پاپولسٽ قيادت

سليم صافي

سادن لفظن ۾ پاپولسٽ قيادت جي وصف اها آهي ته اهڙي قيادت، جيڪا دل کي وڻندڙ نعرن کي هٿي ڏئي، نتيجن کان بي پرواهه ٿي پنهنجي قوم کي سبز باغ ڏيکاري. اهڙي قسم جي قيادت هر اهو نعرو اختيار ڪندي آهي، جنهن سان قوم خوش ٿي وڃي. اها اهڙي جذباتي فضا پيدا ڪري ٿي، جو سندس حامي پنهنجي اڳواڻ خاطر مرڻ مارڻ لاءِ به تيار ٿي وڃن ٿا. جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويل اهي پوئلڳ به ٿڌي دل سان سوچڻ ۽ معاملن تي غور ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا. پاپولسٽ اڳواڻ جي حامين کي پنهنجي اڳواڻ جي ڪا غلطي نظر نٿي اچي، جڏهن ته سندس مخالفن کان ڪنهن به خير جي اميد نٿي رکي وڃي.

غور سان ڏٺو وڃي ته هن وقت دنيا ۾ ڪيترن ئي فساد ۽ بحرانن جو هڪ سبب پاپولسٽ قيادت به آهي، جنهن جي نمايان مثال آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ آهي. چونڊ مهم دوران ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪين اندر قومپرست جذبن کي اڀاريندي اهو نعرو هنيو ته هو آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائيندو. هن اڳوڻن صدرن ۽ پنهنجي مخالفن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. اهڙا نعرا هنيا، جيڪي شايد عملي طور تي ممڪن نه هئا، پر انتهائي پرڪشش ضرور هئا. نتيجي ۾ آمريڪين جي هڪ وڏي انگ سندس حمايت شروع ڪري ڏني. هنن سندس غيرروايتي انداز ۽ ماضي کي به نظرانداز ڪري ووٽن جي برسات ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو آمريڪا جهڙي وڏي ملڪ جو صدر بڻجي ويو.

صدر بڻجڻ کان پوءِ به هو پنهنجي انداز کان پوئتي نه هٽيو ۽ قوم آڏو پاڻ کي غيرروايتي ۽ عوامي صدر طور پيش ڪندو رهيو. مثال طور، ان کان اڳ آمريڪي صدر عام طور موبائل فون پاڻ وٽ رکڻ کان پاسو ڪندا هئا، پر ٽرمپ اڪثر صحافين کي موبائل فون تي دستياب رهندو هو. اڳوڻا آمريڪي صدر مخصوص وقتن تي محدود پريس ڪانفرنسون ڪري پنهنجو موقف بيان ڪندا هئا، پر ٽرمپ نه رڳو هر وقت ميڊيا سان غيرروايتي انداز ۾ ڳالهائيندو رهيو، پر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جو به غيرمعمولي استعمال ڪندو رهيو.

اڄ به آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي لکين ۾ آهن، پر اچو ته هڪ نظر وجهون ته سندس دور ۾ آمريڪا ڪهڙي صورتحال تائين پهتو. ٽرمپ کان اڳ آمريڪي صدرن جي ڳالهه ته پري، سندن هڪ هڪ اشارو به سڄي دنيا ۾ غور سان ڏٺو ويندو هو ۽ مختلف ملڪ ان کي نظر ۾ رکندي پنهنجون پاليسيون جوڙيندا هئا. پر اڄ آمريڪي صدر جي بيانن کي ڪيترائي ماڻهو سنجيدگي سان نٿا وٺن، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن هو ڪجهه چوي ٿو ته ٻئي ڏينهن ان جي ابتڙ ڳالهائي ٿو. هڪ ڏينهن ڪنهن ملڪ جي سربراهه جي توهين ڪري ٿو ته ٻئي ڏينهن کيس پنهنجو عظيم دوست قرار ڏئي ٿو. نتيجي ۾ آمريڪا جهڙي ملڪ جي صدر جي دعوائن ۽ واعدن جي اهميت بابت سوال اٿڻ لڳا آهن. ٽرمپ آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائڻ جو دعويٰ ڪيو هو، پر سندس دور ۾ آمريڪا جي انساني آزادين بابت ساک کي سخت نقصان پهچڻ جا الزام سامهون آيا. پناهگيرن لاءِ حالتون وڌيڪ ڏکيون ٿيون. اميگريشن اينڊ ڪسٽمز انفورسمنٽ جهڙا ادارا وڌيڪ نمايان ٿيا ۽ ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ خوابن جي سرزمين تصور ٿيندڙ آمريڪا هڪ سخت ۽ خوفناڪ منظر پيش ڪرڻ لڳو. ٽرمپ کان اڳ آمريڪا ميڊيا جي آزاديءَ جي حوالي سان مشهور هو، پر سندس دور ۾ وائس آف آمريڪا سان لاڳاپيل وڏي انگ ۾ ماڻهن جي روزگار متاثر ٿيڻ جون خبرون سامهون آيون. ٽرمپ انهن اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کي وڌيڪ قبول ڪندو نظر آيو، جيڪي سندس تعريف ڪندا هئا، جڏهن ته تنقيد ڪندڙ ميڊيا خلاف سخت ردعمل ظاهر ڪندو رهيو. صورتحال ان حد تائين پهتي جو وائٽ هائوس ۾ تنقيد ڪندڙ ميڊيا جي ڪجهه رپورٽرن جي داخلا روڪڻ جو معاملو عدالت تائين پهتو ۽ پوءِ عدالتي مداخلت سان داخلا بحال ٿي.

ڊونلڊ ٽرمپ کان اڳ آمريڪي سياست ۾ اقربا پروري ۽ دوست نوازي جي حوالي سان اهڙا مثال عام نه هئا، پر سندس دور ۾ انهن بابت به سوال اٿيا. هڪ طرف سندس ناٺي جيريڊ ڪشنر آهي، جنهن وٽ باضابطه سرڪاري عهدو نه هئڻ باوجود ايران ۽ يوڪرين جهڙن اهم معاملن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جون ڳالهيون سامهون آيون، ته ٻئي طرف سندس ڪاروباري دوست اسٽيو وِٽڪوف جو به اهڙن معاملن ۾ اهم ڪردار نظر آيو. ميڊيا طرفان اهو الزام پڻ لڳايو ويو ته آمريڪي صدر ايران جنگ کي اسٽاڪ مارڪيٽ جي لاها چاڙها ۽ مالي فائدي لاءِ استعمال ڪيو، پر انهن الزامن جي باوجود سندس پاليسين ۾ ڪا نمايان تبديلي نظر نه آئي.

ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ نيٽو کي اڳ جيتري اهميت نه ڏني. يوڪرين جي جنگ ۾ به آمريڪا جي ڪردار کي گهٽايو، جنهن جي نتيجي ۾ اها سپر پاور عالمي سطح تي اڪيلائي ڏانهن وڌندي نظر آئي. ايران جنگ دوران به ڪيترن ئي يورپي ملڪن آمريڪا جو ساٿ نه ڏنو، بلڪه ڪجهه ملڪن ان جي ڪارروائين جي مذمت پڻ ڪئي. ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪين سان واعدو ڪيو هو ته هو اقتدار ۾ ايندي ئي چين کي لڳام ڏيندو، پر سندس دور ۾ چين اڳ کان وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌندو رهيو. ان دوران چين عرب دنيا، آفريڪا ۽ يورپ ۾ به پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪيا، جڏهن ته ٽرمپ جي پاليسين سبب آمريڪا جي ڪجهه اتحادن ۽ دوستاڻن لاڳاپن بابت سوال اٿڻ لڳا.

اڄ صورتحال اها آهي ته چين جي صدر جي آمريڪا آمد تي ڊونلڊ ٽرمپ جنهن انداز سان سندس استقبال ڪيو، ان کي سياسي مبصرن مختلف نظرين سان ڏٺو. ان جي ابتڙ جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه مهينا اڳ چين ويو هو ته چيني صدر سندس استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي موجود نه هو ۽ نه ئي پرڏيهي وزير اتي آيو هو. پر چيني صدر جي آمريڪا آمد تي ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي گهرواري سان گڏ ايئرپورٽ تي موجود هو. جهازن جي سلامي سان گڏ توپن جي سلامي به ڏني وئي. هاڻي سوال اهو آهي ته ’آمريڪا عظيم ٿيو يا چين؟‘ ڊونلڊ ٽرمپ جي سڀ کان وڌيڪ تڪراري فيصلن مان هڪ ايران سان جنگ ۾ آمريڪا جي شموليت هئي، جنهن بابت مضمون نگار جو خيال آهي ته اهو فيصلو اسرائيل جي اثر هيٺ ڪيو ويو. ان جنگ آمريڪا کي، جيڪو انساني حقن ۽ آزادين جي علمبردار طور پاڻ کي پيش ڪندو رهيو آهي، جارح ۽ ظالم قوت طور ڏسڻ واري تاثر کي هٿي ڏني ۽ ان جي عالمي ساک کي نقصان پهتو. ٻئي طرف شديد بمباري باوجود ايران کي جهڪڻ تي مجبور نه ڪري سگهڻ سبب آمريڪا جي سپر پاور واري حيثيت بابت به سوال اٿيا. ان جو سڀ کان وڏو اثر آمريڪا جي عرب اتحادين تي پيو.

آمريڪا هاڻي نه آسانيءَ سان علائقي مان نڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي اڳئين انداز ۾ اتي رهي سگهي ٿو. انهن پاليسين سبب ايران جو رويو وڌيڪ سخت ٿيو ۽ جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ ختم به ٿئي ٿي ته عرب ملڪن کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. اهو ئي سبب آهي جو اهي پنهنجي سلامتي لاءِ متبادل رستا ڳولڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن.ايران جنگ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسي جو هڪ وڏو نتيجو اهو نڪتو ته سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌي ويون. ايشيائي ۽ يورپي ملڪن جون معيشتون ته متاثر ٿيون ئي، پر آمريڪي معيشت به ان اثر کان بچي نه سگهي. نتيجي ۾ جيڪي آمريڪي اها اميد ڪري رهيا هئا ته ڊونلڊ ٽرمپ سندن لاءِ آمريڪا کي جنت بڻائي ڇڏيندو، انهن لاءِ معاشي مشڪلاتون وڌيڪ وڌي ويون ۽ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿيندو ويو.

You might also like