سنڌ صدين کان سورن جي آڙاهه ۾ سڙندي رهي آهي ڪڏهن ڌارين جون ڪاهون ڌرتيءَ کي ڌوڏينديون رهيون آهن ته ڪڏهن پنهنجن جا پرڪار سنڌ جي وجود کي زخمي ڪندا رهيا آهن۔ جڏهن رشتن کي باهه لڳندي آهي تڏهن علائقي جو امن داءُ تي لڳي ويندو۔ اهو سڀ ڪجهه سرداري نظام سبب ٿيو آهي۔ تاريخي حوالن موجب ۱۸۴۳ع کان اڳ سنڌ ۾ سرداري نظام ڪو نه ھيو. سنڌ ۾ صرف ڳوٺاڻي پنچائت ھوندي ھئي يا تر جي زميندارن جي راڄوڻي ھوندي ھئي پر ان راڄوڻي ۾ ڳوٺ جي سڀني ذاتين جا ماڻھو شامل ھوندا ھئا. انگريزن جي دور ۾ قبيلائي سرداري جو تصور اڀريو جيڪو پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو رهيو. ضيائي مارشل لا سرداري نظام کي وڌيڪ پختو ڪيو ۽ هر سردار پاڻ کي طاقتور سمجهي برادري توڙي علائقي تي غلبو حاصل ڪندو رهيو۔ سنڌ اندر بدامني ۽ ڌاڙيل ڪلچر جا ذميوار سرداري نظام آهي، سردارن ۽ وڏيرن جي قبضي ۾ پوليس آهي جيڪا ڌاڙيلن سان ٻٽ بڻيل آهي۔ جنهنڪري ملڪيتن تي قبضا ۽ ماڻهن کي يرغمال بڻايو ٿو وڃي، هن ڀوتارڪي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ اهي ادارا خود ملوث آهن جيڪي سنڌ جي ڦرلٽ کي پنهنجو حق سمجهن ٿا پوءِ اهي ماڻهو مارڻ ۾ به دير نه ٿا ڪن. اهڙو ئي هڪ واقعو ميهڙ شھر ۾ ڪرم الله چانڊيو، سندس ٻن پٽن مختيار ۽ قابل کي اوچتو ئي سندن برادري جي هٿياربندن گولين جا مينهن وسائي شهيد ڪري ڇڏيو. اهڙي جيءُ جهوريندڙ خوني واردات سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو.
ام رباب جي يتيميءَ تي هر اک ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي پر سندس گهر ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار وڏي آڪڙ، ٺٺ ٺانگر سان نهايت ئي غرور ۽ تڪبر سان اهڙيون غير سنجيده ڳالهيون ڪندا رهيا ڄڻ ڪو انهن وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي. ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جي هڪ ئي وقت پنهنجي گهر جي اڱڻ تي بيدرديءَ سان ٿيل قتل واري واقعي کي ڪئي سال گذري ويا آهن، پر اڃا تائين اهڙي سنگين سانحي جو عدالت سڳوريءَ مان فيصلو نه اچي سگهيو آھي جيڪو خود اسان جي انصاف تي هڪ سواليه نشان آهي. هڪ طرف مظلوم ام رباب اها بهادر ڌرتيءَ ڌياڻي آهي جنهن کي سنڌ جي ظالماڻي نظام ٻالڪپڻ جي عمر ۾ پنهنجي خاندان جي وحشياڻي قتل جا گهاءُ ڏنا تنهن هوندي به هيءَ سُورمي سنڌوءَ ماتا جو رُوپ ڌاري وقت جي غاصبن خلاف ميدان عمل ۾ آهي ۽ اَذانِ انقلاب سان للڪاري پئي.هن خوني واقعي جي درد ڀري ڪٿا ٻين ڪيسن کان ان ڪري مختلف آهي جو لکيل پڙھيل ۽ شاهوڪار گهراڻي جا ٽي خاص فرد، جن مان 2 ان وقت مڪاني ادارن جي مختلف ڪائونسلز جا چونڊيل عيوضي هئا ۽ ھڪ چانڊيا ڀوتارن سان بغاوت ڪندڙ چانڊيا قبيلي جي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن پاران قائم ڪيل تمندار ڪائونسل جو چيئرمين هو. ظاهر آھي ته جڏھن اهڙن خاص ماڻھن کي بنا ڪنهن ڏوهه جي ماريو وڃي ته ان سان همدردي ٿيڻ فطرتي عمل آهي۔ ائين ئي هر مظلوم هاري مزدور شاگرد ظلم ۽ زيادتين خلاف باغي بڻجي اٿي پوي ته هوند ظالم جو خاتمو اچي وڃي۔
ام رباب چانڊيو 2024ع ۾ اردو زبان ۾ اذان انقلاب لکي سرداري نظام خلاف جيڪا اذان بلند ڪئي آهي تنهن پوري قوم کي جنجهوڙي ڏيو آهي 127 صفحن تي ٻڌل ڪتاب جو مقدمو سنڌ جي نامور عالم ۽ سنڌ ساگر پارٽيءَ جي چيئرمين عبدالمومن ميمڻ لکيو آهي جنهن ۾ هو قرآني دليلن سان سرداري ۽ جاگيرداري نظام کي غلط قرار ڏئي ٿو ۽ هر غلامي کان نجات جو دڳ ڏيکاري ٿو پوءِ اها غلامي نفسياتي هجي يا سماجي هجي روحاني هجي يا اقتصادي هجي انهن خلاف سراپا احتجاج ٿيڻ انساني زمير ۾ اچي ٿو۔ ام رباب وقت جي حڪمرانن سهولتڪارن يعني نام نهاد سرادرن پيرن ملن زميندارن ۽ بيوروڪريٽس جي پرڪارن ۽ بدڪارين کي بي نقاب ڪيو آهي۔ ام رباب ظلم جي نظام خلاف حضرت موسيٰ جي عصا وارو ڪردار اپنايو آهي جيڪا نانگ بڻجي ظالم قوتن جو خاتمو آڻيندي هن ڪتاب جا چار باب ٺاهيا ويا آهن جن ۾ ماضي حال ۽ مستقبل کي اهڙي طرح مرتب ڪيو آهي جو پڙهندڙ پنهنجي لاءِ رهنمائي جو ذريعو سمجهي ٿو ڇوته هڪ قانون جي شاگردياڻي ٿي ڪري، مرداڻي سماج سان ڪيئن ٿي اٽڪي ۽ پنهنجي ئي قبيلي جي سردارن کي نه صرف پنهنجي پيارن گهرڀاتين جي قتل ۾ ملوث ڄاڻائي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو پڪو ۽ پختو عزم رکي ٿي، پر سياسي سماجي سرگرمين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهي آھي، جيڪو سندس شخصيت کي وڏي مقام تائين پهچائي ٿي۔پاڻ بهترين قانوني حڪمت عملي، ثابت قدمي، سهپ ۽ فهم واري عظيم، شاندار ۽ لازوال گُڻن سبب ڀوتارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن. ام رباب هڪ پڙهيل لکيل عورت سان گڏ قانون جي ڄاڻو پڻ آهي انڪري هن ڪتاب ۾ امِ رباب، جيڪا ڪورٽن ۾ حوصلي جو پهاڙ ٿي نظر ايندي آهي، اها جڏهن پنهنجو داستان لکڻ ويهي ٿي ته قلم به رت روئڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو ڇوته سندس خالي ۽ ويران گهر اداسي جي عالم جو ڏيک ڏيڻ لڳي ٿو جن کيس پالي وڏو ڪيو سي اڄ کانئس وڇڙي ويا آهن۔
امِ رباب جي خاندان جو قتل تاريخ جو نهايت ڏکائيندڙ باب آهي جيڪڏهن کيس عدالتن مان انصاف نه مليو ته هڪ وڌيڪ قتل هوندو ۽ وڏيرڪي نظام جي ڪاميابي جو اعلان هوندو. اڄ پوري سنڌ امِ رباب جي مظلوميت تي ڳوڙها ڳاڙي وڏيرڪي ۽ سرداري نظام جي خاتمي جو انتظار ڪري رهي آهي۔ سندس ڪتاب ”اذان انقلاب“ هر باضمير ماڻهو کي جاڳائيندو رهندو ۽ سنڌ جي قبيلائي نظام ۽ سرداري سسٽم جو خاتمو آڻي انقلاب جي راھ هموار ڪندو رهندو, ڇو ته مُني صدي کان وٺي سنڌ تي سردارن، ڀوتارن، وڏيرن ۽ رئيسن جو راڄ قائم رهيو آھي، جن سدائين ظلم جي بازار گرم رکي رهزني جو روپ اپنايو آهي۔اميد ته ام رباب جي اذان انقلاب تحريڪ سنڌ مان جاگيرداري ۽ سرداري نظام جي پاڙ پٽي ڇڏيندي ۽ ڪوبه وڏيرو سردار ۽ ڀوتار بدمعاشي ڪري ڪنهن ٻي ام رُباب جو گهر نه اُجاڙي سگهندو.