ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) ڪنري ۾ سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن گوليون ھڻي پورهيت نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پنج پُلي ريگيوليٽر وٽ هوٽل تي پورهيتو ڪري گهر موٽندڙ پورهيت نوجوان 18 ورهين جي محمد اقبال ولد تاج محمد ڪپري کي جوابدارن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ڪنري منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. اسپتال ۾ مقتول جا مائٽ، مرد ۽ عورتون وڏي انگ ۾ موجود هئا، جيڪي دانھون ڪندي روئي رهيا هئا، جنهن سبب ماحول سوڳوار بڻجي ويو، مقتول جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندن برادري جي ڪجهه ماڻهن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن جي فيصلي لاءِ چڱن مڙسن کي چيو پر ڪنھن به فيصلو نه ڪيو ۽ جوابدارن ڌمڪيون ڏنيون هيون اھڙي اطلاع ڪنري پوليس کي پڻ ڏنو هو پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو جنھن بعد جوابدارن گوليون ھڻي سندس نوجوان پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي جنازي نماز مقامي عيد گاھ ڪنري ۾ ادا ڪري کيس مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي ماءُ مسمات زاهدان ڪپري جي فرياد تي ٻن ڄڻن صلاح ڪپري ۽ زاهد ڪپري خلاف ڪنري ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، واقعو سڱاوتي تڪرار سبب پيش آيو آھي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيو پيا کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.