اسان ڪيلو کائڻ کانپوءِ ان جون کِلون اڇلائي ڇڏيندا آهيون پر جيڪڏهن توهان کي کلن جي فائدن جي خبر پئي ته اڳتي اهڙي غلطي نه ڪيو.
ڪيلي جي کلن جا فادوئي فائدا ڄاڻي يقينن توهان کي حيراني ٿيندي.
هونئن ته ڪيلو اسان جي صحت لاءِ تمام ضروري آهي پر ان سان گڏوگڏ ڪيلي جي کلن ۾ به اسان جي خوبصورتي جا راز لڪل آهن.
مُنهن تي موهيڙا ٿي وڃن ته ڪيلي جي کل کي اندرئين پاسي ڏانهن مَهٽيو، ان سان موهيڙا ختم ٿي ويندا.
جيڪڏهن اکين ڀرسان ڪارا داغ ٿي وڃي ته ڪيلي کي کل کي پيسي ان ۾ ڪنوار ٻوٽي جي جيل ملايو ۽ اکين وٽ لڳايو، ڪجهه ڏينهن ۾ توهان کي فرق نظر ايندو.
ڏندن تي ڄميل گند صاف ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ ٻه کان ٽي ڀيرا کلن کي ڏندن تي 5 سيڪنڊن تائين رَهڙي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو، ان سان ڏند چمڪيلا ٿي ويندا.
چهري تي پيل گهنج به ڪيلي جي کَل مهٽڻ سان ختم ٿي ويندا آهن.
ڪيلي جي کلن ۾ سٽرڪ ايسڊ ۽ اينٽي بيڪٽيريل خاصيتون هونديون آهن، جنهن سبب اهي خارش ۽ الرجي واري هنڌ مَهٽڻ سان به فائدو ٿيندو آهي.
You might also like