سنڌ ۾ ڪرپشن هڪ ناسور بڻجي چڪي آهي: راشد محمود

لاڙڪاڻو (ن ع آ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ پاران 19، 20 ۽ 21 مارچ 2027ع تي سکر ۾ منعقد ٿيندڙ ”عالمي امن اجتماع“ جي سلسلي ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلعي لاڙڪاڻو جي جنرل ڪائونسل  ۽ تعلقي لاڙڪاڻو، رتوديرو، باقراڻي ۽ ڏوڪري جي مجلسِ عامه جو گڏيل اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي، جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو، مولانا محمد صالح انڍڙ، مفتي سعود افضل هاليجوي، مولانا سيد سراج احمد شاهه امروٽي، مولانا عبدالمجيد قريشي، عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، مولانا راشد خالد محمود سومرو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جو منشور عالمي امن ۽ انسانيت جي ڀلائي آهي، موجوده ملڪي ۽ عالمي حالتون انتهائي ڳڻتي جوڳيون ٿي چڪيون آهن. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عام ماڻهو جي زندگي ڏکي ڪري ڇڏي آهي، تعليم ۽ صحت جهڙا بنيادي شعبا به زبون حالي جو شڪار آهن، امن امان جي خراب صورتحال عوام ۾ ڳڻتي پيدا ڪري رهي آهي، موجوده حڪمران عوام جا حقيقي نمائندا ناهن جيڪي عوامي مسئلن جي حل ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن، سنڌ صوبي ۾ ڪرپشن هڪ ناسور بڻجي چڪي آهي، جيڪا هاڻي خطرناڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن سبب ادارا ڪمزور ۽ عوام پريشان ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن عوام جا بنيادي حق کسيا ويا يا جمهوري رستن ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا، جنهن جي مڪمل ذميواري رياست تي هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.