هن ناول جي سادي اسلوب ۾ انوکو سحر آھي جيڪو ٻولي جي چس سان ماڻھو جي من کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿو، ناول جي پهرين حصي ۾ فرح پنهنجي پيءَ جي ازلي جدائي جو ڏک پنهنجي من اندر سان اوريندي اداس رهي ٿي، انهيءَ غم جي حساسيت فرح جي دل تي حاوي هجي ٿي عام طرح ڏٺو وڃي ته ڌيئرون پٽن کان وڌيڪ پنهنجي پيءَ سان پيار ڪنديون آھن ۽ اڪثر والدين به پنهنجي نياڻين تي ناز ڪندي نظر ايندا آھن، جن نياڻين کي ٻاروتڻ ۾ پيءَ وڏي لاڏ ڪوڏ سان چيچ مان پڪڙي پيار مان پالي پنهنجي ڌيءَ کي وڏو ڪندو آھي پيءَ جي ارپيل اهڙي پيار کي وسارڻ صفا اوکو هوندو آهي. فرح جو به پنهنجي پيءَ سان محبت جو اهڙو منظر چٽيل آھي۔ اباڻي اڪير جي رهجي ويل اتساه جو احساس آھي۔ جلد جدائي جو گهڻو ڏک آھي۔ غم ۽ پيڙا جي پچار به آھي ۽ هن جي دل کي اها پوري پڪ به هوندي آھي ته منهنجو پيءَ ھاڻي مور نه مون ڏانهن موٽي ايندو تنهن هوندي به ساه ۾ سمايل اهڙي ڏک جو اظھار فرح پنهنجي ڪلاس فيلو سهيلين، روم ميٽ سرتين ۽ پنهنجي جيجل امڙ سان وقت به وقت اوريندي دکي دل کي وندرائيندي رهي ٿي .
فرح ڏانهن ايندڙ اي ميل، هن جي اماڻيل خطن ۾ سچي محبت جي متلاشي بڻجي پنهنجي منزل جي حاصلات جا اکين ۾ خواب ڏسڻ لڳي ٿي هن جا اماڻيل خط وري وري پڙھي ٿي. هن ناول ۾ ھڪ ڪردار آرتي جي نانءُ سان منسوب ٿيل آھي جيڪا فرح جي ڪلاس فيلو هئڻ سان گڏ سٺي سهيلي هوندي آُهي جيڪا پنهنجي ئي شھر جي نوجوان ساگر جي سونهن جا ڳڻ ڳائي هن کي پنهنجي جيون جي سونهن بنائڻ چاهي ٿي .آرتي پنهنجي ڳوٺ ھلي وئي هن جي شادي مائٽن جي مرضي موجب به ٿي وئي جنهن سان هن نڀاءَ ڪرڻ به چاهيو پئي پر شڪي مزاج مڙس هر پل هن کي پهرين پيار جا طعنا ڏيندي نيٺ طلاق ڏئي جدا ڪري ڇڏيو ۽ آرتي دل برداشته ٿي پنهنجي پاڻ کي ماري ڇڏيو.
هڪ گمنام شخص، جيڪو پنهنجي منفرد لکڻين جي سحر ۾ فرح جي حواسن تي هرپل ڇانيل رهي ٿو جيڪو پنهنجي هڪ طويل خط ۾ لکي ٿو ته ”کوڙ ماڻھو محبتن جي سفر ۾ طويل مسافريون ڪندا آھن پر انهن سپنن جي ڌنڌلي شھر ۾ ساڀيان جو سج اڀري سگهندو ناهي جذبن جي رت مان قلم ٻوڙي ڪاغذ جي ڪئنواس تي پنهنجي خوابن ۽ خيالن جون خوبصورتيون پينٽ ڪندا آھن پر انهن جا سپنا ساڀيائون ماڻي سگهندا ناهن ، ڪڏھن ڪڏھن تنهنجو احساساتي آٿت جهڙو وجود مون کي پاڻ سان گڏ محسوس ٿيندو آھي اهڙا شاعراڻا خيال پنهنجي منفرد اکرن جي ادائن سان ڪڏھن خطن ۾ ته ڪڏھن اي ميل جي معرفت فرح ڏي موڪليندو هو ۽ فرح تصور جي دنيا ۾ ڪڏھن هن کي پنهنجي سچي محبت سمجهي انهيءَ جو احساس ۾ اندر رکندي اڻ ڏٺل حسرتن جا ديپ دل ۾ دکائيندي هئي ته ڪڏھن وري هن جي خطن ۾ خالي لفظن جي سونهن من اندر جي موسم بلڪل بي رنگ بنائي ڇڏيندي هئي.
ڪوثر ۽ فرح ڪينجهر گهمڻ آيون هيون۔ ڪوثر ڪينجهر ڪناري خوشگوار موڊ فرح کي چيو ته ”ڏس فرح …! “ زندگي جي وساريل واٽن تان جڏھن به پنهنجون يادون ڳوليندي آھيان ته سوچن ۾ گم سم رهندي آھيان تصور جي رڻ ۾ پاڻ کي اڪيلو رلندي محسوس ڪندي آھيان آئون اڃان تائين وقت ۽ حالتن سان پنهنجي عادتن کي هم آھنگ ڪري نه سگهي آھيان لکندي به آھيان پڙھندي به آھيان ڪڏھن ڪڏھن مڪمل خاموش ٿي ويندي آھيان ڇاڪاڻ ته وقت جي دوست بڻجي نه سگهي آھيان فرح جي اندر جي اڌمن جي اهڙي اپٽار جنهن ۾ دل جي حساسيت سان ڀرپور وارتا آھي پنهنجي اجهامي ويل ڏکن جو درد وقت به وقت پنهنجي پيارين سهيلين سان اوري ٿي، جيڪي هن کي همٿائي حوصلي ڏين ٿيون .
هن ناول ۾ مرڪزي ڪردار جي سنجيدگي ۽ حساسيت کي پڙھندي ڪنهن لمحي ايئن لڳي ٿو ته هي ناول ڄڻ دردن جي آتم ڪٿا هجي. ليکڪه هن ناول سان واه جو نڀايو آھي کيس دل سان جس ڏجي ٿو.