ميرپورخاص(رپورٽ:غفار رند) ميرپورخاص ۾ ٻن ڏينھن اندر مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ 36لک روپين جي وارداتون رپورٽ ٿيون، شهر ۾ ڦرن ۽ ڏوهن جي وارداتن ۾ تيزي سان اضافو جاري آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن، مهراڻ پوليس اسٽيشن جي حد صوفي ٽائون ۾ هٿياربندن عبدالغفار ۽ مرتضيٰ پنھور کان 2023 ماڊل هنڊا سي ڊي موٽر سائيڪل ڦر ڪئي وئي، مزاحمت ڪرڻ تي مرتضيٰ پنھور کي گولي هڻي زخمي ڪيو ويو، جڏهن ته ساڻس گڏ موجود عبدالغفار لغاري کي پسٽل جا بٽ هڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ٻئي پاسي شهر جي ناگوري مسجد ڀرسان ٻن نامعلوم هٿياربندن هڪ شهري کان ٻه هزار رپيا ڪيش ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، سنڌڙي ٿاڻي جي حد خليفه عقيل هنگورو وٽ موٽرسائيڪل سوار رميش کان ٻن ڦورن 40 هزار رپيا ۽ ٻه موبائل فون ڦر ڪري ورتا، اولڊ ميرپور ٿاڻي جي حد شاهه اڪرام ٽائون ۾ ڊاڪٽر آتش ميان جي گهر تي چار هٿياربندن ڌاڙو هڻي پنج تولا سون، ٻه لک رپيا ڪيش، هڪ لائسنس يافته پسٽل ۽ هڪ ٽچ موبائل فون کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته مهراڻ ٿاڻي جي حد لعل چند باغ ۾ هڪ گهر جا تالا ٽوڙي ڪنوار جا سونا زيور ۽ لڳ ڀڳ پنج لک رپين جو سامان کڻي فرار ٿيڻ جو واقعو پڻ سامهون آيو آهي، شهرين پاران وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي ظاهر ڪندي پوليس کان فوري ڪارروائي ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.