تبديل ٿيندڙ موسم ۾ بيمارين جو خطرو، بچاءُ ڪيئن ڪجي؟

جيئن جيئن موسم تبديل ٿيندي آهي ته نزلي ۽ زڪام جهڙيون موسمي بيماريون به پکڙجڻ لڳنديون آهن.
پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته نزلي زڪام يا کنگهه کان بچڻ گھڻو سولو آهي ۽ رڳو هڪ شيءِ ياد رکڻ ضروري آهي، اها آهي هٿ ڌوئڻ.
جي ها واقعي هٿن کي سڄي ڏينهن ۾ هر هر ڌوئڻ اوهان کي موسمي نزلي زڪام کان بچائڻ جو اثرائتو طريقو آهي.
ماڻهو موسمي بيماري کي ڇو منهن ڏيندا آهن؟
موسمي بيماريون پکڙجڻ جو سڀ کان وڏو سبب اسان پاڻ ئي هوندا آهيون، جڏهن ڪو بيمار فرد کنگھندو آهي يا نڇ ڏيندو آهي ته جراثيم مختلف هنڌن جهڙوڪ فون، ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ، ميز يا اهڙن ئي هنڌن تي پهچي ويندا آهن، ائين ان وقت به ٿيندو آهي جڏهن ڪو بيمار فرد وات کي هٿ سان ڍڪي کنگھندو آهي يا نِڇَ ڏيندو آهي ۽ پوءِ هٿن سان مختلف شين کي ڇُهيندو آهي.
پوءِ جڏهن ڪو صحتمند فرد انهن جراثيمن سان آلودا شين کي ڇُهڻ کان پوءِ نڪ ۽ وات تي هٿ هڻندو آهي ته جراثيم جسم ۾ منتقل ٿي ويندا آهن ۽ اهو بيمار ٿي پوندو آهي.
هٿ ڌوئڻ ڪيئن تحفظ فراهم ڪندو آهي؟
موسمي بيمارين جو سبب بڻجندڙ ڪجهه وائرس مختلف شين جي سطح تي ڪلاڪن تائين زندهه رهي سگھن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هٿ ڌوئڻ انهن جراثيمن کي جسم جي اندر پهچڻ کان روڪڻ لاءِ بهترين طريقيڪار آهي.
جيڪڏهن اوهان بيمار آهيو ته هٿن کي ڌوئڻ سان جراثيمن کي پکڙجڻ کان ڪنهن حد تائين روڪڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي، هٿ ڌوئڻ سان موسمي بيمارين کان بچاءَ جي حوالي سان شاهديون به موجود آهن.
هٿن کي ڪيئن ڌوئڻ گھرجي؟
روز مرهه جي زندگي جي مصروفيتن ۾ گھڻا ماڻهو درست طريقي سان هٿ ناهن ڌوئيند،.
ان مقصد لاءِ پهريان هٿن کي پاڻي سان آلو ڪريو ۽ پوءِ صابڻ لڳايو، صابڻ جي گَجُ کي 20 سيڪنڊن تائين سٺي طرح هٿن تي رهڙيو، آڱرين جي وچ ۾ ۽ ننهن جي اندر به رهڙيو، ان کان پوءِ هٿن کي سٺي طرح ڌوئي ڇڏيو ۽ پوءِ خشڪ ڪري وٺو.
سڄي ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا هٿ ڌوئڻ موسمي بيمارين کان بچائي ٿو؟
ان جو انگ ته طئي ناهي پر اهو ڪم هر هر ڪرڻ گھرجي، مثال طور کائڻ کان اڳ ۽ بعد ۾، ٽوائلٽ وڃن کان پوءِ، آفيس يا اسڪول پهچڻ وقت، گهر موٽڻ وقت، گوشت، ڪچي ڀاڄي يا گند کي هٿ لڳائڻ کان پوءِ هٿن کي ڌوئڻ گهرجي، اهڙيءَ طرح کنگھڻ يا نڇ ڏيڻ کان پوءِ به هٿن کي ڌوئڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.