳاپيل ادارا شڪايتن ۽ ثبوتن جي فراھمي جي باوجود به نه ته اھڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ ڪو ٺوس قدم کنيو آھي ۽ نه ئي ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آھي ته ڄاڻايل ڏوھارين جو تعلق ڪنھن سرڪاري اداري سان آھي يا نه.

پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ موجود ڪارين رڍن سبب نه رڳو پوليس کاتي جي ڪارڪردگي سدائين سواليه نشان بڻيل رھي آھي پر پوليس پنھنجي فرض جي ادائگي ۾ پڻ ناڪام ثابت ٿيندي رھي آھي، ڇا ڪاڻ ته جڏھن لکين رپيا خرچ ڪري ڏوھارين خلاف آپريشن رٿيو ويندو آھي، ته آپريشن جي رٿابندي کان ڏوھارين کي اڳواٽ ئي آگاهه ڪيو ويندو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ آپريشن ناڪام ٿي ويندا آھن ۽ پوليس کي سخت جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو آھي.

گذريل سال گھوٽڪي جي ڪچي واري علائقي رائونتي ۾ پڻ ايئن ئي ٿيو ھو، جتي ڌاڙيلن  جي حملي ۾ ھڪ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سميت پنج پوليس اھلڪار شھيد ٿيا ھا. جيتوڻيڪ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سڌارا آڻي ان کي عوام جو حقيقي محافظ بڻائڻ ڏکيو ضرور آھي، پر ناممڪن ناھي. پوليس جي ڪارڪردگي کي بھتر بڻائڻ لاءِ ڪرمنل سرگرمين ۾ ملوث اھلڪارن خلاف سخت قدم کڻڻ جي اھم ضرورت آھي.

  • شگر ملز مالڪن جي ھٺ ڌرمي ۽ آبادگارن جو ٿيندڙ نقصان

سنڌ ۾ ڪمند جو فصل پھرين آڪٽوبر تائين تيار ٿي ويندو آھي، جيڪڏھن ڪمند جي ڪٽائي وقت سر يعني آڪٽوبر جي شروعات ۾ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ته ان سان آبادگارن کي جھجھو فائدو ٿيندو، جو مند تي وڍيل ڪمند جي فصل جو وزن سٺو ٿيندو آھي ۽ ان زمين ۾ ھاري ڪمند سان گڏ ڪڻڪ جو فصل به پوکي سگھندا آھن، اھڙي طرح ھاري ھڪ ئي مند ۾ ٻه فصل کڻي فائدو حاصل ڪري سگھندا، پر شگر ملز مالڪان جي ھٺ ڌرمي سنڌ جي  آباگارن کي سدائين نقصان ئي ڏنو آھي. جيڪڏھن شگر ملون آڪٽوبر ۾ ڪريشنگ شروع ڪن ته ان سان انھن کي ڪو به نقصان نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڪمند جو فصل پڻ آڪٽوبر ۾ مڪمل طور تي پچي راس ٿي ويندو آھي.

نومبر مھيني جي ختم ٿيڻ ۾ باقي وڃي ھڪ ھفتو ئي بچيو آھي، پر سنڌ ۾ ھڪ ٻن شگر ملن کان سواءِ ڪٿي به ڪريشنگ شروع ٿي نه سگھي آھي، جنھن سبب سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فصل سڪڻ سبب پنھنجو وزن وڃائي رھيو آھي،  ان سان گڏ ڪڻڪ پوکڻ جي مند پڻ چڙھندي پئي وڃي، جنھن سان آبادگارن جو نقصان ٿي رھيو آھي.

لاڳيتو ڪمند جو فصل پوکڻ سبب زمينون گھٽ اوست ڏيڻ لڳيون آھن ۽ انھن زمينن ۾ پوکيل فصل کي عام زمين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀاڻ ڏيڻو پوندو آھي، جڏھن ته سنڌ ۾ ڀاڻ جو آساني سان ۽ مناسب اگھه تي ملڻ پڻ محال آھي، بليڪ تي وڪرو ٿيندڙ ڀاڻ ھارين کي قرضي ڪري ڇڏيو آھي.  ان لاءِ ڪير چاھيندي به پنھنجي زمين ۾ ڪمند جي بدران ٻيو ڪو فصل پوکي ناھي سگھندو، ڇو ته شگر ملون ان وقت ڪريشنگ شروع ڪنديون آھن، جڏھن سنڌ ۾ ڪڻڪ پوکڻ جي مند چڙھي ويندي آھي، ۽ اھڙي طرح سنڌ جا آبادگار شگر ملز مافيا اڳيان مجبور بڻجي ويندا آھن. سنڌ جي ھارين جو معاشي قتلام بند ڪري شگر ملز مالڪن کي وقت سر ڪريشنگ شروع ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.