بليڪ تي وڪرو ٿيندڙ ڀاڻ جو ذميوار ڪير آهي؟

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جنهن وٽ زراعت کاتي جو به قلمدان آهي تنهن کاتي جي عملدارن جي هڪ گڏجاڻي دوران پڇا ڪئي ته کاتي جا گهڻا ڊائريڪٽر جنرل آهن ۽ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته لڳ ڀڳ تيرنهن آهن جنهن تي پاڻ حيرانگي جو اظهار ڪيو ته پوءِ  به ڪارڪردگي ٻڙي ڇو آهي۔چڱو ٿيو جو کيس اهو نه ٻڌايو ويو ته ڊئريڪٽرن ۽ انجي مساوي زرعي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جو انگ به سون کان ٽپيل آهي نه ته چوي ها ته پوءِ  به ڪارڪردگي ٻڙي.

اڄ وري سنڌ جي موسمي ماهر صحافي غلام حسين خاصخيلي سماجي ويب تي هڪ سوال ڪيو آهي سنڌ ۾ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ جو ذميوار ڪير آهي۔هن جو ۽ وڏي وزير جو پڇيل سوال اهڙا به عجيب ناهن جو انهن جو ڪو جواب ۽ حقيقت نه هجي.

سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي جنهن جي ڪارڪردگي جي هر ماڻهو خبر آهي ۽ ڄاڻ رکي ٿو۔سنڌ جي زرعي سائنسدانن ۽ ماهرن جي ڪارڪردگي مثالي رهي آهي سنڌ جو آبادگار هن وقت مثالي آهي جنهن وٽ پنهنجا وسيلا پنهنجي مشينري پنهنجا ٻج آهن ۽ وڌيڪ پيداوار وٺن ٿا۔ماضي جي زرعي سائنسدانن ڪڻڪ سارين وونئڻن ڪمند ڀاڄين ميون جون نيون جنسون ڏنيون جيڪي پوکجن ٿيون ۽ سٺو لاڀ ڏين ٿيون۔جيڪڏهن تيرنهن ڊي جين ۽ سون جي انگ ۾ ڊائريڪٽرن ۽ سائنسدانن جي موجودگي ۾ کاتن جي ڪارڪردگي ٻڙي سڏجي ته اها سنڌ جي بدقسمتي چئجي جنهن کي بهتر بنائڻ جي گنجائش آهي۔خدا ڪندو ته مستقبل ۾ اهڙي شڪايت نه رهندي.

کاتي جي ڪارڪردگي ٻڙي هجڻ جا ڪجهه سبب آهن جن ۾ وڏو سبب ميرٽ کان هٽي ڪري جونيئر ماڻهن کي غلط ترقيون ڏئي وڏن عهدن تي سو به سالن جا سال هڪ هنڌ ويهارڻ ۽ کين عالمي رٿائن جي سربراهي به کين سونپڻ۔عالمي رٿائون ترقي بدران ڪرپشن جي انهي ڪري ور چڙهن ٿيون جو انهن جي آڊٽ جو طريقو ڪجهه منفرد هوندو آهي وزيرن ۽ سيڪريٽرين جي اک به اهڙين رٿائن ۾ هوندي آهي جيڪي ماتحتن کان وڏيون اميدن رکندا آهن۔

کاتن ۾ سياسي ۽ وزيرن جي مداخلت به ڪارڪردگي ٻڙي ڪندا آهن۔جڏهن سينئر ۽ ڄاڻو آفيسر پاسيرا رهن ميرٽ جو ٻيڙو تباهه هجي اتي ڪهڙي ڪارڪردگي ملندي۔وڏي وزير کي ڪڙي خبر ته کاتي ۾ تيرهن ڊي جي ۽ سوين ڊئريڪٽر آهن پر کين آفيسون گاڏيون عملو ۽ بجيٽ به آهي يا نه جو اهي ڪا ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن۔مک صوبائي ۽ ڊويزنل پوسٽن تي جونئئر سفارشي هوندا ته ڪارڪردگي ڪٿان نظر ايندي۔جڏهن جهاٽن هڻڻ وارا ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر بڻبا ته کاتي کي بند ڪرڻ وارا داٻا ته ضرور ملندا۔ميرٽ ۽ ضرورتن بنا کاتو نٿو هلي سگهي۔عهدن لاءِ  واڪ نه پر ميرٽ ۽ اهل آفيسر مقرر ٿيڻ گهرجن۔

هڪ ٻيو سوال آڏو آيو آهي ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري جو مک ذميوار ڪير آهي؟ صاف ظاهر آهي ته مک ذميوار سنڌ جو روينيو کاتو انجا آفيسر ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر  آهي جيڪي انصاف کان ڪم نٿا وٺن يا سزائون ڏين ٿا۔ڀاڻ ائڪٽ ۾ تبديلي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ ڀاڻ بليڪ  تي وڪرو ڪرڻ جي سزا گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال يا ڏهه لک ڏنڊ يا ٻئي سزائون گڏ ڏيڻ گهرجن هزار ٻه وارو ڏنڊ ڪارباري ماڻهن تي وجهڻ سان بليڪ مارڪيٽنگ ختم نه ٿيندي۔ٻج ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي چڪاس لاءِ  هر ضلعي ۾ الڳ الڳ انسپيڪٽر مقرر ٿيڻ گهرجي ۽ آبادگارن کي مشورو ڏيندڙ آفيسر الڳ هجڻ گهرجي۔هن وقت ٻئي ڪم هڪ ئي زرعي آفيسر سرانجام ڏئي ٿو ۽ پوليس به سندن نٿي ٻڌي يا سندس ايف آءِ آر به درج نٿي ڪري جنهن ڪري سالن کان اهڙا سوين ڪيس لاوارث پيل آهن۔ ڊيلر ۽ ڪمپنين جا مالڪ آزاد رهي ڪري غير معياري ڀاڻ ۽ زرعي ڀاڻ جو وڪرو ۽ بليڪ  ڪن ٿا۔روينيو جا ڪامورا ۽ لاڳاپيل ٻيا به پنهنجو پيٽ ڀرين ٿا۔سنڌ سطح تي پلانٽ پروٽيڪشن وارو شعبو خودمختيار هجي جيئن وفاق جو آهي جنهن جو سربراهه چيف سيڪريٽري سنڌ هجڻ گهرجي۔سيڪريٽري ڊائريڪٽر جنرل يا وزير جو ان شعبي سان واسطو نه هجي۔ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي الڳ عدالتون قائم ٿيڻ گهرجن جن ۾ هڪ عدالتي ۽ هڪ زراعت کاتي جو معاون آفيسر مقرر ٿين جيڪي گڏجي ڪيس هلائين ۽ متفقه فيصلا ڪن۔ڊويزن سطح تي اپيلنٽ ڪورٽ هجي۔پوليس کي ذميواري هجي ته اها ڪو به اهڙو ڪيس ترت درج ڪري ۽ جوابدار چالان ڪن۔ڀاڻ ٻج ۽ دوائون فراهم ڪندڙ ڪمپنيون جيڪو به مال ڪنهن ڊيلر کي موڪلين ته ان جو اطلاع لاڳاپيل ضلعي انتظاميا  ۽ زرعي انسپيڪٽر کي اڳواٽ ڪن جيڪو مال وڪرو ٿيڻ کان اڳ مال جي معياري هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ۽ موڪليل مال جي نمونن جي چڪاس ڪرائڻ جو پابند هجي۔بهرحال سنڌ جي زراعت هاڻ سواليه نشان بڻيل آهي۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.