اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڪراچي ۾ 190 ملين پائونڊ ادائيگي بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي (اين سي اي) ۽ لاڳاپيل بئنڪ جا دستاويز سامهون اچي ويا ۽ لاڳاپيل بئنڪ بحريا ٽائون ڪراچي ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا.
دستاويز موجب ادائيگي ذاتي هدايتن، رضامندي سان سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي وئي، 190 ملين پائونڊ ملڪ رياض جي فيملي ميمبر اڪائونٽ هولڊر جي لکت هدايت تي پاڪستان ٽرانسفر ٿيا.
اين سي اي ۽ لاڳاپيل بئنڪ جا دستاويز برطانيا جي قانونن موجب آهن، ان تي قانوني ڪارروائي جو حق به برطانيا جي لاڳاپيل عدالتن جي خاص اختيار جي دائري ۾ آهي.
دستاويز ۾ برطانيا جي اين سي اي جو هڪ خط به شامل آهي.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته خط ۾ تصديق ڪيل اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم لاڳاپيل عدالت پاڻ خارج ڪري ڇڏيو.
ان سان ثابت ٿئي ٿو ته اهڙي ڪا به رقم پاڪستان حڪومت لاءِ ضبط نه ڪئي وئي هئي، ان جو مقصد بحريا ٽائون لاءِ استعمال ڪرڻ هو.
بحريا ٽائون ڪيس ۾ 190 ملين پائونڊ ادائيگي، اين سي اي ۽ بئنڪ جا دستاويز سامهون اچي ويا
You might also like