آئون هن وقت اسي سالن جي ڄمار رکندڙ آهيان، جنهن دوران خواجا ناظم الدين، غلام محمد، اسڪندر مرزا، ايوب خان، يحيٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو، ضياءُ الحق، پرويز مشرف، نواز شريف، بينظير ڀٽو، عمران خان ۽ ٻين جو حڪومتون ڏٺيون. جمهوريت حق انصاف قانون جي لتاڙ هر دور ۾ ٿي، جيڪا سڀني جي سامهون آهي، جيڪڏهن هاڻ 26 ۽ 27 ھين ترميم ٿي آهي ته ڪا نئين ڳالهه ناهي نه وري ان لاءِ ڪنهن کي ذميوار چئي سگهجي ٿو، جو اهي ترميمون فوج نه بلڪ اقتداري ايوانن ۾ ويٺل عوام جي چونڊيل نمائندن ڪيون آهن. ايوان صدر ۾ ويٺل 25 ڪروڙ ماڻهن جي ان شخص توثيق ڪئي آهي جنهن جمهوريت بهتر انتقام جو نعرو هنيو هو۔ ن ليگ سدائين آمرن جو پاسو ورتو انهن جي طرفداري ڪئي پر هن ڀيري پ پ به پاڻ ملهايو شينهن ٻڪري هڪ ٿي ويا۔
هن وقت پارليامينٽ، فوج کي آئيني ذميواريون ڏنيون آهن، جن تي عمل ٿي چڪو آهي. آرمي چيف هاڻ گڏيل فوجن جو سربراهه به رهندو، جنهن جو مدو 2030 تائين رهندو، کيس استثنيٰ حاصل هوندو. سندس محاسبو ٿي نه سگهندو جنهن سان ملڪي سياست هڪ نئين رخ طرف هلي وئي آهي جنهن سان اهي امڪان رد ڪري نٿا سگهجن ته نئون سال ڪنهن حد تائين نين تبديلين طرف هليو وڃي۔ چئني صوبن جا گورنر تبديل ٿي سگهن ٿا، اهو به ممڪن آهي ته ڪو رٽائرڊ فوجي جنرل به گورنر جو عهدو ماڻي ۽ هڪ صوبي کي گورنر راڄ طرف به ڌڪيو وڃي۔ هن وقت پارليامينٽ ۾ ن ليگ کي سادي اڪثريت حاصل آهي جيڪا سنڌ ۽ پنجاب ۾ پنهنجا گورنر آڻي باقي ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ رٽائرڊ جنرلن جي مقرري کي رد ڪري نٿو سگهجي جتي زميني حالتون ڪجهه سازگار ناهن اتي گورنر راڄ به لڳي سگهي ٿو جنهن لاءِ پيپر ورڪ آخري مرحلن ۽ تڪميل ويجهو آهي۔
ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل واري ڪيل پريس ڪانفرنس به سامهون آهي، جنهن ۾ سخت لهجو اختيار ڪيو ويو ۽ جنهن انداز سان سوالن جا جواب مليا سي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته مستقبل قريب ۾ ڪي سخت قدم کڄڻ وارا آهن جنهن سان پي ٽي آءِ قيادت خلاف فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائي سگهجن ٿا۔ عمران خان کي پهريون ڀيرو ملڪ دشمن طور پڪاريو ۽ سڏيو ويو آهي۔ اهو به ممڪن آهي ته کيس اڊيالا کان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو وڃي۔ عمران ۽ سندس خاندان به هوڏ تان نٿو لهي نه وري ڪنهن قسم جي ڊيل جي موڊ ۾ آهي۔ حڪومت به پهنجا هٿ وڍائي ڇڏيا آهن، وٽن باقي ٻيو ڪو به آپشن هاڻ ناهي بچيو۔ پ پ جو داءُ به گسي چڪو آهي بلاول ڀٽو زرداري 2030 ته ڇا پر 35 تائين به وزيراعظم واري ڪرسي تي شايد ئي ويهي سگهي کيس انتظار ڪرڻو پوندو .
غور سان ڏسجي ته پارليامينٽ هاڻ مجلس شوريٰ بڻجي رهي آهي جيڪا ضياءُ الحق جي وقت ۾ هئي۔ ملڪ جا وڪيل صحافي ۽ چونڊيل نمائندا گروهن ۾ ورهايل آهن جن کي پنهنجا پنهنجا منشور ۽ حڪمت عمليون آهن جن لاءِ اهي ڪم پيا ڪن۔27 هين ترميم بعد ججن جو ڪجهه انگ استعفائون ڏئي عهدا ڇڏي چڪو آهي جنهن سان به عدالتي نظام متاثر ٿيو آهي۔ سرڪاري ادارن جو نظام به صحيح رخ ڏانهن نه پيو وڃي عام ماڻهو مسئلن جو شڪار آهي جو مهانگائي ۽ رشوت جو عنصر چوٽ چڙهي چڪو آهي جنهن لاءِ ڪنهن منظم سياسي ۽ انتظامي جوڙجڪ جي ضرورت آهي جيڪا هاڻ حڪومت وس هيٺ به ناهي رهي.