امر پيرزادي جي شاعريءَ جا منفرد پاسا

تحڙير: امانت علي شيخ

دنيا جهان جي شاعريءَ جيان سنڌي شاعري جي به پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ حيثيت آهي جيڪا پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾ نرالي ۽ دلڪش آهي. امر پيرزادو به سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ اهڙو شاعر آهي جيڪو پنهنجي منفرد ڊڪشن ذريعي شاعريءَ جي باغ ۾ گل پوکي رهيو آهي. شاعري شعور جي پيداوار آهي ۽ شعور سماج منجهان ڦٽل آهي تنهنڪري شاعر/آرٽسٽ جو سماج ڏانهن جيڪو رويو هوندو آهي اهو سنجيده ۽ ذميواريءَ وارو هوندو آهي.

اهڙي سنجيدگي اسان کي امر جي شاعريءَ مان به جهلڪندي نظر اچي ٿي جڏهن اسان سندس نظم ”بک کي ڪٽ ڏيو“ پڙهون ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته سماجي معاملن ۾ ڪيڏو سنجيده آهي اوهان به سندس هي نظم پڙهو ۽ هڪ شاعر جي سنجيدگي پرکيو.

 

”غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان“

”غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

ڪچڙا ڪچڙا گهر اسان جا

تن جا ٿوڻيون ٿنڀ ٿيو هان

مينهن بڻيو آ ڇت اسان جي

پيرن هيٺان آھي  پاڻي

پير رکڻ لئه پٽ ڏيو هان

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان….

 

امدادن جون ٿيلهيون سکڻيون

ڪيسين تائين پيٽ ڀرينديون

ڏور نظر ڪا ڦيرايو هان

ڪوئي کولي هٽ ڏيو هان

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

 

شاعر جيئن ته حساس ٿيندا آهن جنهنڪري جنگ جا اثر هنن جي دلين ۾ جهير وجهي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ احساس ۾ ٻڏل شعر لکندا آهن جيئن اسرائيل فلسطين جي جنگ تي امر، جو هي نظم آهي ته،

”هو چون ٿا ٻارڙا مري ويا

ڀورڙا ڪي ڪارڙا مري ويا

سوڳ ۾ آڪاس ڀي اجهاميو

ڇو ته ان جا  تارڙا مري ويا“

 

شاعريءَ ۾ فڪر ۽ فن ٻنهي جي اهميت آهي، شاعريءَ ۾ تخليقي پاسو سگهارو هوندو ته ماڻهو روحاني ۽ دلي طور سڪون محسوس ڪندو ۽ فڪري پاسو سگهارو هوندو ته ذهني طور ماڻهو هڪ قسم جي عياشي محسوس ڪندو. شاعري نازڪ ۽ نفيس جذبن جو اظهار به آهي جيڪي انساني زندگيءَ جو اهم حصو آهن جيڪو انسان داخلي طور محسوس ڪندو آهي انهن جذبن جو ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام آهي دنيا جي هر وڏي شاعر ان تي لکيو آهي، زندگي تڏهن پنهنجي لڳندي آهي جڏهن اوهان پنهنجي مجازي محبوب يا مقصد سان گڏ گذاريو نه ته ايئن لڳندو ته اوهان جيڪا زندگي گذاريو پيا سا اوهان جي پنهنجي نه پر ڪنهن ٻئي جي آهي،

 

”تو سوا زندگي جا  نڀائي هئي

سا ته پنهنجي نه هئي سا پرائي هئي“

 

شاعريءَ ۾ خيال يا پيغام واضح هجڻ گهرجي اهو غير مبهم نه هجي، واقعن ۽ احساسن جي ترتيب اهڙي هجي جو ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هڪ چٽو ۽ واضح خاڪو جڙي. اسان وٽ اڪثر شاعري اهڙي آهي جنهن ۾ پيغام واضح نه پر انتشار جو شڪار هوندو آهي جنهن ڪري اهو شعر مڃتا ماڻي نه سگهندو آهي، پر امر وٽ اهو ڪمال آهي ته هن وٽ جيڪو به خيال يا پيغام آهي اهو واضح ۽ سمجهھ ۾ ايندڙ آهي جيڪا سندس وڏي خوبي آهي. جيئن سندس هي نظم آهي،

”لاچاري“

”ڪيئي ماتم

گڏجي ويا هن

ڪهڙو ماتم

اڳ ۾ ڪجي

مال مرڻ جو

فصل ٻڏڻ جو

هڙ وڃڻ جو

گهر ڊھڻ جو

ڳوٺ ٻڏڻ جو

ڳوٺ ڇڏڻ جو

جيون تان

ارواهه کڄڻ جو

ڳوٺ سڄي جي

ساهه سڪڻ جو

لاچاري جي

زهر پيئڻ جو

ڪيئي ماتم

گڏجي ويا هن

ڪهڙو ماتم اڳ ۾ ڪجي

ڪهڙو ماتم اڳ ۾ ڪجي؟“

شاعري هجي ۽ محبت جي ڳالھه نه ٿئي اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ محبت به اهڙي جو ماڻهوءَ جي تن ۽ من ۾ باھ لڳايو ڇڏي. ڪجهھ شعر مصري پيل کير جي ڍُڪ جهڙا مٺا هوندا آهن جن جو تاثير روح جي گهرائين تائين پهچي ويندو آهي، اهڙي تاثير هن نظم مان به محسوس ڪري سگهجي ٿي.

”جسم جي جيڪٽ

ساٿ جي لوئي

حسن جي سگري

ڳالهين جي  ڪافي

ٿي سگهي ته کنيون اچجان

جدائي جو ڏاڍو سيء

پيو آ

ُوصل جو مچ ئي وسي ويو آ“

نظم سان گڏ امر جي غزل جو به پنهنجو الڳ سڀاءُ ۽ حسناڪي آهي جنهن ۾ سندس خيال جي پختگي ۽ تخليقي اڏام پسي سگهجي ٿي، ماڻهو ڀلي سماجي لاڳاپن جو مجموعو هجي پر شاعر احساسن ۽ نازڪ جذبن جو مجموعو هوندو آهي. شاعر وٽ احساسن جو سمنڊ هوندو آهي جنهن ۾ هو پيو ترندو ۽ تڙڳندو آهي، هي احساس ڪيڏو نه خوبصورت آهي جڏهن چنڊ کي ڏسڻ ماڻهوءَ جي سار ۾ بلدجي وڃي ۽ ڪوئي چنڊ جهڙو چهرو ياد اچي وڃي، هن شعر تي ته گهور وڃڻ تي دل پئي چوي.

”هو چنڊ ڇو آڪاش جو

ڪا سار ٿو بڻجي وڃي“

ڀلا هن شعر کي ڪو نظرانداز ڪري سگهي ٿو؟ ماڻهو شعوري ۽ نظرياتي طور ڪيڏو به اڳتي وڃي هيءَ ڪيفيت سندس پيڇو ڪونه ڇڏيندي، هي شعر حقيقت جي ڪيڏو نه ويجهو آهي ۽ امر ڪيڏي نفاست سان هن کي ترتيب ۾ آڻي رکيو آهي، اوهان به پڙهو هي شعر.

”ها مان وهمي ناهيان پر ٿو ساھُ وڃي

تو جو ايڏي دير اچڻ ۾ لاتي آ“

محبت يا ڪنهن به رشتي ۾ ڪجهھ پل اهڙا اچي ويندا آهن جنهن کان پوءِ حالات ساڳيا نه رهندا آهن. حالانڪه ڏسجي ته اهي ڳالهيو ڪي ايڏيون وڏيون نه هونديون آهن جيڪي تعلقن ۾ ديوار بڻجي وينديون آهن بس ماڻهو جذباتن جي وهڪري ۾ وهي اهڙا فيصلا ڪري ويهندو آهي جن جو نتيجو صرف ۽ صرف پڇتاءُ هوندو آهي، اهڙو موڙ شايد امر جي زندگيءَ ۾ به آيو هوندو تڏهن ته هن هي ڪمال شعر لکيو.

”جنهن ڪري پيار پنهنجو نه ساڳيو رهيو

ڳالهھ ڏسجي ته ڪيڏي اجائي هئي“

مجموعي طور تي آئون اهو چوندس ته امر پيرزردو نظم ۽ غزل ٻنهي جو انتهائي پختو شاعر آهي جنهن وٽ فن ۽ فڪر جي کوٽي ڪونهي، وٽس احساسن ۽ جذبن جو به اڻکٽ جهان آهي، سندس شاعري سمجهھ ۾ ايندڙ ۽ پيغام سان ڀرپور آهي، هُن وٽ لکڻ جو پنهنجو هڪ الڳ ڍنگ آهي جيڪو دل لڀائيندڙ آهي، اميد ڪريان ٿو پاڻ سنڌي شاعريءَ جي باغ ۾ اڃان نوان گل پوکيندو رهندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.