آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ملازمت لاءِ آمريڪا اچڻ وارن غير ملڪي هنرمندن لاءِ سالياني ويزا فيس 1500 ڊالر کان وڌائي هڪ لک ڊالر ڪئي ويندي. صدر ٽرمپ جمعي ڏينهن هڪ صدارتي حڪم نامو جاري ڪيو جنهن تحت هاءِ اسڪلڊ (ماهر) ماڻهن کي آمريڪا آڻڻ لاءِ ايچ ون بي پروگرام جي ويزا فيس ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ان حڪم سان آمريڪا ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپنيون خاص طور متاثر ٿينديون، ڇو ته انهن جي اڪثر افرادي قوت چين ۽ هندستان مان ايندڙ ماهرن تي ٻڌل آهي. ايچ ون بي ويزا سڄي دنيا مان ماهرن کي آمريڪا ۾ نوڪري جا موقعا مهيا ڪري ٿو.
هن منصوبي جي حوالي سان ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اهو آمريڪا جي مقامي مزدور قوت جو استحصال آهي، پر ايلون مسڪ جهڙا حامي چون ٿا ته هن پروگرام وسيلي دنيا جي بهترين ٽيلنٽ کي آمريڪا آندو وڃي ٿو. سنه 2004 کان آمريڪا ايچ ون بي ويزا جاري ڪرڻ جي سالياني وڌ ۾ وڌ حد 85 هزار مقرر ڪئي آهي. ان وقت هن ويزا جي فيس 1500 ڊالر آهي.ٽرمپ انتظاميا ۾ ڪامرس سيڪريٽري هاورڊ لٽنڪ چيو آهي ته هن فيصلي بابت سڀني وڏين آمريڪي ڪمپنين کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويو آهي. حڪومتي انگن اکرن مطابق گذريل مالي سال ۾ هن پروگرام مان سڀ کان وڌيڪ فائدو ايميزون کي ٿيو، جنهن کان پوءِ ٽيڪ ڪمپنيون ٽاٽا، مائڪروسافٽ، ميٽا، ايپل ۽ گوگل اچن ٿيون.
آمريڪا 1990 ۾ ايچ ون بي ويزا پروگرام شروع ڪيو هو. ان وقت کان وٺي سڀ کان وڌيڪ هندستاني ماهر هن ويزا وسيلي آمريڪا آيا آهن ۽ ٻئي نمبر تي چين آهي. صدر ٽرمپ جي انتظاميا پنهنجي نئين اميگريشن پاليسي تحت هن پروگرام جي به جاچ ڪري رهي آهي ۽ ٽرمپ گهڻو ڪري چوندو رهيو آهي ته غير ملڪي ماڻهو آمريڪين جون نوڪريون کسي رهيا آهن. صدر ٽرمپ جو حڪم 21 سيپٽمبر کان لاڳو ٿيندو ۽ ان جو اطلاق رڳو نون درخواست گذارن تي ٿيندو. آمريڪي وزير تجارت هاورڊ لٽنڪ موجب ڪمپنين کي هر درخواست گذار لاءِ ڇهه سال تائين هر سال اها رقم ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ڪمپنين کي اهو به ڏسڻو پوندو ته ڪو ماڻهو ايترو اهم آهي جو حڪومت کي ان لاءِ ساليانو هڪ لک ڊالر ڏيڻ گهرجي يا پوءِ ان کي واپس موڪلي ان جي جاءِ تي آمريڪي شهري کي نوڪري تي رکيو وڃي.
آمريڪي صدر جي حڪم کان پوءِ خبرون مليون آهن ته ڪمپنين پنهنجي ٻاهرين ملڪ ويٺل ايڇ ون بي ويزا هولڊرن کي چيو آهي ته هو 21 سيپٽمبر تائين آمريڪا موٽي اچن ۽ جيڪي ان وقت تائين نه پهچي سگهندا، انهن کي وڌيڪ هدايتن تائين سفر نه ڪرڻ جو چيو ويو آهي. آمريڪا ۾ هر سال 65 هزار ايڇ ون بي ويزا جاري ڪرڻ جي حد آهي، جڏهن ته 20 هزار اضافي ويزا انهن لاءِ رکيا ويندا آهن جيڪي آمريڪي تعليمي ادارن مان ماسٽرز ڊگري وٺندا آهن. اميگريشن تي تحقيق ڪندڙ اداري باؤنڊليس موجب لڳ ڀڳ 73 سيڪڙو ايچ ون بي ويزا هندستاني شهرين کي ملن ٿا ۽ 12 سيڪڙو چيني شهرين کي. سن 2023 جي انگن اکرن موجب ٽئين نمبر تي فلپائن، چوٿين تي ڪينيڊا ۽ پنجين تي ڏکڻ ڪوريا آهي. ايچ ون بي ويزا لاءِ بيچلر ڊگري لازمي آهي ۽ ان وسيلي آمريڪي ڪمپنيون اهڙن غير ملڪي ماهرن کي ڪم جي آڇ ڪن ٿيون، جيڪي آمريڪي شهرين جي ڀيٽ ۾ گهٽ اجرت تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. هن پروگرام وسيلي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فنانس، صحت ۽ انجنيئرنگ سميت ڪيترن ئي شعبن جا ماهر آمريڪا آندا وڃن ٿا.
آمريڪا ۾ ٽيڪنالاجي ورڪر عام طور ساليانو هڪ لک ڊالر کان وڌيڪ معاوضو گهرن ٿا، تنهنڪري ڪمپنين کي گهٽ پگهار تي غير ملڪي ماهر ملي وڃن ٿا. صدر ٽرمپ پنهنجي گذريل دور حڪومت ۾ به ايڇ ون بي پروگرام ۾ ڪجهه اهڙيون تبديليون ڪيون هيون، جن سان آمريڪي يونيورسٽين مان ماسٽر ڊگري رکندڙ غير ملڪن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ٿورو آسان ٿي ويو هو. آمريڪا ۾ ڪيترن ماڻهن جو خيال آهي ته ايڇ ون بي پروگرام ۾ ڪيترائي نقص آهن. انهن جو چوڻ آهي ته ان ۾ فراڊ به ٿئي ٿو ۽ ان جو غلط استعمال به ٿئي ٿو. خاص طور تي هندستاني آءِ ٽي ڪمپنين تي وڌيڪ آڱريون کڄن ٿيون، ڇو ته اهي سڀ کان وڌيڪ فائدو وٺن ٿيون.گذريل آڪٽوبر ۾ آمريڪي عدالت هڪ هندستاني ڪمپني بابت فيصلو ڏنو ته 2013 کان 2022 تائين غير هندستاني شهرين سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو، البت ڪمپني ان فيصلي خلاف اپيل جو ارادو رکي ٿي.
گذريل هفتي نيويارڪ ٽائمز جي فرح اسٽاڪ لکي هئي ته ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان ٽيڪ انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪين کي باقاعدي سان نوڪري مان ڪڍيو ويو ۽ انهن جي جاءِ تي ايڇ ون بي هولڊرز کي گهٽ تنخواهه تي رکيو ويو. آمريڪا ۾ هندستاني ٽيڪنالاجي انڊسٽري گروپ ’ناسڪام‘ جي نائب صدر شيوندرا سنگھه ان تاثر کي رد ڪيو آهي. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته ايڇ ون بي هولڊرن کي گهٽ اجرت نٿي ڏني وڃي ۽ نه ئي آمريڪي شهرين جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي ٿي.
هن چيو ته هندستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنين لڳ ڀڳ ڇهه لک آمريڪي شهرين کي نوڪريون ڏنيون آهن، جڏهن ته آمريڪا جي 130 ڪاليجن ۾ ٽريننگ پروگرامز جي مد ۾ هڪ ارب ڊالر خرچ ٿي رهيا آهن. صدر ٽرمپ جي حڪم تي سوشل ميڊيا تي به ردعمل ظاهر ٿيو آهي. آمريڪي رڪن ڪانگريس برينڊن گل چيو ته آمريڪا هڪ قوم آهي، غير ملڪي ڪارڪنن لاءِ نوڪري جو پروگرام نه. اسان جو ايڇ ون بي پروگرام گهڻي وقت کان غلط استعمال ٿي رهيو آهي. محمد زبير لکي ٿو ته آمريڪي صدر جي فيصلي سبب وڏي انگ ۾ هندستاني ماهرن کي واپس وطن وڃڻو پوندو.