ميرپورخاص بورڊ اسڪينڊل جي جاچ وزير جي آفيس تائين پهچي وئي، ڪارروايون تيز

ڪراچي/ ميرپورخاص (عوامي آواز نيوز) ميرپورخاص ۾ تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر خلاف جاچ جو دائرو وڌندي لاڳاپيل وزير جي آفيس ۽ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي تائين پکڙجي ويو، اينٽي ڪرپشن ٽن اڳوڻن چيئرمينن، کاتي جي آفيسرن ۽ وزير جي پرسنل سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو، تعليمي بورڊ جي اڳوڻي ناظم امتحان انور عليم خانزادو جي گرفتاري بعد جاچ دوران ناجائز مراعتن، اختيارن جي غلط استعمال ۽ مالي بي ضابطگين بابت اهم انڪشاف سامهون آيا، جنهن بعد جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو، اينٽي ڪرپشن سنڌ طرفان اڳوڻن چيئرمينن ڊاڪٽر  ثمر رضا ٽالپر، برڪات علي حيدري ۽ ذوالفقار علي شاهه سميت ڪيترن آفيسرن کي جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو، جڏهن ته ڊپٽي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ فرحان اختر، ان جي آفيس سيڪريٽري اعجاز ۽ وزير جي پرسنل سيڪريٽري نعيم قريشي کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ عباس بلوچ کان 7 ڏينهن اندر انور عليم خانزادو جي مختلف تعليمي بورڊن ۾ ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ بابت مڪمل رڪارڊ طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ 2016 کان وٺي مسلسل اهم عهدن تي مقرري بابت وضاحت گهري وئي، جاچ دوران آفيسرن تي ڪروڙين رپين جي غيرقانوني وصولين جا الزام به سامهون آيا آهن، جن ۾ هڪ آفيسر تي ڏيڍ ڪروڙ، ٻئي تي 80 لک ۽ ٽئين تي هڪ ڪروڙ 35 لک رپيا وٺڻ جا الزام شامل آهن، اينٽي ڪرپشن موجب جاچ ۾ ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جي عمل دوران غيرقانوني ادائيگين ۽ اثر رسوخ جي استعمال جا ثبوت مليا آهن، لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو جاچ آفيسر آڏو پيش ٿي پنهنجو موقف ۽ لاڳاپيل رڪارڊ فراهم ڪن، جاچ جي پيش رفت سان امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪيس ۾ وڌيڪ اهم شخصيتون به شامل ٿي سگهن ٿيون، اينٽي ڪرپشن طرفان ڪارروائي جو دائرو وڌيڪ وڌائڻ جا امڪان پڻ ظاهر ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.