ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پيش آيل اسڪوٽي حادثي، جنهن ۾ ٻن معصوم ڇوڪرين جي قيمتي جانيون وڃائجي ويون، هن واقعي کان پوءِ جيڪي قانوني ڪارروايون ٿيون، جيڪي بيان رڪارڊ ٿيا، جيڪي فيصلا صادر ڪيا ويا، سي سڀ سماج جي حساس ذهن کي جهوريندڙ آهن. ڇو ته سوال صرف اهو ناهي ته ٻن خاندانن جوابدار کي معاف ڪيو، پر اصل سوال اهو آهي ته ڇا هي معافي رضاڪاراڻي هئي؟ يا وري عهدي جو دٻاءُ جو نتيجو آهي؟ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شائستا ڪنڊي جي عدالت ۾ جج جي پٽ ۽ گرفتار جوابدار ابوذر کي پيش ڪيو ويو. چار ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد جوابدار کي عدالت ۾ حاضر ڪيو ويو ۽ فوت ٿيل ڇوڪرين جي وارثن جوابدار کي معاف ڪرڻ جو بيان ڏنو. هڪ فوت ٿيل ڇوڪريءَ جو ڀاءُ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته سندس والده جو بيان آن لائن ذريعي رڪارڊ ڪيو ويو. ٻي ڇوڪريءَ جي والد جو بيان پڻ قلمبند ڪيو ويو. ٻنهي خاندانن طرفان ٺاهه جي تصديق ٿيڻ بعد، عدالت ڪيس ختم ڪري ڇڏيو ۽ جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. قانوني لحاظ کان شايد هي عمل درست هجي، اسلامي قانون جي حوالي سان به جيڪڏهن وارث معافي ڏئي ته قاتل يا حادثي جو ذميوار شخص آزاد ٿي سگهي ٿو. پر ڇا سماجي انصاف به ايترو سادو آهي؟ ڇا مقتولن جي معافي ۽ قانوني گنجائش سڀ ڪجهه آهي؟ يا وري رياست جو به ڪو ڪردار آهي؟
انصاف جي فراهمي رياست جي بنيادي ذميوارين مان هڪ آهي. جتي به ڪنهن انسان جي جان ضايع ٿئي، اتي صرف خاندانن جو مسئلو ناهي، پر سماج جو مسئلو هوندو آهي. هڪ انسان ٻئي انسان جي جان وٺي ۽ پوءِ صرف ڪجهه قانوني ڪارروائي، ڪجهه بيانن ۽ ڪجهه دستخطن سان آزادي ماڻي، اها ڳالهه هڪ صحتمند سماج لاءِ قابل قبول ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن ايئن ٿيندو رهيو ته پوءِ قانون جو خوف انصاف جو يقين ۽ رياست جي بالادستي ڪٿي رهندي؟ اهو ڪو پهريون دفعو ناهي جو پاڪستان ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجهه سال اڳ ڪراچي ۾ هڪ نوجوان قتل ٿيو هو، جنهن ۾ مشهور سنڌي صنعتڪار سڪندر جتوئي جي نوجوان پٽ شاهه رخ جتوئي کي گرفتار ڪيو ويو هو. ان وقت به وارثن ديت جي رقم وٺي معاف ڪيو، پر ان جي باوجود سپريم ڪورٽ جي هڪ جج پنهنجو اختيار استعمال ڪندي اهو فيصلو ڪيو هو ته قاتل کي آزاد نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهو صرف هڪ فرد جو قتل نه هو، پر سماجي امن تي حملو هو. ان وقت اردو ميڊيا ۾ زوردار واويلا ٿي، مباحثا ٿيا، تجزيا لکيا ويا ۽ ڀرپور آواز اٿاريو ويو. پر اڄ جڏهن ساڳيو يا ان کان به وڌيڪ ڏکائيندڙ واقعو اسلام آباد جهڙي شهر ۾ پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ جج جو پٽ شامل آهي، ان وقت اهي ئي آواز گونگا ڇو ٿي ويا؟ اهي ئي ٽي وي اسڪرِين، جن تي شاهه رخ جتوئي جي نالي جي رڙيون ٿي رهيون هيون، اڄ ايتريون خاموش ڇو آهن؟
هيءَ خاموشي پاڻ ۾ هزارين سوال لڪائي ويٺي آهي. ڇا قانون اميرن لاءِ الڳ آهي ۽ غريبن لاءِ الڳ؟ ڇا طاقتور خاندانن جا ٻار به قانون کان مٿانهان آهن؟ ڇا جج جو پٽ هئڻ هڪ ”خصوصي رعايت“ جو سبب آهي؟ ۽ جيڪڏهن نه ته پوءِ ميڊيا جي خاموشي ڇو؟ جيڪڏهن انصاف سڀني لاءِ برابر آهي، ته پوءِ انهن معصوم ڇوڪرين جي خون جي قيمت شاهه رخ جتوئي واري واقعي کان گهٽ ڇو ٿي وئي؟ هي واقعو صرف ٻن ڇوڪرين جي موت جو قصو ناهي، پر اهو پاڪستان ۾ وڌندڙ بي حسي، طبقاتي فرق ۽ ڪمزور انصاف جي نظام جو عڪس آهي. سوال اهو به آهي ته جيڪڏهن جوابدار جج جو پٽ نه هجي ها ته ڇا ايئن ئي ٿئي ها؟ ڇا متاثر خاندان کيس ايترو آساني سان معاف ڪن ها؟ ڇا سندس ضمانت ايتري تيزي سان منظور ٿئي ها؟ اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ قانون جي عملداري هميشه طاقتور هٿن جي رهنمائي ڪندي رهي آهي. غريب لاءِ عدالت جي دروازي تائين پهچڻ به ڏکيو هوندو آهي، جڏهن ته بااثر ماڻهو هڪ فون ڪال سان پنهنجو رستو صاف ڪرائي وٺن ٿا. اها ڳالهه پڻ غور طلب آهي ته وارثن پاران معافي ڏيڻ جو فيصلو ڪهڙن حالتن ۾ ڪيو ويو. اسان هڪ اهڙي سماج ۾ رهون ٿا جتي غريب ماڻهو جي لاءِ دولت، ڌمڪي ۽ دٻاءُ وڏو هٿيار آهن. جيڪڏهن هڪ عام انسان کي چيو وڃي ته ”معاف ڪريو يا نتيجن لاءِ تيار رهو“، ته سندس فيصلو ڪيترو آزاد هوندو؟ جيڪڏهن کيس چيو وڃي ته ”رقم وٺو ۽ خاموش رهو“، ته ڇا اهو انصاف هوندو؟ يا فقط هڪ سوديبازي؟
اسلام آباد وارو واقعو رياست، عدليه، ميڊيا ۽ سماج لاءِ هڪ امتحان آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي پاڻ کي قانوني ۽ انصاف پسند سمجهي ٿي، ته پوءِ ان کي هن معاملي کي صرف ’معافي’ جي آڙ ۾ ختم نه ڪرڻ گھرجي. حادثن جي روڪٿام لاءِ سخت ٽرئفڪ قانون، ڊرائيونگ لائسنس جو نظام، رفتار جي حدن تي عمل ۽ طاقتور ماڻهن لاءِ به ساڳيا قانون لاڳو ڪرڻ لازمي آهن. ڇا جج جو پٽ ٽريفڪ قانون کان مٿانهون آهي؟ ڇا هن وٽ جيڪي سهولتون ۽ سهڪار آهن، اهي عام ماڻهو کي به حاصل آهن؟ ان کان وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۾ معصوم ماڻهن جي جان ايتري سستي ٿي وئي آهي؟ جيڪڏهن هر قتل، هر حادثو صرف ’معافي‘ سان ختم ٿيندو، ته قانون جي بالادستي جو تصور ئي ختم ٿي ويندو؟
اها به حقيقت آهي ته پاڪستان هڪ مسلمان ملڪ آهي ۽ اسلام معافي کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، پر ساڳئي وقت انصاف کي به بنيادي حيثيت حاصل آهي. حضرت علي جو قول آهي ته ”رياست ڪفر سان هلي سگهي ٿي، پر ظلم سان نه.“ جيڪڏهن ملڪ ۾ جاري اهو ظلم ختم نه ٿيو ته پوءِ اهو ظلم رياست جي بنياد ئي هلا.ي ڇڏيندو. اسان هي ايڊيٽوريل ڪنهن فرد خلاف نفرت يا دشمني پيدا ڪرڻ لاءِ نه لکيو آهي، پر اهو سماج کي جاڳائڻ لاءِ آهي. جج جو پٽ هجي يا غريب جو پٽ، قانون سڀني لاءِ برابر هئڻ گهرجي. جيڪڏهن قانون فقط ڪاغذن ۾ برابر آهي ۽ عمل ۾ فرق آهي، ته پوءِ اسان کي پنهنجي نظام تي نظرثاني ڪرڻي پوندي.