مڇرن کان پاڪ ماحول ئي بيمارين کان بچائيندو آهي

ايڊيٽوريل

 رپورٽن موجب سنڌ ۾ هلندڙ سال مليريا جا هڪ لک 17 هزار ڪيس ظاهر ٿيان آهن. اها رپورٽ صحت عامه جي صورتحال بابت انتهائي سنجيده سوال اٿاري ٿي. مڇرن جي موسم هر سال ايندي آهي، مڇرن مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جا خطرا به ڪو نئون مسئلو ناهن، پر ان باوجود جيڪڏهن مليريا، ڊينگي ۽ چڪن گونيا جهڙيون بيماريون وڌنديون رهن ته ان جو مطلب اهو آهي ته بيمارين جي روڪٿام لاءِ اڳواٽ ۽ اثرائتا انتظام نه ڪيا ويا آهن. سوال اهو آهي ته جڏهن صحت جا ادارا ڄاڻن ٿا ته برساتن ۽ بيٺل پاڻي سبب مڇرن جي افزائش وڌندي آهي ته پوءِ مڇر مار مهم، اسپري ۽ عوامي آگاهيءَ جا قدم موسم جي شدت کان اڳ ڇو نٿا کنيا وڃن؟

مليريا سنڌ لاءِ نئون خطرو ناهي. هر سال مڇرن جي واڌ ۽ مليريا جي ڪيسن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت لاءِ ان ڳالهه جي اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي نه هجڻ گهرجي ته ڪهڙن ضلعن ۾ مڇرن جي افزائش جا وڌيڪ امڪان آهن ۽ ڪهڙن علائقن ۾ اڳواٽ حفاظتي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هڪ لک کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچن ٿا ته ان کي رڳو موسمي بيماري قرار ڏئي معاملو ختم نٿو ڪري سگهجي. اها صحت عامه جي منصوبابندي، نگراني ۽ روڪٿام واري نظام جي ڪارڪردگي جو به امتحان آهي.

سنڌ حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي ته مڇر مار مهم بيماري پکڙجڻ کان پوءِ شروع ڪرڻ بدران ان کان اڳ شروع ڪرڻ وڌيڪ اثرائتو قدم آهي. مڇرن جي افزائش جا هنڌ ختم ڪرڻ، بيٺل پاڻي جي نيڪال، نالن ۽ نالين جي صفائي، گندگي ختم ڪرڻ، لاروا ڪش اسپري ۽ ضرورت موجب فوگنگ اهڙا قدم آهن، جيڪي هر سال اڳواٽ منصوبا بندي سان ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن اهي ڪم وقت سر ڪيا وڃن ته اسپتالن تي بيمارين جو بار به گهٽجي سگهي ٿو ۽ غريب خاندانن کي علاج، ٽيسٽن ۽ دوائن تي ٿيندڙ اضافي خرچ کان به بچائي سگهجي ٿو. خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ ڌيان طلب آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ صاف پاڻي، نيڪال ۽ صفائي جون سهولتون اڳ ئي محدود آهن. برساتن کان پوءِ بيٺل پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن تائين موجود رهي ٿو، جنهن سان مڇرن جي افزائش لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿئي ٿو. اهڙي ماحول ۾ مليريا ۽ ٻين مڇرن مان منتقل ٿيندڙ بيمارين جو خطرو وڌي وڃي ٿو. حڪومت کي ضلعي سطح تي اهڙن علائقن جي نشاندهي ڪري مستقل نگراني جو نظام قائم ڪرڻ گهرجي، نه ته هر سال بيماريون وڌڻ کان پوءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.

ڊينگي به سنڌ لاءِ هڪ اهم صحت جو مسئلو بڻجي چڪو آهي. ڊينگي جو مڇر عام طور تي شهري علائقن ۾ به تيزي سان پکڙجي سگهي ٿو، خاص طور تي انهن هنڌن تي جتي صاف بيٺل پاڻي موجود هجي. گهرن جي ڇتين تي رکيل ٽانڪين، پراڻن ٽائرن، ٽٽل ٿانون، ڪونڊين ۽ ٻين ننڍن هنڌن تي بيٺل پاڻي به مڇرن جي واڌ ويجهه جو سبب بڻجي سگهي ٿو. تنهن ڪري ڊينگي خلاف مهم رڳو اسپتالن يا صحت کاتي تائين محدود نه هجڻ گهرجي؛ ان ۾ بلدياتي ادارن، مڪاني حڪومتن، اسڪولن، ميڊيا ۽ عوام کي پڻ شامل ڪرڻ ضروري آهي.

چڪن گونيا جي وڌندڙ واقعن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. مڇرن مان منتقل ٿيندڙ بيمارين جي روڪٿام جو بنيادي اصول اهو آهي ته مڇرن جي واڌ ويجهه کي روڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت هڪ ئي وقت مليريا، ڊينگي ۽ چڪن گونيا کي منهن ڏيڻ چاهي ٿي ته پوءِ ان کي بيماري وار الڳ الڳ مهمن بدران گڏيل مڇر ڪنٽرول پروگرام تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙي پروگرام ۾ مڇرن جي افزائش وارن هنڌن جي سڃاڻپ، صفائي، لاروا ڪنٽرول، اسپري، نگراني ۽ علاج جون سهولتون سڀ شامل هجن  ان کان علاوه اسپتالن ۽ بنيادي صحت مرڪزن ۾ مليريا، ڊينگي ۽ ٻين لاڳاپيل بيمارين جي تشخيص جون سهولتون موجود هجڻ گهرجن. ضروري ٽيسٽ، دوائون ۽ تربيت يافته عملي جي دستيابي يقيني بڻائڻ گهرجي. ڪيترائي غريب ماڻهو بيماري جي شروعاتي مرحلي ۾ علاج ڪرائڻ بدران گهر ۾ رهڻ تي مجبور ٿين ٿا، جنهن سان بيماري جي پيچيدگين جو خطرو وڌي سگهي ٿو. حڪومت کي بنيادي صحت مرڪزن کي فعال بڻائي ماڻهن کي سندن علائقن ۾ ئي تشخيص ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن. ان سان گڏ ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ ان جي بنياد تي پاليسي ٺاهڻ تي به خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. هڪ لک 17 هزار مليريا ڪيسن جو انگ رڳو هڪ انگ نه آهي؛ اهو حڪومت کي ٻڌائي ٿو ته بيماري ڪهڙن ضلعن ۾ وڌيڪ آهي، ڪهڙي عمر جا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ ڪهڙي موسم يا ماحولياتي صورتحال سان ڪيس وڌي رهيا آهن. صحت کاتي کي ضلعي وار انگ اکر عوام آڏو آڻڻ گهرجن ته جيئن بيماري جي حقيقي صورتحال واضح ٿي سگهي ۽ وسيلن جي ورڇ به ضرورت مطابق ڪئي وڃي.

مڇرن جي خاتمي لاءِ مهم ۾ مڪاني حڪومتن جو ڪردار به بنيادي اهميت رکي ٿو. جيڪڏهن شهرن ۾ نالا گندگي سان ڀريل هجن، پاڻي بيٺل هجي، ڪچرو وقت سر نه کنيو وڃي ۽ نيڪال جو نظام ڪمزور هجي ته صرف صحت کاتي کي ذميوار قرار ڏيڻ مسئلي جو مڪمل حل ناهي. سنڌ حڪومت کي صحت، مڪاني حڪومت، بلديات، آبپاشي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي هڪ گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪرائڻ گهرجي. هر ضلعي ۾ ذميوارين جي واضح ورڇ ۽ ڪارڪردگي جي نگراني ٿيڻ گهرجي.

سنڌ حڪومت کي هاڻي واضح ڪرڻ گهرجي ته هڪ لک 17 هزار مليريا ڪيسن جي پسمنظر ۾ هن وقت تائين ڪهڙا حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، ڪهڙن ضلعن ۾ مڇر مار مهم هلائي وئي آهي، ڪيترو اسپري ڪيو ويو آهي، ڪيترا لاروا بريڊنگ سائيٽس ختم ڪيا ويا آهن ۽ ڪهڙن علائقن کي وڌيڪ خطري وارا قرار ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن مهم لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن ته انهن جي استعمال ۽ نتيجن جي نگراني پڻ ٿيڻ گهرجي. صحت عامه جي معاملن ۾ رڳو انگ اکر جاري ڪرڻ ڪافي ناهن؛ نتيجا به عوام کي نظر اچڻ گهرجن.

هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت بيمارين جا انگ اکر جاري ڪرڻ کان اڳ انهن جي روڪٿام لاءِ عملي قدم کڻي ۽ صحت عامه کي هنگامي ردعمل بدران مستقل ترجيح بڻائي. عوام کي بيماري کان پوءِ اسپتال ڏانهن موڪلڻ بدران بيماري کان اڳ ان کان بچائڻ ئي حقيقي عوام دوست حڪمراني جي سڃاڻپ آهي.

You might also like