گهوٽڪي ۾ ڪتو مارڻ دوران فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي ۾ ڇتي ڪتي کي ماريندي گولي لڳڻ سبب نوجوان مارجي ويو، واقعي بعد پوليس پهچي وئي،  گھوٽڪي جي رحموالي محلي ۾ ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ ڪيل فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان ضمير پٽ اصغر علي شيخ سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي فوري طور علاج لاءِ تعلقا اسپتال گھوٽڪي منتقل ڪيو ويو، جتان طبيعت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاءِ سکر ريفر ڪيو ويو جيڪو رستي ۾ فوت ٿي ويو، فوتي جي وارثن موجب ملڪ برادري جا ڪجهه نوجوان ڪتو مارڻ لاءِ هٿيار کڻي آيا ۽ پاڙي وارن جي منع ڪرڻ باوجود فائرنگ ڪئي، جنهن دوران گهر جي در تي بيٺل ضمير شيخ گولي جو نشانو بڻجي ويو، پوليس موجب ڪُتي کي مارڻ دوران واقعو پيش آيو، شهري کان جاچ جاري آهي، ٻئي پاسي شيخ برادري جي ماڻهن پاران مارجي ويل نوجوان جو لاش قومي شاهراهه تي رکي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.