سائبر سيڪيورٽي محققن تنبيهه جاري ڪئي آهي ته هڪ جديد اسپاءِ ويئر جنهن کي ڊارڪسورڊ چيو ويندو آهي، لکين ايپل آءِ فونز ۾ داخل ٿي واهپيدارن جي نجي ڄاڻ ۽ ڊجيٽل اثاثا چوري ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
محققن موجب اهو ڊارڪسورڊ اسپاءِ ويئر ويجهي عرصي ۾ يوڪرين جي ڪيترين ئي ويب سائيٽن تي ڏٺو ويو، هن مهيني جي منڍ ۾ محققن هڪ ٻئي طاقتور آءِ فون اسپاءِ ويئر ڪورونا جو انڪشاف ڪيو هو ۽ ڊارڪسورڊ انهن ئي سرورن تي هوسٽ هو.
Lookout, iVerify ۽ گوگل گڏيل تجزيو شايع ڪندي ٻڌايو ته اهي ٻئي هيڪنگ ٽولز ظاهر ڪن ٿا ته جديد مالويئر مارڪيٽ مالياتي مفاد رکندڙ جوابدارن لاءِ ڪيتري حد تائين فعال آهي.
محققن ٻڌايو ته اهو مالويئر ios جي ورزنز 18.4 کان 18.6.2 استعمال ڪندڙ آءِ فون واهپيدارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جيڪي مارچ کان آگسٽ 2025 جي وچ ۾ جاري ڪيا ويا.
محققن جو چوڻ آهي ته انهن اهي خطرا ان لاءِ دريافت ڪيا، ڇو ته هيڪرن سيڪيورٽي ۾ اهڙيون غير معمولي غلطيون ڪيون، جيڪي عام طور تي رياستي سطح جي آءِ فون هيڪنگ ۾ ناهن ٿينديون.
You might also like