خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان ڳوٺ سعيد خان لاکو ۾ پوليس جي مبينا ڊرون حملن ۾ ڌاريجا برادري جي ٻن نوجوانن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ ايس ايس پي خيرپور سندن تڏي تي پھچي ويو ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي موجب ڊرون حملن ۾ مارجي ويل صدرالدين ۽ ضامن علي ڌاريجو جي وارثن جي مرضي جي موجب ڪاروائي ڪئي ويندي واقعي جي جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جيڪي به ماڻهون ذميدار آهن انهن کي وائکو ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي چيو ته اداري پاران کاتيوار ڪارروائي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي وارثن جو قانوني حق آهي ۽ انهن کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي وارثن پاران واقعي خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائي ويندي جنهن کان پوءِ جاچ جو عمل اڃان وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.